پيڪجڊ کير توهان جي ٻارن جي صحت ۽ نشو ونما جو ضامن:تحرير : محمد صالح بلوچ

هر ماءُ پيءُ جي خواهش هوندي آهي ته هو پنهنجي ٻارن کي کلندڙ مهڪندڙ ، صحتمنڌ ۽ تندرست وڌندڙ زندگيءَ ڏانهن ڏسڻ چاهيندا آهن. سڀئي والدين پنهنجي ٻارن کي آئن اسٽائن وانگر روزگار سان ڏسڻ چاهينداآهن ته جيئن انهن کي پنهنجو ذاتي آئن اسٽائن جهڙي صحتمند خوراڪ فراهم ڪئي وڃي. جيڪو ٻار جي نشو و نما کي اڳتي وڌائي ٿو ان ڪري کير جي استعمال جي اهميت تي ڪنهن به انسان کي انڪار ڪونهي، جيتوڻيڪ ٻارن ۽ نوجوانن کي صحتمند جهڙي زندگي ڏانهن آڻڻ ڪنهن شينهن کان گهٽ ڪونهي، پنهنجي ٻار کي کير پيئڻ ڏانهن راضي ڪرڻ لاءِ هڪ ماءُ ٻار کي ڪهڙي طرح دلاسا ڏيئي کير پياري ٿي، اهو منظر ڪنهن به ماءُ کان ڳجهو ڪونهي. ٻارن ۽ وڏن کي به ڪنهن به وقت کير پيارڻ جي لاءِ راضي ڪرڻ واري جنگ رڙ ڪري گهرائڻ کان لڪيل ڪونهي. وڏا ٻار ته کير جي خوشبو سنگهي ائين ڀڄندا آهن ته ڄڻ ڪنهن زهر پيارڻ جو چئي ڇڏيو هجي. انسان ذات ۾ صحتمند ترين مشروبات ۾ غذائيت سان ڀرپور پهرين خالص غذائيت سان ڀرپور خالص شڪل ۾کير ئي هوندو آهي. مضبوط هڏين لاءِ ڪيلشيم ۽ فاسفيٽس، توانائي جي لاءِ ڪاربو هائيڊريٽس ۾ نشو و نما لاءِ پروٽين، رت جي ڳاڙهن جزن لاءِ رائبو فيلون ۽ مضبوط جسم لاءِ کوڙ سارين ٻين شين جي فراهمي لاءِ کير جو استعمال اڻ کٽ آهي پر پنهنجي انهن سمورين غذائي خوبين جي باوجود کير عام طور تي ٻارن ۽ نوجوانن لاءِ ڪا خاص ڪشش نه ٿو رکي. ڪو وقت اهڙو هو جو مائرون ڪچي کير ۾ ميوه ۽ ان قسم جون شيون ملائينديون هيون. پرهاڻي ڪمپنين اهو فرض پنهنجي مٿي کڻي مائرن جي ڪلهن تان بار هٽائي ڇڏيو. پر حقيقت ۾ اڄ به مائرون پنهنجي ٻارن جي ضروري غذائي شين جي فراهمي ۾ پريشان ۽ منجهيل ڏٺيون وڃن ٿيون.

مائرن جي اهڙي پريشاني ۽ حقيقت کي سامهون رکندي کير پيئڻ ڪيترو ضروري آهي، کير ڪمپنيون هاڻي فوري کير جو حل پيش ڪري رهيون آهن. هن وقت لوڪل سپر مارڪيٽن انتهائي بلند درجي حرارت تي ٽيڪنالوجي UHT جو استعمال ڪندي دٻن ۾ محفوظ صحتمند خالص کير ڏئي رهيون آهن. UHT ٽيڪنالاجي سان بندڪيل کير جي دٻن هاڻي ٻارن جي دنيائي تبديلي ڪري ڇڏي آهي. اهي گهمڻ ڦرڻ وقت هٿن ۾ کير جا دٻا کڻي گهمندا ڦرندا آهن ۽ ان نئين انداز سان لطف اندوز ٿيندا رهندا آهن.UHT ٽيڪنالوجي سان ٺهيل ان کير جي دٻن کي سڄي دنيا مان موٽ ملي رهي آهي. انهن کي ڪهڙي به موسم ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو ۽ ان جي درجي حرارت بهتر رهي ٿي. پر شرط اهو آهي ته مدو ختم ٿيل نه هجي. اهو نه فقط ٻارن جي غذائيت فراهم ڪري ٿو پر ان ۾ کير جا ضروري غذائي جذا پڻ شامل آهن. جڏهن ته ان جو ذائقو تمام بهترين ۽ ٻارن کي گهربل توانائي مضبوطي، طاقت سان وڌ ۾ وڌ طبعي ۽ ذهني نشو و نما لاءِ اڪسير آهي. تحقيق ٻڌائي ٿي ته غذائيت جو گهڻو ڪري نقصان تقريبن پروسيس جي نتيجن ۾ ٿئي ٿو. پاڪستان ۾ کير کي استعمال جي قابل بڻائڻ لاءِ عام طور تي ڪجهه وقت لاءِ چلهي تي گرم ڪرڻ لاءِ چاڙهيو وڃي ٿو جڏهن ته، انڊسٽريل پروسيسنگ ۾ گرمائش لاءِ الٽرا هائي ٽيمپريچر پروسيس کي عمل ۾ آندو وڃي ٿو جنهن ڪري کير کي 130 ڊگري سينٽي گريڊ تي گرم ڪيو وڃي ٿو ۽ فورن دٻن ۾ بند ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ هڪ سيڪنڊ جي لاپرواهي به سموري کير کي خراب ڪري سگهي ٿي. خوراڪ ۽ خاص ڪري کير کي محفوظ ڪرڻ لاءِ هي عام طور تي بنيادي طريقي ڪار آهي جڏهن ته کير کي گرم ڪرڻ جو وقت گهٽ هوندو آهي ته جيئن غذائيت وڌ کان وڌ برقرار رهي وڌيڪ گرم ڪرڻ سان کير جا ڪيترا انتهائي حساس جذا پنهنجي شڪل تبديل ڪري ختم ٿي وڃن ٿا.

UHT ٽيڪنالوجي سان تيار ڪيل کير جا گهڻا فائدا آهن جنهن کي استعمال ڪرڻ لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گهرجي اهي ٻارن جي غذائيت کي هڪ پرڪشش صحتمند پيڪيج جون ضرورتون پوريون ڪن ٿا. انتهائي بلند درجي حرارت تي مشتمل هن ٽيڪنالوجي ذريعي بند کير سان لاڳاپيل غذائي قدر ۽ قيمت جي متعلق ماڻهن جي گهڻائي اڻ واقف آهي ۽ انهن کي خبر هئڻ گهرجي ته UHT  سان بند کير عام کليل کير جي مقابلي ۾ وڌيڪ صحتمنڌ هوندو آهي جيئن ته اسان جي گهرن ۾ کير کي اوٻارڻ کان پوءِ ان جا 50% سيڪڙو غذائي جزا ختم ٿي ويندا آهن ايستائين جو هول سيل کير جي دڪان تان ورتل کير ۾ نقصان جا خدشا اڃان وڌي ويندا آهن. مائرون عام طور تي ان ڄاڻ کان اڻ واقف هونديون آهن. ان وقت انهن کي ڄاڻ جي وڌيڪ ضرورت هوندي آهي ته جيئن ٻارن کي UHT سان تيار ڪيل کير جي استعمال ڪرڻ جو وارو اچي. جيترو ٿي سگهي ٻار کي مضبوط کير جي شروعات سان UHT جا تيار ڪيل کير جا دٻا استعمال ڪرايا وڃن. خاص ڪري ننڍي عمر ۾ ٻارن جي هڏين کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪيلشيم جي ضرورت هوندي آهي ان جي نتيجي ۾ ايندڙ وقت جا صحتمند ذهن ۽ جسم رکڻ وارا جوان اڀرندا اوهان پنهنجي ٻارن کي بهترين ڪارڪردگي ۽ طاقت آڻڻ لاءِ انتهائي بلند درجي حرارت تي محفوظ ڪيل کير جو استعمال ڪرايو جيڪو اوهان جي ٻارن جي نشو و نما جو ضامن آهي.

*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *