پاڻي جي کوٽ ۽ پاڪستان جي معيشت تي پوندڙ اثر..!!!: غلام مصطفي جمالي 

اسٽيٽ بئينڪ آف پاڪستان  پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ايندڙ تورڙي وقت اندر پاڪستان اندر پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ويندي جنهن پاڻي جي کوٽ سبب ملڪ جي معيشت تي اهڙا اثر پوندا جو ملڪ جي معيشت پاڪستان واسين لاءِ هڪ وڏو چئلنج هوندو.بدلجندڙ موسمون ۽ شهرين جي وڌندڙ آبادي ۽ پاڻي جي قلت شهرين توڙي ٻهڙارين واري علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ انساني زندگي توڙي جنگي جيوت ۽ جانورن لاءِ تمام گهڻي خطرناڪ ثابت ٿيندي.سٽينٽ بئينڪ آف پاڪستان پنهنجي سال 2016ع ۽ 2017ع جي هڪ جائزي رپورٽ اندر اهڙو انڪشاف ڪيو ويندو آهي جنهن اندر سٽينٽ بيننڪ آف پاڪستان اهو به چيو آهي ته پاڻي جي مسلسل وڌندڙ کوٽ خلاف حڪومت موثر حڪمت عملي جوڙي ڪري پاڻي جي معاملي تي غور ويچار ڪري.جڏهن ته پاڻي بابت ماهرين ڪيتري عرصي کان وٺي خبردار ڪندا پيا اچن.

هر سال جيان هن ٻن سالن اندر به  پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي تربيلا ڊيم ۾ مسلسل پاڻي کي کوٽ ٿي رهي آهي، جڏهن ته هن وقت پاڻي گهڻي سنگين صورتحال اختيار ڪري ويو آهي جنهن مان بجلي جي پيداوا ۾ مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي ۽ اهو عام ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي ته پاڻي جي کوٽ بجلي جي بحران جو اهم سبب بڻبي ۽ ملڪ ۾ هن وقت جيتري بجلي جي لوڊشِينگ هلي رهي آهي انهي لوڊ شِيٽگ ۾ پڻ واڌ جو انديشو آهي جنهن سان ملڪ جي معيشت تي وڏي اثر پوندو،۽ حڪمرانن جون ملڪ مان بجلي جي بحران کي ختم ڪرڻ واريون ڳاليهون صرف هڪ ڳالهين تائين محدود ٿي وينديون.جڏهن ته هن وقت سموري ملڪ اندر بجلي جو سنگين بحران هلي رهيو آهي ۽ بجلي ۾ پيدوار ۾ 40کان 50فيصد کوٽ ٿي وئي آهي،هن وقت تربيلا اندر پاڻي جي کوٽ ٻڌائي پئي وڃي ٻئي پاسي منگلا ڊيم اندر صرف پاڻي  فٽن تي  وڃي بچيو آهي،ٻنهي ڊيمن ۾ مسلسل پاڻي جي کوٽ ذرعي ضرورتن لاءِ پڻ هڪ وڏو سواليه نشان بڻيل آهي،خاص طور صوبي سنڌ اندر جتي سال جا ٻارهن مهينا پاڻي جي کوٽ رهندي آهي، حڪومت تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ عالمي بينڪ کان وڌيڪ قرض حاصل ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي جي حوالي سان اجلاس پڻ  ٿيو هو. جنهن اجلاس ۾ انٽرنيشنل بئنڪ جي نمائندن به شرڪت ڪئي هئي . اجلاس ۾ ورلڊ بئنڪ جي اختيارين ٻڌايو ته تربيلا ڊيم جي واڌاري واري منصوبي لاءِ قرض جو انتظام ٿي ويو آهي. ته انٽرنيشنل بئنڪ 39 ڪروڙ ڊالر ڏيندي. هنن چيو هو ته ايشين بئنڪ منصوبي جي انفراسٽڪچر انسويسٽ مينٽ لاءِ 30 ڪروڙ ڊالر جڏهن ته داسوڊيم لاءِ ٻه ارب ڊالر به ڏيندي..   تربيلا ڊيم پاڪستان لاءِ اهم تاريخي ڊيم آهي. حڪومت لوڊشيڊنگ جي خاتمي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي. توانائي شعبي ۾ سڌارا حڪومتي ترجيحن ۾ شامل آهن.پر وري ٻئي پاسي ڪالهه حڪومت پاران اهو به اعلان ڪيو ويو آهي ته تربيلا ڊيم اندر پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي آهي انڪري ملڪ مان لوڊشينگ ختم ڪرڻ نه پري جي ڳالهه آهي پر وڌيڪ لوڊشِيٽنگ ٿيڻ جا امڪان آهن،پاڪستان واپڊا پاران جيڪا لسٽ جاري ڪئي وئي آهي ان اندر ٻڌايو ويو آهي تربيلا ڊيم اندر پاڻي جو ذخيرو1380ڊيڊ لائين تي اچي پهتو آهي،جڏهن ته ڊِيم جو استعمال لاءِ قابل پاڻي صرف ۽ صرف 60هزار ڪيوسڪ وڃي بچيو آهي، تربيلا ڊيم اندر پاڻي جي آمد16هزار800ڪيوسڪ آهي ۽ پاڻي جو نيڪال 60هزار ڪيوسڪ آهي،انڪري ايندڙ هفتي تائين تربيلا ڊيم مان ايترو پاڻي خارج ڪري سگهجي ٿي جيترو پاڻي تربيلا اندر داخل ڪيو ويندو.

اختارين پاران اهڙو به بيان ڏنو ويو آهي ته جيڪڏهن تربيلا مان پاڻي جو نيڪال وڌيڪ ڪيو ويو ته ان سان هائيڊل پاور سسٽم کي پاڻي جي موجود کان وڌيڪ نقصان پهچائي سگهي ٿي،هڪ طرف تربيلا ڊيم جي صورتحال ڪجهه اهڙي آهي ته ٻئي پاسي ٻيو پاڻي جي ذخيرو جو وڏي ۾ وڏو ڊيم منگلا ڊيم جنهن اندر پاڻي جو ذخيرو ڊِيڊ ليول14فٽ کان مٿي جي آهي،جتي هن وقت پاڻي جو ذخيرو1050فٽ جي سطح تي آهي،جڏهن ته ڊِيڊ ليول1040فٽ آهي،جنهن ڪري اهو خدشو آهي ته انهي ڊيم اندر به ٻن ڏينهن ۾ پاڻي ڊيڊ لائين تي پهچي ويندو. هن وقت منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي آمد 2600هزار700ڪيوسڪ آهي ۽ نيڪال 20 ڪيوسڪ آهي،جڏهن ته قابل استعمال پاڻي جو ذخيرو1لک2هزار ڪيوسڪ آهي، ۽ ٻئي پاسي اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان جي هڪ ٻئي وڏي ڊيم ريزروائر ۾ به پاڻي جي مسلسل کوٽ ٿي رهي آهي،جنهن اندر به پاڻي جو گڏ ڪيل ذخيرو تقريبن ختم ٿيڻ وارو آهي،جتي پاڻي جي ڊِيڊ لائين 637فٽ آهي ۽ هن وقت اتي پاڻي جي سطح 639فٽ آهي،

اختيارين پاران ٻڌايو ويو آهي ته ٻنهي ڊيمن اندر پاڻي جي مسلسل کوٽ انتهائي سنگين صورتحال اختيار ڪري وئي آهي،۽ بجلي جي پيدوار صرف هڪ هزار ميگا واٽ وڃي رهي آهي،جيڪا پاڻي جي پوري دستيابي وقت 5هزار ميگا واٽ بجلي پيدا ڪندي هئي،جنهن ڪري ڊيمن ۾ پ/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 02
اڻي جي مسلسل کوٽ سبب بجلي جي/ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 01
پيداور ۾ پريشانيون پيش اچي رهيون آهن ۽ ملڪ کي بجلي جي فراهمي لاءِ سمورو بار ٿرمل پاور هائوس ۽ گئس پارو پلانٽن کي برداشت ڪرڻو پوندو،جنهن مان اهو واضع آهي ته پوري ملڪ اندر بجلي جي بحران جو انڊيشو آهي،۽ ،ملڪ ۾ بجلي جي قلت 4هزار ميگا وارٽ تائين پهچي سگهي ٿي،انڪري شهري آبادي گهٽ ۾ گهٽ 6 ۽ ٻهراڙين واري علائقن ۾ بجلي جي لوڊشيٽنگ 9کان 10 ڪلاڪ ڪئي ويندي،۽ اها بجلي جي لوڊشِينگ گليشيئر تان جيستائين برف نه ٿي ڳري ان وقت تائين بجلي جو بحران برقرار رهندو،۽ جڏهن جبلن تان برفف ڳڙي پاڻي جي صورتحال اختيار ڪري ڊيمن ۾ داخل ٿيندي ان وقت ٻئي ڊيم پاڻي جي بحران کان بچي ويندا.

پاڻي جي مسلسل کوٽ جتي پاڪستان اندر وڏا بحران پيدا ڪيا آهن اتي پاڪستان جي صوبي سنڌ ۾ به وڏيون تباهيون آنديون آهن، اسان جي سنڌ ۾ سڀئي پڇڙين واريون آباديون پاڻي جي هڪ ڦڙي لاءِ  تڙپي رهيون آهن ۽ هر طرف ڪربلا جا منظر آهن هن زرعي ملڪ ۾ ماڻهن جو 100 سيڪڙو گذارو ٻني ٻاري تي آهي ۽ پاڻي نه هجڻ سبب زمينون ڀڙڀانگ بڻجي ويون آهن جنهن سبب ماڻهو لڳ ڀڳ چئن سالن کان بلڪل بيروزگار بڻجي ويا آهن جنهن سبب هڪ پاسي ته ماڻهن وڏي پيماني تي لڏپلاڻ ڪئي آهي ته ٻئي طرف شهر ويران بڻجي ويا آهن. اها صورتحال صرف ۽ صرف پاڻي جي کوٽ جي ڪري پيدا ٿي آهي،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *