پاڻيءَ جي اهميت ؛سرور بلوچ

پاڻي پيئڻ، پيارڻ ۽ پاڻ کي صاف سُٿرو رکڻ لاءِ ڪتب آڻجي ٿو. پاڻي انسان، جانور، جيت، جيوڙا، پکي پکڻ پيئن ٿا، ڇو ته پاڻي زنده رهڻ لاءِ ضروري آهي. جڏهن ته فصلن، ٻوٽن ۽ وڻن کي پاڻي پيارڻو پوندو آهي، انهن جي واڌ ويجهه لاءِ به پاڻي سڀ کان اهم آهي، ان سان گڏوگڏ پنهنجي پاڻ کي ۽ ٻين ڪيترين ئي شين کي صاف سُٿرو رکڻ لاءِ پاڻيءَ جو استعمال ڪجي ٿو. پاڻي مختلف ذريعن مان ملي ٿو جيئن برساتون پوڻ ڪري، پهاڙن تي ڄميل برف ڳرڻ ڪري ۽ زمين (جر) مان اسان پاڻي حاصل ڪندا آهيون پر انهن ذريعن مان حاصل ٿيندڙ پاڻي جڏهن اسان تائين پهچي ٿو ته ان جي ڪهڙي حالت هوندي آهي ان تي ضرور غور فڪر جي ضرورت آهي.

سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۽ ٻين مختلف ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن کي پاڻي پهچائڻ جا ڪجهه ذريعا ڪينجهر، منڇر، هاليجي جهڙيون ڍنڍون آهن، انهن ڍنڍن جي حالت ۽ حفاظت جو نظام ڏسجي ته بي اختيار زبان ۾ نڪري ايندو ته اهو پاڻي سو به ان حالت ۾ ”زندگي نه موت آهي.“  پاڻي هر ساهواري لاءِ انتهائي ضروري آهي ۽ ان کي گدلو ڪرڻ جا ذميوار به وڏي حد تائين اسين پاڻ ئي آهيون، اسان جي پاڻي جو هڪ ذريعو معنيٰ ته ڍنڍون جنهن ۾ ڪارخانن جو ڪيميڪل مليل گندو پاڻي شامل ٿئي پيو، خاص ڪري ڪينجهر ۽ هاليجي ڍنڍون جنهن جي تباهي ۾ اسان جي لاپرواهي جو وڏو هٿ آهي. ڍنڍون نه رڳو انسانن کي پاڻي پهچائڻ جو اهم ذريعو آهن پر اهڙيون قدرتي ڍنڍون ٻين جاندارن لاءِ پڻ پناهه گاهه ۽ پاڻي ڏيڻ جو ذريعو آهن. ساڳئي طرح منڇر ڍنڍ ۾ پڻ ڪنو ۽ زهريلو پاڻي شامل ڪري ان کي تباهه ڪيو پيو وڃي ۽ اهي ساڳيا مسئلا ٻين ڍنڍن ۽ پاڻي پهچائڻ جي ذريعن سان به آهن. پاڻي پهچائڻ جو هڪ ٻيو ذريعو واهه يا شاخون به آهن جن ۾ برساتن جو پاڻي يا پوءِ پهاڙن تي ڄميل برف ڳرڻ سبب پاڻي پئجي ٿو، انهن سان به ساڳئي ويڌن آهي، جيڪا ٻين ذريعن سان آهي ۽ انهن واهن جو پاڻي وري شهرن ڏانهن منتقل ڪجي ٿو، جيئن شهرن ۾ گهر گهر پاڻي پهچائڻ لاءِ واٽر سپلائي اسڪيمون جوڙيون ويون آهن، تن جي حالت به خاص بهتر نه آهي. شهرن ۾ جُڙيل پاڻي جي ذخيرن جا مرڪز جن کي واهن يا شاخن مان پاڻي ڏجي ٿو ۽ اهو پاڻي  تلائن ۾ محفوظ ڪري پوءِ پائپن ذريعي شهر ۾ سپلائي ڪجي ٿو پر انهن ذخيرن تائين پاڻي پهچائڻ جي نالين ۽ شاخن ۾ گهرن جو ڪنو پاڻي شامل ڪيو وڃي ٿو ۽ مال وهنجارڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، گاڏيون ڌوئڻ جهڙا ڪم پڻ ڪجن ٿا.

پاڻي حاصل ڪرڻ جو ٻيو ذخيرو زير زمين (جر) جو پاڻي آهي، جنهن جي سطح  پڻ هاڻ تيزيءَ سان گهٽجي يا هيٺ ٿيندي پئي وڃي. ماهرن موجب ايندڙ ڪجهه سالن اندر زير زمين پاڻيءَ جي سطح ۾ اڃان به وڌيڪ گهٽتائي اچي سگهي ٿي. هڪ پاسي ماحولياتي تبديلين ڪري گهٽ برساتون يا وري حد کان وڌيڪ برساتون ٿي رهيون آهن ته وري اهڙي صورت ۾ جڏهن زمين جي پاڻيءَ جي سطح هيٺ وڃي ته اهو وڌيڪ نقصان جو سبب بڻجي سگهي ٿو.

پاڪستان جي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي پيئڻ جي صاف پاڻيءَ کان محروم آهي ۽ اها آبادي آلوده ۽ سيوريج جو مليل پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. آبادي جو هڪ وڏو انگ صاف پاڻي واپرائڻ کان لاچار آهي ۽ انهن کي آلوده پاڻي ملي ٿو، پوءِ ڀل انهن کي اهو پاڻي ڍنڍن جي ذخيري مان ملندو هُجي يا درياهن ۽ واهن يا وري اُهي زير زمين (جر جو پاڻي) واپرائيندڙ هُجن. اها صورتحال رڳو پاڪستان جي نه آهي پر دنيا جا ٻيا مُلڪ به اهڙي ئي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهن. *******(جاري)

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *