پاڪ – چين دوستي جو سال 2015ع چيني صدر جي دوري سان جُڙيل پاڪستان جي ترقي: جاويد ابڙو

ويهين ۽ ايڪهين اپريل 2015ع پاڪستان لاءِ اهي تاريخي ڏينهن آهن، جن کي وڏي اهميت ۽ خاص حيثيت ڏني پئي وڃي، ڇو ته 20هين اپريل تي چيني صدر زي جن پنگ جي اسلام آباد آمد ۽ اڄ پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس کي سندس خطاب تاريخي موقعا ۽ خصوصي اهميت رکن ٿا، چيني صدر جي دوري دوران سڀ کان وڌيڪ ڌيان مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ سيڪيورٽي جي منصوبن تي ڏنو پيو وڃي. ڪالهه چيني صدر جيئن ئي پاڪستان جي سرزمين تي قدم رکيو ته ان وقت پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واقعي تمام گهڻي ويجهڙائپ ۽ ڀائپي محسوس ڪئي وئي، جڏهن ملڪ جي اعليٰ قيادت صدر پاڪستان ممنون حسين، وزيراعظم نوازشريف، وفاقي وزيرن ۽ آرمي چيف جنرل راحيل شريف سميت هٿياربند فوج جي ٽنهي سربراهن چيني صدر زي جن پنگ جو گرمجوشي ۽ شاندار نموني استقبال ڪيو پئي ته ائين لڳو ڄڻ پاڪستان کي ترقي جي راهه تي آڻيندڙ حقيقي دوست تائين پهچڻ جي منزل ملي وئي آهي. اها نهايت سرهائي جي ڳالهه آهي ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي لنگهه تعمير ڪرڻ لاءِ اهم منصوبي تي اتفاق ڪيو پيو وڃي، جنهن جي تعمير تي لڳ ڀڳ 50 بلين آمريڪي ڊالرز جي برابر خرچ ايندو. ان منصوبي تحت پاڪستان جي ايراضي جي لحاظ کان سڀ کان وڏي صوبي بلوچستان ۾ گهري سمنڊ سان تعلق رکندڙ گوادر جي بندرگاهه کي چين جي خودمختيار اولهه واري علائقي سنڪيانگ سان جوڙيو ويندو. 3 هزار ڪلوميٽر ڊگهي منصوبي تحت مستقبل ۾ گوادر ۽ سنڪيانگ وچ ۾ نين شاهراهن ۽ ريل رستن سميت گئس ۽ تيل جون پائيپ لائينون پڻ وڇايون وينديون.

پاڪ چين اقتصادي لنگهه جو منصوبو ڪيترن ئي مرحلن بعد 2030ع تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان منصوبي لاءِ وڌ کان وڌ رقم چيني سيڙپڪاري جي صورت ۾ پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندي. ٻڌايو پيو وڃي ته منصوبن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ مالي وسيلن ۾ قرض به شامل آهن، جن تي نرم شرط رکيل هوندا ۽ اها رقم بيجنگ حڪومت اسلام آباد انتظاميا کي فراهم ڪندي، پر اڃا اها ڳالهه واضح نه ڪئي وئي آهي ته اها رقم ڪيتري هوندي، جيڪا قرض جي مد ۾ ڏني ويندي. بهرحال، ان عظيم ترين اقتصادي ترقياتي منصوبي لاءِ پاڪستان رستن جي تعمير، بجلي جي پيداوار جي منصوبن ۽ سيڙپڪاري خطن لاءِ چين کي زمين فراهم ڪندو. اقتصادي لنگهه جي مختلف منصوبن تي عملدرآمد دوران پاڪستان پاڻ وٽ ڪم ڪندڙ چيني ڪارڪنن ۽ ماهرن جي حفاظت لاءِ خصوصي جٿن جو تعداد به وڌائي ڇڏيندو. چين گوادر جي بندرگاهه کي جديد ترين بڻائيندو، جنهن بعد پاڪستان ۽ چين وچ ۾فاصلو گهٽ ٿي ويندو، پر ان سان گڏوگڏ يورپ سان ٿيندڙ واپار تي ايندڙ لاڳت ۾ پڻ واضح ڪمي ڏسڻ ۾ ايندي. ان کانسواءِ پاڪستاني حڪومت جو اهو ارادو آهي ته اقتصادي لنگهه سان گڏوگڏ صنعتي پارڪ ۽ ڪاروباري ترقياتي خطن کي پڻ تعمير ڪيو وڃي، جنهن سان نه رڳو روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، پر اتي ملڪي ۽ غيرملڪي سيڙپڪاري کي به وڌيڪ پرڪشش بڻايو ويندو. چيني صدر زي جن پنگ جي دوري دوران پاڪستان ۽ چين ۾ 46 ارب ڊالرز جا معاهدا طئي ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو، جن ۾ بنيادي ڍانچي، دفاع ۽ توانائي جا منصوبا شامل آهن. دوري دوران پاڪستان کي 8 چيني آبدوز به وڪرو ڪرڻ جو معاهدو طئي ڪيو ويندو. رڳو ان دفاعي معاهدي جي لاڳت 5 ارب ڊالرز آهي، پاڪستان ۽ چين وچ ۾ گهڻي عرصي کان آبدوز جي حوالي سان ڳالهيون هلنديون پئي آيون، اهڙي معاهدي بعد پاڪستان کي چيني آبدوز فراهم ڪيون وينديون، جيڪي پاڪ بحريه جي قوت ۾ ڀرپور اضافي جون ضامن هونديون. چين جيڪڏهن پاڪستان کي آبدوز ڏيڻ جو معاهدو طئي ڪري ڇڏي ٿو ته پوءِ هو شايد گوادر بندرگاهه تي مڪينڪل اسٽيشن جي تعمير لاءِ به ڪي سهولتون ڏئي سگهي ٿو. چين گوادر بندرگاهه کي پنهنجي آبدوز لاءِ اسٽيشن طور استعمال به ڪري سگهي ٿو ۽ اهڙي طرح چين هندي سمنڊ ۾ پنهنجي موجودگي ظاهر ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن ائين ٿئي ٿو ته بحر هند اهو واحد هنڌ هوندو، جتي چين ۽ ڀارت جون بحري فوجون هڪٻئي جي آمهون سامهون اچي سگهن ٿيون. گوادر بندرگاهه رستي چين تيل ۽ گئس برآمد ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو، اهو لنگهه چين لاءِ ڊگهو، مهانگو به آهي ۽ جنگي حالتن ۾ ان کي تباهه ڪرڻ جا خطرا به موجود هوندا. اهو پڻ چيو پيو وڃي ته چين هن وقت بحري شاهراهه ريشم تعمير ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي ۽ هو بحر هند کي بحرالڪاهل سان جوڙڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف اقتصادي لنگهه پاڪستان جي صوبي بلوچستان کي ترقي ڏيڻ جو سستو طريقو ثابت ٿي سگهي ٿو. چين پاڪستان سان توانائي جي شعبي ۾ 34 ارب ڊالرز ۽ بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ 12 ارب ڊالرز خرچ ڪرڻ جو واعدو ڪري چڪو آهي. اها ڳالهه واضح آهي ته چين پاڪستان جو بهترين دوست، ساٿي ۽ اتحادي ملڪ آهي، ٻنهي ملڪن کي فولادي ڀائر پڻ سڏيو ويندو آهي، گذريل سال پاڪستان ۽ چين وچ ۾ واپار جو ڪاٿو 10 ارب ڊالر تائين پهچي ويو هو، جيڪو 2007ع ۾ 4 ارب ڊالرز جو هو.

چين جي سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف منصوبن ۾ ڀرپور سهڪار سان پاڪستان لاءِ ترقيءَ جي راهه هموار ٿي سگهي ٿي ۽ خطي ۾ وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي. جيڪا ڀارت ۽ آمريڪا کي به متاثر ۽ پريشان ڪري سگهي ٿي. پاڪ چين منصوبن سان خطي ۾ ترقي ۽ خوشحالي يقيني بڻجي ويندي، جيڪا خاص طور پاڪستاني عوام لاءِ لاڀائتي ثابت ٿيندي. اقتصادي ترقي، روزگار ملڻ ۽ غربت جي خاتمي سان بدامني تي ضابطو پڻ اچي سگهندو. ڇو ته چين جي ڪجهه علائقن ۾ به بدامني ٿيندي رهندي آهي، ان ڪري اهو پاڪستان جي بدامني وارن علائقن بابت به ڪافي ڄاڻ رکي ٿو ۽ کيس اهو احساس آهي ته غربت جي خاتمي سان ئي انهيءَ بدامني واري صورتحال کي منهن ڏئي سگهجي ٿو، مطلب ته پاڪستان ۽ چين وچ ۾ اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيڻ سان امن جو رستو کُلي ويندو. اها حقيقت آهي ته چين دنيا جي هڪ وڏي اقتصادي طاقت آهي ۽ پاڪستان سان اقتصادي ۽ معاشي منصوبن ۾ حصيداري ۽ مڪمل سهڪار سان آمريڪا ۽ ڀارت جي ڪجهه حلقن ۾ اهو تاثر ملي ٿو ته چين جا پاڪستان سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا خطي ۾ بيجنگ جي بالادستي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، ان ڪري نه رڳو پاڙيسري ملڪ ڀارت پر ست سمنڊ پار آمريڪا به پاڪ چين دوستي ۽ اقتصادي لاڳاپن کي تعصب جي نگاهه سان ڏٺو آهي. چيني صدر کي گذريل سال پاڪستان جي دوري تي اچڻو هو، پر اسلام آباد ۾ ڌانڌلين خلاف تحريڪ انصاف جي ڌرڻي ۽ سياسي بدامني سبب سندس شيڊيول تبديل ڪيو ويو. ڪجهه عرصو اڳ ملڪ جي سياسي حلقن ان ڳالهه تي اعتراض به واريو هو ته نواز حڪومت چين سان اقتصادي لنگهه وارو منصوبو تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان احتجاج پڻ ڪيو ويو. خيبرپختونخوا جي سياسي سماجي تنظيمن اهو مطالبو ڪيو هو ته سندن صوبو دهشتگردي ۽ جنگ سبب متاثر آهي، افغانستان ۾ 40 سالن جي جنگ جي ڪري صوبي جي معيشت ۽ بنيادي ڍانچي کي شديد نقصان رسيو آهي، ان ڪري چين سان اقتصادي لنگهه وارو منصوبو کين ڏنو وڃي ته جيئن ڪي پي ڪي ترقي ڪري. پر ان وقت وفاقي حڪومت اهو واضح ڪري ڇڏيو ته چين سان ٿيندڙ منصوبا قومي سطح تي ڪيا پيا وڃن، جن ۾ چئني صوبن جي حقداري آهي. ڪشمير، گلگت بلتستان سميت سڀني علائقن کي برابر موقعا ملندا.

هڪ طرف چين سان پاڪستان جا واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا آهن ته ٻئي طرف وري ايران سان گئس پائيپ لائين منصوبي تي دوري ڳڻتي جي ڳالهه آهي، موجوده حڪومت ئي اهو بيان جاري ڪيو هو ته چين ايران مان ايندڙ گئس منصوبي جي پائيپ لائين پاڪستان اندر تعمير ڪندو. پاڪستان جڏهن به توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ايران سان هٿ وڌايو ته آمريڪا ان تي اعتراض واريندو رهيو آهي، ڪجهه عرصو اڳ به آمريڪا پاڪستان کي خبردار ڪيو هو ته جيڪڏهن اسلام آباد تهران سان گئس پائيپ لائين منصوبي ۾ اڳڀرائي ڪئي ته کيس پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو. پر هاڻي گذريل 31 مارچ تي ايران سان آمريڪا سميت دنيا جي 6 وڏين طاقتن جي معاهدي تي اتفاق ٿيڻ بعد صورتحال تبديل ڏسڻ ۾ اچي پئي. ايران تان عالمي قوتن جون پابنديون ختم ٿيڻ بعد پاڪستان کي ايران گئس پائيپ لائين تي اڳڀرائي ڪرڻ جو جواز ملي ويندو، ان ڪري اها ڳالهه به اڳيان رکڻ گهرجي ته پاڪستان کي نه رڳو چين پر ايران سان به گئس منصوبي تي عملي طور اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي، چين به اهو اشارو ڏئي چڪو آهي ته هو پاڪ ايران گئس منصوبي جي تڪميل ۾ مدد ڪرڻ لاءِ تيار آهي. ايران ته پنهنجي ملڪي حدن ۾ گئس منصوبي لاءِ 900 ڪلوميٽرن جي لائين وڇائي ڇڏي آهي، پر پاڪستان اڃا تائين پائيپ لائين وڇائڻ جو ڪم شروع نه ڪيو آهي، پاڪستان گوادر کان نوابشاهه تائين چين جي سهڪار سان پائيپ لائين وڇائڻ جي ڳالهه ڪري چڪو آهي. ڀارت ته آمريڪي دٻاءُ سبب ايران سان منصوبي تي عمل ڪرڻ کان ڦري ويو، پر پاڪستان کي ايران سان معاهدي تي قائم رهڻ گهرجي ۽ ان معاملي ۾ چين کان مدد حاصل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان ڪيترن ئي سالن کان بجلي جي پيداوار ۾ گهٽتائي ۽ طلب ۾ اضافي کي منهن ڏئي رهيو آهي، چين ۽ آمريڪا وچ ۾ واپار وڏي اهميت رکي ٿو ۽ گلوبل استحڪام لاءِ ٻئي ملڪ اسٽيڪ هولڊرز آهن ۽ ٻئي ملڪ وڏي احتياط سان هڪٻئي سان هلي رهيا آهن. پاڪستان کي قائم ٿيندي 67 سال گذري چڪا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ کي ترقيءَ جي راهه تي آڻجي، چاهي اقتصادي لنگهه هجي، روڊ رستن جي تعمير هجي، بجلي ۽ گئس جا منصوبا هجن يا ٻين مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا معاملا هجن، پاڪستان کي چين ۽ ايران جي لاڳاپن مان ڀرپور فائدو حاصل گهرجي، اميد آهي ته اسلام آباد انتظاميا چيني صدر زي جن پنگ جي دوري مان اربين ڊالرن جي منصوبن کي رڳو دستاويزن تائين محدود نه رکندي، پر انهن منصوبن کي عملي طور تي جلد کان جلد مڪمل ڪري عوام کي رليف فراهم ڪيو ويندو، اهڙن قدمن سان چين پاڪستان کي ترقي جي راهه تي آڻڻ ۾ ڀرپور مددگار ۽ 2015ع عملي طور تي پاڪ چين دوستي جو سال ثابت ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *