پاڪ- ڀارت ڳالهيون: ڪجهه اثر، ڪجهه خدشا ؛فراز چانڊيو

گذريل مهيني عالمي سطح تي جيڪا گڏيل طور تي سياسي صورتحال وڃي بيٺي آهي، ان کي ٿلهي ليکي ماضي توڙي حال واري فوڪس مان ڏٺوسين ۽ حال ۾ جيڪا سياسي صورتحال جڙي چڪي آهي، ان جي سببن تي به لکيوسين. بلڪه ٿورو هڪ قدم اڳتي وڌندي ان تي به لکيو هيوسين ته آخر ڇو ماضي ۾ مختلف نظريا ناڪام رهيا ۽ عالمي سياست ۾ پنهنجو مقام ٺاهي نه سگهيا.

اڄ واري ليک ۾ انڊيا جي پرڏيهي سيڪريٽري ايس. جي. شنڪر جي تازي پاڪستاني دؤري کي انڊيا جي علائقائي سياسي راند جي طرز تي جانچڻ جي ڪوشش ڪبي ته آخر انڊيا کي ڪهڙي ضرورت پئي آهي جو پاڪستان سان ڪن معاملن تي ڳالهيون شروع ڪري رهيو آهي؟ وڏي عالمي راند ۾ موجوده وقت ۾ انڊيا ۽ پاڪستان ڪٿي بيٺل آهن؟ انڊيا خطي اندر ڪيتري حد تائين پنهنجو اثر ڄمائي چڪو آهي ۽ ان پوري مامري ۾ پاڪستان ڪٿي بيٺل نظر اچي ٿو؟ ڇا پاڪستان پنهنجي پرڏيهي پاليسي اڳتي لاءِ به انڊيا اورينٽڊ ٺاهي يا کيس گهرجي ته ماضي واري يڪ طرفي ۽ انڊين خوف واري روش کي ترڪ ڪري ان ۾ ڪا بهتر تبديلي آڻي ڪنهن ٻي نعمل بدل تي ويچاري؟

تازو ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري سندس دؤري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي اهو بيان جاري ڪيو ته، ’اسان (هن ۽ سندس پاڪستاني هم منصب کلي ذهن سان خدشن ۽ مفادن تي ڳالهايو آهي‘. مقصد ته سرحدن تي امن قائم ڪرڻ سندن ڳالهين جو اهم موضوع رهيو ته سرحد پار دهشتگردي جي معاملي تي به بحث ڇيڙيو ويو. واقعي انڊيا ۽ پاڪستان پنهنجا خدشا ختم ڪري سگهندا يا شيون جين جو تيئن ئي رهنديون! منهنجو ناقص خيال جو ڪانٽو ان تي ئي فڪس آهي ته انڊيا ۽ پاڪستان جا معاملا ايئن ئي رهڻا آهن ۽ تازي اعليٰ سفارتي دؤري ذريعي انڊيا ڪجهه وقت لاءِ خطي اندر امن قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ چاهي ٿو ڇو ته موجوده وقت ۾ انڊيا امن (خاموشي) سان پنهنجي معيشت کي چوڏنهن چنڊ لڳائڻ گهري ٿو ۽ ان معاملي ۾ هو چين جو مثال دهرائڻ چاهي ٿو. انڊيا کي ڀليءَ ريت اندازو آهي ته پاڪستان سان ڪجهه چڱا لاڳاپا قائم ڪري (اُها الڳ حقيقت آهي ته انڊيا ڪنهن به ريت پاڪستان تي يقين نه ٿو ڪري) ئي خطي اندر وڏي معيشت بڻجي سگهجي ٿو. انڊيا پاڪستان سان نفسياتي جنگ کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ هو دليون کٽي ذهنن تي حڪومت ڪرڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي.

بهرحال، انڊيا جي ان سڄي سياسي گيم کي اڳتي ڪجهه حقيقتن، انگن ۽ اکرن جي ساهمي ۾ رکي تورينداسين ته آساني سان خبر پئجي سگهندي ته انڊين شاطر اسٽبلشمينٽ ڪٿي سوچي رهي آهي ۽ سندس ڪهڙا ممڪن هدف ٿي سگهن ٿا، جن تائين اها پهچڻ چاهي ٿي.ڪرنٽ افيئرز رسالي کي انٽرويو ڏيندي جڳ مشهور دانشور ۽ پاڪستاني فوج اندر کلبلي پيدا ڪرڻ واري ڪتاب ملٽري انڪارپوريشن جي ليکڪا  عائشه صديقه کان هڪ سوال ۾ پڇيو ويو، ’توهان جيئن ته پاڪستاني آهيو ۽ ملڪ جي تمام وڏي امتحان سي.ايس.ايس پاس ڪرڻ کانپوءِ وڏي عهدي تي رهي اتان استعيفيٰ ڏيئي برطانيا مان پي.ايڇ.ڊي جي سند وٺڻ کانپوءِ جڳ مشهور ڪتاب لکي عالمي سطح جي ليکڪا بڻجي چڪيون آهيو، پوءِ آخر ڇو توهان پاڪستاني معيشت جي بهتريءَ لاءِ ڪم ڪرڻ بجاءِ انڊيا اندر ڪم ڪري رهيون آهيو ۽ اتي جي معيشت تي ڪم ڪري رهيون آهيو؟‘ ان تي سندس ننڍو ۽ ٿورن لفظن تي ٻڌل جواب اهو هو ته، ’انڊيا خطي جي تمام وڏي معيشت بڻجڻ وڃي رهيو آهيو، جنهن ۾ پاڪستان جي مونکي پري پري تائين ڪا جڳهه نظر نه ٿي اچي.‘عالمي سطح تي انڊيا پنهنجو سڪو ڀرپور ڄمائي چڪو آهي. جيئن ته اسانکي ان تي گڏيل طور تي اعتماد آهي ته عالمي سياست ۾ هاڻ اهي رياستون ئي اڳتي اڀري اينديون جيڪي معاشي طور ڀرجهليون ٿي سگهنديون. بلڪه ڏٺو ته اهو به ويو آهي ته اهي رياستون ئي معاشي طور تي مضبوط ٿيون آهي جيڪي پنهنجن اندروني مسئلن کي گهٽائڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. اڄ جو دؤر ڪافي بدلجي چڪو آهي، 90 واري ڏهاڪي کانپوءِ آمريڪا دنيا اندر جيئن تڪڙو سپر پاور بڻيو اهو 2001 کانپوءِ پنهنجي واضح پوزيشن وڃائي به چڪو آهي. مسئلن 90 کانپوءِ دنيا يونيپولر بڻي ته اها 2001 کانپوءِ گهڻ رخي بڻجڻ ڏانهن به وڌڻ شروع ٿي ۽ هاڻ ته اها گهڻ رخي بڻجي چڪي آهي جنهن ۾ ٻيون طاقتون به ظاهر ٿيون آهن. پاڻ جي پنهنجي ڏکڻ ايشيا ڏانهن ڏسون ته هتي انڊيا وڏي تيزي سان سامهون آيو آهي. نه صرف هن خطي ۾ پر انڊيا دنيا اندر به پنهنجي نئين سڃاڻپ کي متعارف ڪرايو آهي. هاڻ انڊيا کي دنيا اندر ايشين ٽائيگر وارو لقب به مليو آهي ان جو سبب به اهو آهي جو هن وقت انڊيا دنيا جي ڏهين وڏي معيشت آهي، جنهن جي سالياني جي.ڊي.پي سال 2014 مطابق 2 ٽرائيلين ڊالر آهي. جڏهن ته پاڪستان جي جي.ڊي.پي 885 بلين ڊالر وڃي بيٺي ۽ سندس ڳڻپ دنيا جي 44 هين معيشت طور ٿي بيٺي آهي.

******(جاري)*****

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *