پاڪستان جي تَرقي ڪيئن مُمڪن بَڻجي سگھي ٿي..؟ : فدا حسين ڪُٻر 

پاڪستان جي آزادي کي ستر سال مڪمل ٿي چُڪا آھن، آزادي جو وجود تہ اسان جي اکين جي اڳيان آزاد ٿي ويو آھي، پر ان وجود جي ڪا ڪَڙي اڃان تائين ڪٿي قيد بڻيل نظر اچي رھي آھي، جنھن سبب ترقي جو نالو پاڪستان جي نالي کان ساڀيان ۾ رٺل نَظر اچي رھيو آھي. پاڪستان اندر اسان جيستائين شخصيتُن کي ادارن کان وڌيڪ عزت ڏيندا رھنداسون تيستائين پاڪستان ۾ ترقي ناممڪن آھي، وزير اعظم نواز شريف ھُجي، آصف زرداري ھُجي يا وري شاھد خاقان عباسي ھُجي پاڪستان جي آئين ۾ لکيل قانون ۽ ليجسليٽوز سڀ ڪنھن تي برابر سان عائد ٿيڻ گھُرجڻ جي سخت ضرورت آھي. جيڪڏھن پاڪستان جي ڪا وڏي شخصيت ڪنھن ڊيپارٽمنٽ ۾ ڪنھن ڪم سان وڃي ٿي تہ اداري اندر ڪم ڪندڙ ملازم  کي سامھون واري جَي شخصيت جي نہ پر اداري جي رولز ۽ ريگليوليشن قانون جي پاسداري جي عملدرآمد تي ڪم ڪري کيس سندس وقت اچڻ تي ڪم ڪري ڏيڻ کپڻ جي ضرورت آھي. جيڪڏھن ان لا۽ کيس لائن ۾ بيھڻو پوي تہ بيھاريو وڃينس جيستائين اسان پاڪستان جي آئين اندر موجود قانون جي پاسداري نہ ڪنداسون، اسان ادارن کي شخصيتن کان وڌيڪ اھميت نہ ڏينداسون تيستائين ملڪ ترقي نہ ڪري سگھندو، ڇو تہ  شخصيتون ادارن جي مٿان مڙھيل نہ ھونديون آھن. بلڪي ادارا شخصيتن تي مڙھيل ھُوندا آھن ۽ اسان کي ادارن کي شخصيتن کان وڌيڪ اھميت ڏيڻ گھُرجي. پاڪستان اندر وچين طبقي کي ھٿ سان نظرانداز ڪري انھن جي زندگي تباھ ڪئي پئي وڃي، ھيٺين طبقي جو انسان اڄ جي سماج ۽ حڪومت پاران عائد ڪيل قانونن جي ڪري سخت متاثر نظر اچي رھيو آھي، انھن جا پُٽ ۽ ڌيئرون نوڪري لا۽ در در واجھائڻ ۽ ھر وڏي ماڻھون جي اڳيان ھٿ ٺنگڻ تي مجبور ڪيا ويا آھن. اسان ڪنھن کي بہ وزير اعظم ڪيون،

ڪير به وزير اعظم ٿئي اسان کي ان ڳالهھ سان وابستگي ناھي پر ڪير بہ ھُجي پر  قوم جو ھمدرد ھُجڻ گھُرجي، ھن ملڪ کي اھڙي حُڪمران جي ضرورت آھي، جيڪو عوام کي بنيادي سھولتون ڏئي انھن کي در در دھڪا ڪارائڻ کان پرھيز ڪرائي سگھي، اسپتالن ۾ سھولتيون ڏنيون وڃن، انھن جي لا۽ دوا درمل جو بندوبست ڪري سگھي، انھن کي اسپتال ۾ رھائش جو بندوبست سُھڻي نموني سان ڪري ڏئي سگھي. عوام کي سھولت ڏئي روڊ رستا ٺھرائي ڏئي سگھي ۽ ٻيون بہ کوڙ ساريون بنيادي شيون ڏئي سگھي. جيڪڏھن اسان مٿين بطقي کي ڇڏي انھن جي حصي جي اوڳاڙي ھيٺين طبقي کان وصول ڪيون تہ پو۽ ملڪ ترقي ڪٿان ڪندو، بئنڪ آڪائونٽن ۾ کربين روپين جو مالڪ جيڪڏھن ھڪ روپيو بہ ٽيڪس ادا نہ ڪري ۽ ھيٺين بطقي واري کان اُھا اوڳاڙي کئي وڃي تہ پو۽ ملڪ جي ترقي ممڪن ناھي، ھاڻي اسان ٽيڪس انھن کان پيا وصول ڪريون جنھن جي في ڏينھن جي ڪمائي ٻه سو روپيا آھي، جنھن جون ڌيئرون ۽ پٽ بيروزگار آھن.!ملڪ ۾ اڻ کُٽ قدرتي معدنيات ملڻ کان پو۽ بہ ھي قوم يتمين وانگر وات پٽيو ويٺي آھي،

سون، قيمتي پٿر، گئس، تيل، ڪوئلي، ۽ ٻين انمول ذخيرن جي ھُجڻ جي باوجود اسان جو ملڪ پوئتي پيل آھي، حقيقت ۾ اسان جي ميڊيا جيترو فوڪس سياسدانن جي خبرن ھلائڻ ۾ ضايع پئي ڪري جيڪڏھن اوترو وقت قدرتي ذخيرن جي خوجنائن ۽ مليل ذخيرن جون خبرون ميڊيا تي دنيا جي سامھون پيش ڪن تہ پاڪستان جي ترقي جي راھ ۾ ڪير بہ رُڪاوٽ بڻجي نٿو سگھي، ميڊيا اسان جي ملڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري رھي جنھن کي چاھي ھيرو بڻائي جنھن کي چاھي زيرو بڻائي، ملالا يوسف زئي به ميڊيا جي سپورٽ جي ڪارڻ ايتري منزل تي پھتي آھي. نہ تہ پاڪستان اندر روز ھزارين ملالائون جنم ٿيو وٺن جيڪي دھشتگردي جو نشانو بڻجو وڃن، پر سوشل ميڊيا تي انھن جي باري ۾ ھيڊلائن بہ نٿي ھلي، ۽ حُڪمران انھن جي تعزيت تي بہ نٿا پھچي سگھن. جيڪڏھن ميڊيا پنھنجو رول پِلي ڪري تہ پاڪستان ڪامياب ٿي سگھي ٿو ميڊيا جي ماڻھن کي چڳي ريت خبر آھي تہ ڪير ڪٿي ڪيئن ۽ ڇا پيو ڪري؟ پاڪستان جي زوال ۾ عوام جو ڪو به ڏُوھ ناھي، نہ ئي وري دشمنن ۽ دھشتگردن جي پراسرار واقعن پاڪستان جي ترقي ۾ رڪاوٽ وڌي آھي، پر پاڪستان جي ليڊرز جي نااھلي ئي پاڪستان کي اھڙي منزل تي پھچايو آھي، سياستدانن عوام جي مسئلن کي سنجيدگي سان حال ڪرڻ بجائي ھڪ ٻئي تي تنقيد ۽ گُدا لفظ ڳالھائڻ ۾ مصروف آھي،

آصف زرداري پرويز مشرف کي ڊيڄارڻ دمڪائڻ ۾ پورو آھي، ۽ کيس چوندي تہ مڙس ماڻھون آھين تہ ڪورٽ ۾ اچ.! عمران خان بلاول ڀُٽي کي چوي تہ ٻارن جو سياست ۾ ڪھڙو ڪم؟ تہ نواز شريف سپريم ڪورٽ کي چوي ٿو ”منھنجو ڏوھ ڪھڙو ڪُيو”؟ سياستدان جيستائين پنھنجا مفاد ڇڏي عوام جي ڪمن ۾ سنجيدگي سان ھٿ وجھندو پو۽ ئي مسئلا حل ٿيڻ جو نالو وٺندا. پاڪستان جو عوام کي پيرن، فقيرن، مخدومن، جي غلامي کي ڇڏي پنھنجي پيرن ٿي بيھي ڏيکارڻ گھُرجي، منھنجي چوڻ جو مقصد آھي تہ عوام کي انھن جي عزت ڪرڻ گھُرجي! پر انھي سان گڏوگڏ اھيو بہ سوچڻ ۽ سنجھڻ جي ضرورت آھي تہ عزت ڪرڻ ۽ غلامي ڪرڻ ۾ فرق آھي، جنھن فرق کي سَمجھڻ جي عوام کي شديد ضرورت آھي. پاڪستان عوام کي پنھنجي ووٽ جو صحيح استعمال ئي پنھنجي اصل منزل تي پھچائي سگھي ٿو، پر اسان جي سماج ۾ ووٽ کي را۽ نہ بلڪي وڏڙڻ جِي امانت سمجھي سياستدانن جي جھولي ۾ وجھو ڇڏيون، اسان کي کپي تہ ووٽ کي پنھنجي امانت نہ بلڪي را۽ سمجھي ڏيون تہ جيئن اسان جي مستقبل جو صحيح فيصلو ٿي سگھي. اسٽبلشمنٽ ۽ پاڪستان حڪومت کي قبضاگيري خلاف بہ سخت لفظن مذھمت ڪرڻ جي ضرورت آھي، ڏينھون ڏينھن شھرن اندر دڪاندار روڊن ٿي ضبضاگيريون ڪري رھيا آھن، ڪجھ ڏينھن پھريان پاڪستان نامور ليکڪ محمود شام جو آرٽيڪل پڙھيم جنھن ۾ قبرستانن تي بہ قبضا گيري جون خبرون ٻڌڻ ۾ آيون. حڪومت کي کپي  قبضاگري تي  ڪو عملي قدم کنيو وڃي، تعليمي معيار کي بھتري ڪرڻ لا۽ اسان کي ڌنڌو وڻج واپار ۽ تجارت ڪندڙ اسڪولن، يوونيورسٽين، ۽ ڪاليجن تي تالا ھڻي، انھن تي بينڊ ھڻڻ کپي، جيڪي تعليم جي نالي سان عوام جي اکين ۾ ڌوڙ وجھي پيسن جو تجوريون ڀري رھيا آھن. پاڪستان جي بند پيل سڀني اسڪولن کي کولي انھن ۾ ٻارن ۽ ماسترن جي حاضري کي يقيني بنايو وڃي پاڪستان جي آئين ۾ ترميم ڪري سپريم ڪورٽ مان اھڙو بل پاس ڪرائڻ جي ضرورت آھي، جنھن جي قانون تحت ڪو بہ پاڪستان جو شھريت رکندڙ شخص پنھنجي ذاتي ملڪيت پاڪستان کان ٻاھر خريد يا وري سوئز بئنڪ جيئان ڪنھن بئنڪ ۾ جمح نٿو ڪري سگھي ٿو، پر اسان جا سياستدان اھڙي قسم جو بل پاس نہ ٿيڻ لا۽ نُھ چوٽي جو زور آزمائيندي اربين روپين منجھ جج خريد ڪري وٺندا، باقي سياستدانن جي لا۽ ڦاھي جو پنڌو بڻجندڙ 62 ۽ 63 جھڙن آرٽيڪل کي خارج ڪرڻ لا۽ سپريم ڪورٽ ۾ آئين جي تريمينن پٽيشنو لازمي جمع ڪرائيندا! آئون سمجھان ٿو تہ اُھي ڪجھ مناسب قدم پاڪستان جي ترقي جي گاڏي کي منزل تائين پھچائي سگھن ٿا، جيڪڏھن ايئن نه ته پو۽ پاڪستان جي ترقي ۾ اڃان ستر سال ٻيا لڳي ويندا….!

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *