پاڪستان جو امن ڀريو پيغام: تحرير. شيرمحمد سولنگي (اچيورس)

پاڪستان جون پاليسيون سدائين مثبت رهيون . پاڪستان جو بنياد ئي امن ۽ سلامتي تي رکيل آهي . تنهن ڪري پاڪستاني قوم انساني قدر و قيمت کان واقف آهي . پاڪ فوج به سدائين بردباري جو مظاهرو ڪندي رهندي آهي پاڪستان جي پاليسي ۾ جنگ تصور به نه آهي پاڪستان امن جو سفير ملڪ رهيو آهي پر اسان جو پاڙيسري ملڪ ڀارت سدائين خطي جي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. پر پوءِ به پاڪستان پنهنجي پاليسي ناهي تبديل ڪئي .اسان پنهنجي سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، آرمي چيف واضح ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان ۾ امن چاهي ٿو، اسان ڪنهن به قسم جي مهم جوئيءَ جو ڀرپور جواب ڏينداسين، پاڪستان ڪنهن سان جنگ نه ٿو ڍاهي پر امن جي خواهش کي ڪمزور نه سمجھيو وڃي، ڀارت ڪولڊ وار شروع ڪري يا نه ڪري اسان هر اڳرائيءَ جو ڀرپور جواب ڏينداسين، ڀارت سرحد تي سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو رچايو، ايل او سي 46 پاڪستاني شهيد ۽ 40 ڀارتي فوج ماريا. پريس ڪانفرنس ڪندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو ته ملڪ ۾ امن جي فضا هڪ ڏينهن جي ڳالهه نه آهي، قومي مفادن تي ڪنهن به شيءِ کي ترجيح نه ڏني ويندي، ملڪ ۾ گڏيل طور دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ 70920 ماڻهن پنهنجيون جانيون ڏنيون، جن ۾ 21839 شهيد ۽ 49081 زخمي شامل آهن، قوم جي حيثيت ۾ اسان قربانيون ڏيندا پيا اچون ۽ ڏيندا رهنداسين. حساس معاملن تي اڳڪٿيون ملڪ کي نقصان پهچائي سگھن ٿيون، تازو ئي بابر 3 ۽ ابابيل ميزائل جو تجربو ڪيو آهي جيڪو پاڪستان جي مضبوط دفاع جو آئينو آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چيو هڪ چند عنصر بي يقينيءَ جو تاثر ڏئي امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائڻ چاهين ٿا، ڪنهن سان جنگ نه ٿا چاهيون، گڏيل قومن جي قرارداد موجب ڪشمير جو حل چاهيون ٿا، اسان مسئلن جو پرامن حل چاهيون پر پنهنجي عزت تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو، سي پيڪ ۽ گوادر پورٽ بلوچستان جي بهتر مستقبل جي خوشخبري آهي، بلوچستان ۾ گذريل چند سالن کان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪري امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي، ايف سي جا 34 هزار جوان پاڪ افغان سرحد تي موجود آهن، هاڻي اسان ايف سيءَ جي لاءِ نوان قلعا ۽ چيڪ پوسٽون اڏرائي رهيا آهيون، جنهن سان رابطي جي صورتحال بهتر ٿيندي، افعانستان سميت خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي نظر آهي، افغانستان ۽ پاڪستان ڀائر ملڪ آهن، پاڪستان افغانستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ ملوث نه آهي، فاٽا ۾ موجود دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي ختم ڪيو آهي ۽ ٽي ٽي پي جي قيادت به وڏي وقت کان افغانستان ۾ رهندڙ آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ اڃا جاري آهي. ميجر جنرل آصف غفور جو ڪراچي آپريشن بابت چوڻ هو ته 26 هزار کان وڌيڪ ڪومبنگ ۽ آءِ بي اوز آپريشن ڪيا ويا، گذريل ٻن سالن دوران رينجرز ڪراچيءَ ۾ ڪامياب آپريشن ڪندي 90 سيڪڙو ڏوهن تي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي، هن وقت تائين 9 هزار آپريشن ڪيا ويا آهن جن ۾33 ريجرز اهلڪار شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن. آرمي چيف دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ ڪومبنگ آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي، پاڪستان افغانستان سان سهڪار جاري رکندو. آدم شماريءَ بابت پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته 15 مارچ کان آدم شماري جي لاءِ پاڪ فوج سول انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪندي ۽ ان مقصد جي لاءِ 2 لک جوانن جي منظوري آرمي چيف ڏئي ڇڏي آهي ته هو سول انتظاميا جي مدد ڪن. دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ جنگ ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي سندس چوڻ هو ته ميڊيا کي گھرجي ته غير زميواري عنصرن جا حوصلا گھٽ ڪيا وڃن.  وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سي پيڪ خطي جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ نئون  باب رقم ڪندو ان منصوبي ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهن جي سيڪيورٽي حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. اسلام آباد وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان سي پيڪ جي اسپيشل سيڪيورٽي ڊويزن جي سربراهه ميجر جنرل عابد رفيق ملاقات ڪئي جنهن ۾ سي پيڪ منصوبي جي سيڪيورٽي بابت ڪيل بندوبستن تي غور ۽ سي پيڪ جي اسپيشل سيڪيورٽي ڊويزن بابت معاملن تي  به ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته سي پيڪ منصوبا نه رڳو پاڪ چين دوستي جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا بلڪ خطي جي خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ نئون باب رقم ڪندا.

ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ضرب عضب جي سلسلي ۾ پاڪستان افغانستان بارڊر تي قدم کنيا آهن، ڀارت سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ڊرامو ڪيو، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائيءَ 40 ڀارتي فوجي مارجي ويا، ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ هو ته 34 هزار اهلڪار پاڪ افغان سرحد تي مقرر آهن، ڊي جي آءِ ايس پي آر حافظ شعيد جي نظربنديءَ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته هيءَ اهم پاليسيءَ بابت فيصلو آهي، حافظ سعيد جي نظر بنديءَ جو فيصلو قومي مفادن ۾ ڪيو ويو، وڌيڪ ڄاڻ به سامهون اچي ويندي، فيصلو ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي ناهي ڪيو، هر اداري ۽ فرد پنهنجو ڪم ڪيو، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ افغان ڀائرن سان گڏ بيٺل آهيون، بلاگرن جي گم ٿيڻ سان اسان جو ڪو لاڳاپو نه آهي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ اڃا ختم ناهي ٿي، لائين آف ڪنٽرول تي حالتون معمول تي آڻڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهيون، ڀارت 945 ڀيرا جنگ بنديءَ جي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، بلاگر واپس اچي ويا آهن، گھرو وزير جي بيان جو مطلب انٽيلي جنس ادارن بابت نه هو، ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن يادو بابت فيصلو ملڪي قانون موجب ٿيندو، پاڪستاني فوج ۾ سپاهين جو سڀ کان وڌيڪ خيال رکيو ويندو آهي، پاڪ فوج ۾ سپاهين ۽ آفيسرن ۾ وچ ۾ گھاٽا رشتا آهن، دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ سپاهين ۽ آفيسرن ٻنهي جانيون ڏنيون، آفيسر ۽ سپاهيءَ جو محبت جو لاڳاپو آهي، پاڪ فوج هڪ خاندان جيان آهي، اُميد آهي ته ڊان ليڪ معاملي جي انڪوائري جلد سامهون اچي ويندي، جيستائين انڪوائري ٿي رهي آهي اڳڪٿيون نه ٿا ڪري سگھون، اڄ امن امان جي بهتر صورتحال ۾ سڀ ساهه کڻي رهيا آهن، اسان 70 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي رت جي قرباني ڏني آهي، دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي جي لاءِ آپريشن ڪيا، قبيلائي علائقا پر اهي علائقا جتي دهشتگرد هئا هاڻي اتي ترقي ٿي رهي آهي، 84 سيڪڙو آءِ ڊي پيز گھرن  ڏانهن واپس اچي ويا آهن، ضرب عضب جي سلسلي ۾ پاڪستان افغانستان بارڊر تي قدم کنيا، آرمي چيف کي افغانستان جو دورو ڪرڻو آهي، ڳجھا ادارا اسٽيٽ جو حصو نه آهن، ملٽري ڪورٽون پهريان به باقاعدي طريقي ڪار تحت ٺهيون، جن ڀرپور ڪم ڪيو، ملٽري ڪورٽن بابت فيصلو حڪومت ڪندي.هن وقت پاڪستان دهشتگردن کان پاڪ ملڪ بڻجي ويو آهي . اسان جي ملڪي پاليسي واضع آهي جنهن تي ڪنهن کي به شڪ نه ڪرڻ گھرجي .اسان جون پاليسيون اڄ پوري دنيا جي ملڪن لاءِ ڀائيچاري ۽ امن واريون آهن جنهن ڪري پاڪستان جو وقار بلند ٿيو آهي .

*****

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *