ٽوڙهي ڦاٽڪ جا شهيد؛ سرفراز ميمڻ

                         سنڌ جي عظيم ڌرتيءَ صدين کان دنيا جي ڀاڳوڙن ۽ ڌڪاريل بکين جون ڪيئي يلغارون پئي سٺيون آهن. عرب سامراجين هٿان راجا ڏاهر جي شهادت، ته ڪڏهن خلجين جي هٿان دودي جهڙا ڌڱ پئي ڪهرايا آهن ته ڪڏهن مغل ۽ ترخان سامراجين جي چڙهائين سان منهن ڏيندي دولهه دريا خان پئي ڪٺا آهن، ته ڪڏهن شاهه عنايت جهڙن علم جي ابن کي شهادت ماڻڻي پئي آهي، ته ڪڏهن مخدوم بلاول کي وطن پرستيءَ جي ڏوهه ۾ گهاڻي ۾ پيڙهيو ويو آهي. ڪڏهن روپلي ڪولهيءَ ۽ هوشو “مرويسون مرويسون پر سنڌ نه ڏيسون” جا نعرا هڻندي شهادت جو جام پيتو آهي، ته ڪڏهن هيمون ڪالاڻي ۽ صبغت الله شاهه راشدي سوريون سينگاريون. انهن مڙني مٿين بهادريءَ جي ڪارنامن جي طويل تاريخ ۽ تسلسل آهي. ان ئي تسلسل سان 17 آڪٽوبر 1984ع تي ٻن پهرن جو سنڌي قوم پرستن جي رت سان هولي کيڏي وئي. سنڌي نوجوانن جي سينن کي گولين سان پروڻ ڪري انسانيت جي تقدس کي پائمال ڪيو ويو. اسان جو ئي وطن اسان لاءِ قبرستان بنايو ويو. سنڌي قوم جي مستقبل جي وارث 130 قومپرست شاگردن (جيڪي بسن ۾ چڙهي ڄامشوري کان لاڙڪاڻي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج ۾ پنهنجي پهرين سال جي ڀائرن جي مان ۾ ڏنل آجياڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ وڃي رهيا هئا ته اوچتو ٽوڙهي ڦاٽڪ وٽ پُر امن نوجوانن ۽ بي هٿيار شاگردن تي مشين گنن ۽ ٻين خودڪار هٿيارن سان حملو ڪري 5 سنڌي قوم پرست شهيد ڪيا ويا. شهيد انور عباسي، شهيد مالڪ خشڪ، شهيد ذڪريا ميمڻ، شهيد امان الله وسطڙو، شهيد مٺو بليدي ان واقعي جي ردِ عمل ۾ احتجاج ڪندڙن تي پڻ گوليون هلايون ويون جنهن ۾ شهيد امير علي شاهه پڻ لاڙڪاڻي ۾ شهيد ٿيو، 50 کان مٿي زخمي ٿيا ۽ انهن سميت تقريبن 118 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. قوم پرستن جي لاشن جي بي حرمتي ڪئي وئي. سڄي قوم تي هڪ قيامت ٿي گذري.“

ان وقت هڪ منصوبي تحت سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين  کي هٿراڌو بهانا بنائي مهينن جا مهينا بند رکيو پئي ويو ته جيئن پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ جا نوجوان ڊگريون حاصل ڪري نوڪرين ۾ جڳهيون نه والارين، ان مان به هڙ حاصل نه ٿين ته پاس ڪندڙن کي نوڪرين کان محروم ڪري منجهائن علم جو مان ۽ شوق گهٽائڻ جون بي ايمانه ۽ بيهوديون حرڪتون ڪيون ويون. ان مان هنن جو اصل مقصد اهوئي هو ته هي تعليم جي پچر ڇڏين ته جيئن پنجاب وارا پنهنجن ٻارن کي سنڌ جي يونيورسٽين ۾ داخلائون ڏئي، سنڌ ۾ نوڪريون ۽ وسيلن تي قبضو ڪري سگهجي. ان لاءِ هنن نيو سنڌي اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن (اين.ايس.ايس.او) جي نالي سان هڪ گروهه جوڙيو. جن کي آمر حڪومت جي پٺ حاصل هئي. پيسو، هٿيار ۽ گاڏيون کين اُتان مهيا ڪيون ويون، انهن جو ڪم شهنشاهه ايران طرفان ٺاهيل ساواق ۽ بنگال ۾ ٺاهيل البدر ۽ الشمس وارو هئو ته يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن جي سي.آءِ.ڊي ڪن انهن کي هيسائن ۽ ڌمڪائن جيئن سنڌي شاگرد پڙهائي ڏانهن ڌيان نه ڏئي سگهن. سنڌ جو نوجوان طبقو خاص طور تي شاگرد سنڌ جي آجپي واري هلچل ۾ صف اول ۾ رهندو آيو آهي، سنڌ جي سائين جي ايم سيد جي دور انديش ۽ مستقبل تي نظر رکندڙنگاهه اهو محسوس ڪري ورتو ته سنڌ جي آجپي واري هلچل ۾ شاگرد طبقو تمام گهڻو ۽ موءثر ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

تڏهن ئي سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪم جي شروعات شاگردن کان ڪئي. جنهن جو نتيجو اهو نڪتو سنڌ جي آزادي واري هلچل جو پڙاڏو سن جي ننڍڙي ڳوٺ مان نڪري سنڌ جي تعليمي ادارن جو حدون ٽپي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهتو. شاگردن کي قومي هلچل کان پري رکڻ لاءِ ٻه طريقا استعمال ڪيا ويا. هڪ ته نالي واري شاگردن کي پرمٽون، نوڪريون ۽ ٻي قسم جون لالچون ڏئي قومي هلچل کان مڪمل طور ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن تي خاص طور تي ذوالفقار علي ڀٽو جي دور ۾ عمل ڪيو ويو. ٻيو طريقو قومي تحريڪ جي پهرين صف جي نوجوانن تي تشدد جو طريقو استعمال ڪيو ويو جنهن ۾ تعليمي ادارن مان ريسٽيڪيٽ ڪرڻ، جيلن ۾ وجھڻ، ٽارچر ڪيمپن ۾ وٺي وڃڻ ۽ ڪوڙا هڻڻ وغيره پر اسين اڄ اهو سڀ ڪجھه وساري چپ آهيون. 31 سال گذرڻ باوجود سنڌ ڌرتيءَ لاءِ سر گهوريندڙ ٽوڙهيءَ جي شهيدن کي وساري نه سگهي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *