ٽرمپ ڪامياب، هيلري شڪست مڃي ورتي: حسن ناز سومرو، حيدرآباد

سياست به هڪ اهڙي راند آهي جنهن ۾ ڪنهن جي هار ته ڪنهن جي جيت  ٿيندي آهي پر اهو نتيجو قبولڻ لاءِ به دل ۽ گردي جي ضرورت هوندي آهي، سو ڪيترن ئي ڏينهن کان آمريڪا ۾ به اليڪشن جون سرگرميون تمام تيزي سان

جاري هيون، هن مقابلي ۾ٻه وڏا اميدوار شريڪ ٿيا جنهن ۾ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻئي طرف ڊيموڪريٽ اميدوار هيلري ڪلنٽن مد مقابل هئا. ظاهر آهي ته اليڪشن ۾ بيهندڙ هر اميدوار کي اها اميد هوندي آهي ته هو اهو مقابلو کٽي ويندو پر جمهوري ملڪن ۾ان جو فيصلو عوام ڪندو آهي ۽ پوءِ اهو فيصلو هر اميدوار کي قبول ڪرڻو پوندو آهي، اهڙي طرح اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوار پنهنجن ڪيل غلطين جي معافي به وٺندا آهن سو اهڙي طرح ڊونلڊ ٽرمپ به ڪجھ وقت اڳ ۾ عورتن جي باري ۾ ڳالهايل گٿن لفظن جي معافي وٺي عوام جي دلين ۾ گھر ڪري ورتو.

سو ڪاله جهڙي طريقي سان اليڪشن جا نتيجا سامهون اچڻ لڳا ته ٻنهي ڌرين جو جوش ۽ جذبو وڌي رهيو هو پرانهن مقابلو ڪندڙن جي قسمت جو فيصلو عوام جي هٿ ۾ هو، سو ڪاله جڏهن سمورا نتيجا سامهون آيا ته ريپبليڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ 276 اليڪٽرول ووٽ حاصل ڪري سرسي حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته ڊيموڪريٽ جي اميدوار هيلري ڪلنٽن 218  اليڪٽرول ووٽ حاصل ڪري ٻئي نمبر تي رهي.

اليڪشن کٽيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو 45 نئون صدر چونڊجي ويو آهي جنهن تي هيلري ڪلنٽن پڻ مبارڪون پڻ ڏنيون آهن جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ به هيلري ڪلنٽن جي تعريف ڪندي چيو ته هيلري ڪلنٽن به آمريڪا لاءِ تمام وڏو ڪم ڪيو آهي.

ڊونلڊ ٽرمپ 1946ع ۾ ڪوئنس ۾ پيدا ٿيو هو ۽ هو ٽرمپ آرگنائيزيشن جو اڳواڻ ۽ صدر پڻ آهي، ڊونلڊ ٽرمپ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ سياست ۾ پير پاتو هو ۽ رفان پارٽي ۾ شامل ٿيو.  ڊونلڊ ٽرپ ڊيموڪريٽ پارٽي ۾ به شامل ٿيو هو پر تنهن کان بعد ۾ هو آزاد سياست ڪرڻ لڳو هو، ڊونلڊ ٽرمپ 2012ع ۾ ريپبليڪن ٿيو ۽ ان ڳاله کي ٻيهر ورجھايو ته هو آمريڪا کي عظيم تر بڻائيندو.  هوڏانهن ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي سندس ڪاميابي تي جشن ملهائي رهيا آهن جڏهن ته ڊونلڊ پنهنجي حامين کي خطاب ڪندي چيو ته هو سندس ڪامياب ڪرائڻ ۾ حامين جو نهايت ئي ٿورائتو آهيان سو هو رنگ ۽ نسل کان مٿانهون ٿي ڪم ڪندو،  هن چيو ته هن لاءِ آمريڪا جا مفاد سندس اهم آهن سو هو دنيا جي انهن ملڪن کي به گڏ کڻي هلندو جيڪي امن قائم ڪرڻ لاءِ سندس مدد ڪندا.

ياد رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ اهو شخص هيو جنهن جي مٿان يارنهن کان وڌيڪ عورتن کي حراسان ڪرڻ جا الزام هئا جڏهن ته هن لاءِ اهو به چيو پئي ويو ته هن آمريڪا جي عورتن لاءِ گندا لفظ پڻ استعمال ڪيا هئا جنهن تي هو معافي به وٺي چڪو آهي.    اليڪشن کٽڻ کان ڊونلڊ ٽرپ وائيٽ هائوس هليو ويو آهي جتي هو مختلف ماڻهن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي.    آمريڪا جي اليڪشن ۽ اسان جي پاڪستان اليڪشن ۾ ڏينهن رات جو فرق آهي آمريڪا ۾ اليڪشن هڪ منصفاڻي طريقي سان چونڊ ڪئي ويندي آهي جڏهن ته اسان جي ملڪ ۾ اليڪشن جو طريقو ئي نرالو آهي. ٻئي طرف آمريڪا ۾ چونڊيل صدر کي هارايل اڳواڻ پڻ مبارڪون ڏيندا آهن پر هتي اسان وٽ هارايل اميدوار کٽيندڙ اميدوار کي هميشه جي لاءِ دشمن قرار ڏيئي ڇڏيندا آهن.

سو آمريڪا ۾ ٿيل چونڊن ۾اتان جي عوام ۽ مخالف ڌر پاران صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪيو ويو آهي جڏهن ته چونڊيل صدر به مخالف ڌر وارن کي گڏ کڻي هلڻ جو وچن ورجھائي رهيو آهي.  ڊونلڊ ٽرمپ جو آمريڪي صدر ٿيڻ سندس لاءِ ته هڪ وڏو اعزاز آهي هاڻي سوچڻ جي ڳاله هي آهي ته ڇا آمريڪي نئين صدر جو حلف کڻڻ کان پوءِ پاڪستان لاءِ سندس ڪهڙا خيال هوندا……؟؟

هونئن ته آمريڪا جو ٿيندڙ هر صدر پاڪستان جي زباني حمايت ته ضرور ڪندو آهي پر دلي طرح سان هو هندستان جا ڀرجھلو ٿي هوندا آهن جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت هميشه آمريڪا کي اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهندي آهي ته هو آمريڪا جا همدرد ۽ هڏ ڏوکي آهن پر آمريڪا وارا پاڪستان جي ڪيل ڳالهين ۽ واعدن کي ٻڌيون اڻ ٻڌيون ڪري ڇڏيندا آهن جنهن جي ڪري پاڪستان به آمريڪا جو اونڌو جواب ٻڌي چائنا سان دوستي وڌائڻ جي ڳاله ڪندو آهي جيڪ پڻ آمريڪا کي تمام ڏکي لڳندي آهي جنهن جي موٽ ۾ آمريڪا پاڪستان سان سٺا نه صحيح پر خراب تعلقات به رکڻ ناهين چاهيندو.   آمريڪا جو صدر بش هجي يا بل ڪلنٽن هجي، بارڪ اوباما هجي يا ڊونلڊ ٽرمپ هجي پر انهن جي پاليسي اها ئي آهي جيڪا آمريڪا جي دستور ۾ لکيل آهي يعني پاڪستان سان هميشه ٻٽي پاليسي هلڻ گھرجي…….!!

هن وقت ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪا جو پنجيتاليهون صدر مقرر ٿيو آهي، پر هن جي پاليسي به اڳوڻن صدرن جيان ساڳي ئي رهندي ته هندستان دل تي باقي پاڪستان هل تي (هل معنيٰ  پهاڙي ) سو آمريڪا جي اها ٻٽي پاليسي پاڪستان لاءِ بهتر ڪونه آهي پر پوءِ به پاڪستان جي حڪومت آمريڪا جي چونڊيل نئين صدر مان سٺيون اميدون رکي رهي آهي ته آمريڪا  پاڪستان جي دهشتگردي ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور مدد ڪندو.

******

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *