ٽرمپ جو سج اُڀري ٿو…!!: جئه پرڪاش موراڻي

اُهو ڏينهن 11/9 جو هو، جڏهن دنيا ۾ تباهي آڻيندڙ تبديلي وارو سج اڀريو هو، جنهن جي لهڻ کان اڳ دنيا ايتري ته تبديل ٿي چُڪي هئي جو اڄ تائين انهن جا اثر ختم ئي نٿا ٿين، اڄ وري 9/11 آهي ۽ لڳي ٿو ته اڄ به تبديلي جو جيڪو طوفان آمريڪي رياستن مان اٿيو آهي اهو ايندڙ 5 سالن تائين شايد اڃا به گهڻي تباهه ڪندڙ تبديلي نه آڻي. 11/9 واري تباهي جي شروعات به نيويارڪ کان ٿي هئي، 9/11 واري تباهي آڻيندڙ طوفان جي شروعات نيويارڪ مان ئي ٿي آهي، تڏهن 3 مسافر بردار هوائي جهاز بم بڻجي آمريڪي عوام تي ڪريا، پر انهن جو اثر سڄي دنيا ۾ محسوس ڪيو ويو، اڄ وري هڪ انساني بم آمريڪا تي آمريڪا جي عوام ئي ڪيرايو آهي، ان جو تئَو ڏسون ته ڪيترن کي ٿو سيڪي.

گذريل رات جڏهن اخباري ڪاپي آخري مرحلن ۾ هئي ته ان وقت تائين آمريڪي ميڊيا توڙي عالمي نشرياتي ادارن تي اهو ئي رونشو هو ته اجهو ٿي مائي هليري آمريڪا جي تاريخ بدلائي ۽ اڍائي سؤ سالن جون مستحڪم جمهوري روايتون رکندڙ ملڪ جي پهرين عورت صدر ٿي بڻجي، اتي ته اهي به تبصرا هلي رهيا هئا ته بل ڪلنٽن ڀاڳن وارو آهي جو صدر طور 10 سال پورا ڪندڙ بعد وري صدر جو مڙس بڻجي ”اڇي گهر“ ۾ اچي رهندو ته هليري وري 10 سال ”خاتون اول“ جو تاج سجائڻ بعد ٻيهر 5 سالن لاءِ پاڻ صدر ٿي اچي اوول آفيس ۾ ويهندي، هي اُهائي اوول آفيس آهي، جنهن ۾ سندس مڙس ڪلنٽن ۽ مونيڪا ليونسڪي وچ ۾ پيار جا ڪجهه عهد و پيمان ٿيا هئا.

نتيجن دنيا کي ته حيران ڪيو ئي آهي، پر سڀ کان وڌيڪ حيران آمريڪا جا ميڊيائي ادارا آهن، جن جا سڀئي پول ۽ ٻول ڪوڙا ثابت ٿي ويا، انهن هن چونڊ مهم ۾ شروع کان وٺي ئي هليري کي حاوي ڏيکاريو هو. ٽرمپ جي ٻولي، لهجو، ڪرتوت، اسڪينڊل، شخصيت سڀ اهڙا هرگز نه هئا جو کيس دنيا جي لٺ سردار جي گادي ڏيئي سگهجي. ڪير مڃي يا نه مڃي پر اها حقيقت آهي موجوده دور ۾ آمريڪا جو صدر ئي مُني دنيا جو لٺ سردار هوندو آهي. هليري آمريڪي خاتون اول، سينيٽر ۽ پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ انتهائي گهڻي هاڪ ڪٺي ڪئي هئي، سندس لهجو، شخصيت، پاليسيون ۽ پروگرام سڀ هاڪاري پاسي هئا ان ڪري اصولي طور تي هن اليڪشن ۾ سندس کٽڻ طئه هو پر پوءِ اهو ڇا ٿيو جنهن اها کٽيل بازي بدلائي ڇڏي. جڏهن اسان ڳوڙهي جاچ ڪريون ٿا ته پتو پوي ٿو ته آمريڪا جي پراڻ پسند شهرين، ٻهراڙي وارين رياستن ۽ ڳوٺاڻن ماڻهن ۾ اڃا به اسان واري قبيلائي سماج واري سوچ جو غلبو آهي. هليري کي هارائڻ ۾ ٽرمپ جو ڪو به ڪمال نه آهي، هوءَ صرف ان ڪري هارائي وئي جو هوءَ عورت هئي، اصلوڪا پراڻ پسند ۽ ٻهراڙي سان لاڳاپو رکندڙ آمريڪي نه پيا چاهين ته ڪا عورت سندن ملڪ جي سربراهه ٿئي ۽ انهن گڏهه جي نشان تي ووٽ نه ڏيئي هڪ اهڙي فرد کي ڪامياب ڪرائي ڇڏيو جيڪو برجنس انهيءَ جناور جهڙو آهي. ان صورتحال کي ڏسي مون کي ته اهو محسوس ٿئي ٿو ته سُڌريل آمريڪين کان وڌيڪ سيڪيولر ۽ ترقي پسند اسين ڏکڻ ايشيائي آهيون جن سري مائو بندرا نائيڪي، اندرا گانڌي، حسينه واجد، بينظير ڀٽو، خالده ضياءَ، چندريڪا ڪمارا ٽنگي ۽ آنگ سانگ سوچي کي پنهنجي پنهنجي ملڪ جو سربراهه بڻايو ۽ اسان کي انهن هاڪارين حڪمرانن جي حڪمراني تي اڄ به فخر آهي. انگن اکرن موجب آمريڪي چونڊ ۾ نيرين (ڊيموڪريٽڪ حامي) ۽ ڳاڙهين (ري پبلڪن حامي) رياستن کي ڇڏي 11 سوئنگ رياستن ته هن ڀيري ڪمال ڪري ڇڏيو، جيڪڏهن ووٽن جي انگ کي ڏسو ته هليري کٽي وئي آهي. هليري ڪلنٽن کي هن اليڪشن (59011452 يعني ڪل ووٽن جو 48 سيڪڙو) ووٽ مليا آهن جڏهن ته ٽرمپ کي (8591300 ووٽ جيڪي به اٽڪل 48 سيڪڙو ئي ٿين ٿا) مليا آهن. ان ريت هليري کي هڪ لک 21 هزار 502 ووٽ ٽرمپ کان وڌيڪ مليا آهن پر آمريڪي چونڊ سرشتي موجب اليڪٽورل ووٽ ٽرمپ کي وڌيڪ مليا آهن ٽرمپ کي ڪل 278 اليڪٽورل ووٽ ۽ هليري کي 218 ووٽ مليا آهن. ڪئليفورنيا، اورلينڊو، وسڪونسن، ڪولمبيا، الينز، نيويارڪ، ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا، نيو جرسي، ورمائونٽ جهڙين رياستن مان هليري ڪامياب ٿي آهي پر پاڪستانين جي سڀ کان وڏي آبادي رکندڙ رياست ٽيڪساس، ڪينٽڪي، يوٽاه، ڪينساس، مونٽانا، الباما، ٽينيسي ۽ ٻين وري ٽرمپ کي پنهنجو ووٽ ڏنو. جڏهن ته فلوريڊا ۽ اوهايو جهڙين سوئنگ رياستن ٽرمپ کي ووٽ ڏيئي کيس فتح مند ڪيو.

فتح ماڻڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽرمپ چونڊ مهم واري ٽرمپ کان بلڪل الڳ ٿلڳ محسوس ٿيو. هُن سڀني مذهبن، فرقن ۽ نسلن جي ماڻهن سان محبت جو اظهار ڪيو، سڀني کي گڏ کڻي هلڻ جو وچن ڪيو، پاڻ کي سڀني آمريڪين جو صدر سڏيو، هليري جي خدمتن جي واکاڻ ڪئي.

هي نتيجا دنيا تي وڄ بڻجي ڪڙڪيا آهن، دنيا جون اسٽاڪ ايڪسچينجون انتهائي وڏي کڏ ۾ ڪرڻ لڳيون آهن، وڏيون کڳيون هڻندڙ ڀارت جي ممبئي اسٽاڪ ايڪسچينج ڪاروبار جي پهرين 15 منٽن ۾ 178 لک ڪروڙ روپيا وڃايا. ساڳئي صورتحال ڪراچي، ٽوڪيو، لنڊن ۽ وال اسٽريٽ جي هئي. هي ته اڃا شروعات آهي اڳتي اڳتي ڏسون ڇا ٿو ٿئي.

اڃا ته شروعات آهي پر هڪ ڳالهه هميشه کان چئي رهي آهي ته آمريڪا جو صدر پوءِ ڀلي اهو ري پبلڪن هجي يا ڊيموڪريٽڪ پهرين صرف آمريڪا جو صدر هوندو آهي، ان کانپوءِ ڪجهه ٻيو. ٽرمپ ڀلي هندستان سان حُب جو اظهار ڪندي اب ڪي بار ٽرمپ سرڪار جو نعرو هڻي پر هندستان سان وڏي اڪير ته ڊيموڪريٽڪ صدرن جي به رهي آهي، ڪلنٽن چار ڏينهن جئه پور، جوڌپور، اجمير ۽ آگرا جي گلين ۾ گهمندو رهيو ۽ پاڪستان کي 40 منٽ ڏنا هئا اهو ڪنهن کان وسري ويو ڇا؟ اسان کي آمريڪا ۾ ڪيدر اچي ٿو يا ڪير وڃي ٿو ان بابت پنهنجو مٿو کپائڻ بدران پنهنجون پاليسيون پنهنجي ملڪ جي مفادن ۽ پنهنجي ماڻهن جي مفادن جي حساب سان جوڙڻ گهرجن، اسان جون پاليسيون پاڻ ڀريون هجڻ گهرجن نه ٻين جي اشارن تي هلندڙ، مون کي نٿو لڳي ته ٽرمپ جي اچڻ سان اسان کي ڪو ايترو وڏو فرق پوندو باقي دهشتگردي خلاف ويڙهاند بابت سندس پاليسي ضرور سخت ترين هوندي ۽ اها ئي پاليسي اسان جي پڻ آهي، ان ڪري خراب ۽ سٺن کي ڪنڊائتو ڪري ملڪ کي نفرتن جي ڌٻڻ کان ٻاهر ڪڍي محبتن جي راهه تي هلائڻ گهرجي. پنهنجي ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي، عوام جي بهتري لاءِ قدم کڻڻ گهرجن اسين پنهنجن پيرن تي بيٺل هونداسين ته آمريڪي ڪهڙو به صدر اچي اسين ان سان اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جهڙا ٿينداسين باقي جيڪڏهن انهن جي اشاري تي جي حضوري ڪنداسين ته پوءِ ڪير به اچي اسان ٻانهن ٻڌا ٻانها وارو قصو هلندو پيو ايندو.

jaimoorani@hotmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *