ٽرمپ ، ٽيسٽ ۽ “فائر اينڊ فيوري ” : شفيق الرحمان شاڪر

آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي مقبوليت ۾ وڌيڪ گھٽتائي اچي ويئي آهي.تازي سروي مطابق هن جي مقبوليت گھٽجي صرف 37 سيڪڙو رهجي ويئي آهي. ٽرمپ جي مقبوليت متعلق اها تازي سروي ٽيليفون ذريعي ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ پندرهن سو ماڻهن جي راء معلوم ڪئي ويئي. امريڪي ميگزين “نيوز ويڪ” مطابق عهدي جي مدي جي ٻئي سال ٽرمپ کي هن وقت تائين جو سڀني کان گھٽ مقبوليت ماڻيندڙ صدر قرار ڏنو ويو آهي.

ان کانسواء وائيٽ هائوس جي نائب پريس سيڪريٽري هوگن گڊلي چيو آهي ته امريڪي صدرٽرمپ جي طبي معائني ڪرائڻ جي خبر درست آهي پر ان ۾ دماغي معائنو شامل ناهي. غيرملڪي اخباري اطلاع مطابق  وائيٽ هائوس ۾ هڪ امريڪي اخبار سان ڳالهائيندي هن جو چوڻ هو ته ميڊيا ۾ صدر ٽرمپ جي دماغي توازن خراب هئڻ بابت پروپيگنڊا ڪئي پيئي وڃي جڏهن ته صدر ذهين ۽ فوري فيصلي جي صلاحيت جو مالڪ آهي. هوگن گڊلي نفسيات جي ماهرن تي تنقيد ڪندي چيو ته  جيڪي ڊاڪٽر ٽرمپ جي ذهني ڪيفيت کان واقف ئي ڪونهن ۽ نه ئي ڪڏهن هن سان مليا آهن انهن کي اهڙن بيانن کان پاسو ڪرڻ گھرجي. وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته صدر ٽرمپ کي ذهني بيماري “ڊيمينشيا” لڳل ناهي ۽ هو ثابت ڪندا ته سندن صدر ذهني مريض ناهي.

واضح رهي ته والاريل بيت المقدس جي باري ۾ 6 ڊسمبر 2017ع تي ڪيل پنهنجي تقرير ۾ ٽرمپ لفظن جي صحيح ادائيگي نه ڪري سگھيو هو ۽ تقرير جي آخر ۾ هو  “ يونائيٽيد اسٽيٽس” کي       “ يونائيٽيڊ اشٽيٽس” چئي ويو هو.لفظن جي مناسب نموني ادائيگي نه ڪري سگھڻ سبب ٽرمپ کي ذهني بيماري “ڊيميشيا ” يا “الزائيمر” ۾ مبتلا هئڻ جا شڪ ظاهر ڪيا ويا هئا.ان حوالي سان وائيٽ هائوس جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جلد ئي طبي معائنو ڪرائيندو ۽ ثابت ڪندو ته هو چريو ناهي. “ڊيلي ميل” مطابق وائيٽ هائوس جي پريس سيڪريٽري سارا سينڊرز صحافين کي ٻڌايو ته صدر ٽرمپ جي ذهني صحت جي باري ۾ عجيب قسم جا سوال اٿاريا ويا پر حقيقت اها آهي جو صدر جي نڙي سڪل هئي  ۽ ٻيو ڪجھه به نه هو.هن وڌيڪ ٻڌايو ته ٽرمپ جو طبي معائنو والٽر ريڊ نيشنل ملٽري ميڊيڪل سينٽر ۾ ٿيندو جنهن جي رپورٽ ڊاڪٽر جاري ڪندا.

واضح رهي ته ان کان اڳ ويجھڙائيء ۾ ئي ٽرمپ برطانوي وزيراعظم ٿريسا مي سمجھندي ان جي ئي هم نالي عورت کي ٽئيٽ ڪري پنهن جو پاڻ کي مصيبت ۾ وجھي چڪو آهي. هر وقت پنهنجو پاڻ کي اجاين تڪرارن ۽ فسادن ۾ ڦاسائيندڙ هن مسخري يا چريي امريڪي صدر لاء هڪ وڏي مصيبت تڏهن نازل ٿي پيئي جڏهن هن جو صرف صدارت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي صحافي مائيڪل وولف جي ڪتاب “ فائر اينڊ فيوري” جا ٽرمپ جي شخصيت ۽ صدارت جي باري ۾ خوفناڪ راز کولي وڌا.ٽرمپ صحافيء جي انهن سمورن انڪشافن کي ڪوڙ جو ڍير قرار ڏنو آهي.پنهن جي هڪ ٽويٽ ۾ ٽرمپ فرمائي ٿو ته “هن (صحافي) کي ڪڏهن به وائيٽ هائوس تائين پهچ ئي نه رهي آهي بلڪه هن کي ڪيترائي دفعا ڌڪا ڏيئي وائيٽ هائوس مان ٻاهر ڪڍيو ويو.مون هن سان ان ڪتاب جي باري ۾ ڪڏهن ڳالهايو ئي ناهي.جيڪو ڪتاب ڪوڙن ۽غلط ترجمانين  سان ٽمٽار  آهي ۽ جنهن جي ڏنل حوالن جو وجود ئي ڪونهي.ان ڇوري جي ماضيء ڏانهن نهاريو ۽ ڏسجو ته ان سان ڪهڙو سلوڪ ٿئي ٿو!“

هيء ڪتاب هن مهيني کان وڪري هيٺ اچي رهيو آهي ۽ ايمازون جي ويب سائيٽ تي ان جي وڪري لاء اڳواٽ آرڊر بڪ ڪيا پيا وڃن جنهن جي بنياد تي هن ڪتاب کي “بيسٽ سيلر” ڪتاب قرار ڏنو پيو وڃي.ٻئي طرف ٽرمپ انتظاميا ان ڪتاب تي بندش لڳائڻ تي غور ڪري رهي آهي ۽ ٽرمپ ڪتاب جي مصنف خلاف هتڪ عزت جي دعويٰ داخل ڪرڻ لاء صلاح مشورا شروع ڪري ڏنا آهن.تنقيد ڪندڙن ڪتاب ۾ بيان ڪيل انڪشافن کي صدر ٽرمپ لاء ڌماڪاخيز قرار ڏنو آهي. مائيڪل وولف امريڪي صدر جي باري ۾ پنهنجن انڪشافن ۾ چيو آهي ته ٽرمپ پنهنجن ملازمن سان رڙيون ۽ گوڙ ڪندو آهي.هڪ ئي وقت ٽي ٽي ٽي وي ڏسندو آهي ۽ پنهنجي ذاتي شين تي ٻئي ڪنهن کي هث به لائڻ نه ڏيندو آهي.جڏهن ته هن کي خوف آهي ته ڪو هن جي ٽوٿ برش کي زهر لڳائي ڇڏيندو.  ٽرمپ جي اسٽريٽجيڪ ايڊوائيزر اسٽينو بينن چيو هو ته صدر ٽرمپ جي پٽ ٽرمپ ٽاور ۾ روسي آفيسرن سان ملاقات ڪئي هئي جنهن کي بينن غداري ۽ بيوفائيء سان ڀيٽيو هو. ڪتاب ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ٽرمپ جو پٽ ڊون جونيئر روسين آڏو هڪ بيضي وانگر ڦاٽي پيو ۽ انهن کي ڪيترائي راز ٻڌائي ويٺو.ٽرمپ کي امريڪي آئين متعلق تمام ٿوري ڄاڻ هئي ۽ ڪيترن ئي ٻين ماڻهن هن کي امريڪي آئين جي بنيادي ڳالهين جي باري ۾ معلومات ڏني. ڊونلڊ ٽرمپ صدر بنجڻ جي اميد نه رکندو هو ۽ هن جي فتح تي سندس ٻي زال ميلانيا رني هئي پر اهي خوشيء جا لڙڪ نه هئا.ٽرمپ ۽ ميلانيا پنهنجي بيڊروم ۾ جدا جدا سمهندا آهن ٽرمپ ڳجھن ادارن جي مشورن جي ابتڙ پنهنجي سمهڻ واري ڪمري جو دروازو اندران لاڪ ڪري سمهندو آهي.هو روزانو شام جو ساڍي ڇهين وڳين پنهنجي بستري تي ئي ويهي پنير برگر کائيندو آهي. ارب پتي ٽام پيريگ صدر ٽرمپ کي پاڳل ۽ بيوقوف چئي سڏيندو آهي جڏهن ته رابرٽ مرڊوخ ٽرمپ کي جاهل سڏيندو آهي. ٽرمپ پنهنجن دوستن جي زالن تي نظر رکندو آهي ۽ انهن جي باري ۾ سندن مڙسن سامهون گندا لفظ چوندو آهي.ٽرمپ جي هڪ معاون چيو ته هو ضروري ڪاغذ به نه پڙهندو آهي. ٽرمپ ضد ۾ اچي ترت ٽويٽ جو جواب ڏيندو آهي.پنهنجا ٽويٽ پاڻ لکندو آهي.ٽرمپ پنهنجن ملازمن ۽ نوڪرن سان اڪثر جھيڙو جھڳڙو ۽ رڙيون ڪندو رهندو آهي ۽ انهن کي گندا لفظ به چوندو آهي.

تازو ئي ڪنهن شاندار دعوت ۾ ٽرمپ پنهنجن پراڻن دوستن کي سڃاڻن کان انڪار ڪري ڇڏيو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن هو ڏهن منٽن ۾ ساڳي ڳالهه ٽي ٽي ڀيرا ورجائيندو آهي . پنهنجي اسٽاف جي باري ۾ امريڪي صدر جا تاثرات ڪجھه هن طرح جا آهن. بينن ڪنهن ڪم جو ناهي،پريبيسٽن  بونو آهي ۽ ڪيليان سارو ڏينهن منهن سڄايو روئندي وتي. ان کان سواء هي رنگيلو صدر پنهن جي عملي کي غائب دماغ، بي وقوف، جاهل، نااهل، مايوس ڪندڙ، بيڪار، سست، ڪاهل جي عظيم لقبن کانسواء هن وقت تائين بيشمار گارين سان به نوازي چڪو آهي.ٻئي طرف ٽرمپ جي ڌيء ايوانڪا پنهن جي پيء جي وارن جي اسٽائيل جو مذاق اڏائيندي رهندي آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *