ٽانءِ ٽانءِ فش ٿي ويل سونامي!: واحد پارس هيسباڻي

خيرن سان مڪاني چونڊن جو ٽيون مرحلو به پورو ٿي ويو، جنهن جا نتيجا گهڻي حد تائين روايتي صورت ۾ ئي سامهون آيا آهن. خاص ڪري ڪراچي جي حوالي سان پاڻ وارن دانشورن جا پرمغز تبصرا ۽ تجزيا پاڻي تي ڦوٽي جيان ثابت ٿيا آهن، ڌانڌلين، ڏاڍ مڙسي جا سمورا رستا بند ڪرڻ جي باوجود اتي متحده ان ساڳي ئي اڪثريت سان ميدان ماري رهي آهي. اهي ڌريون جيڪي پنهنجي هار کي ڌانڌلين واري الزام ذريعي جسٽيفاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون هيون، هن ڀيري انهن وٽ اهو جواز به نه رهيو آهي ۽ کين کُلم کلا پنهنجي هار جو اعتراف ڪرڻو پوندو، جيڪو راولپنڊي ۾ شيدا ٽلي ته چونڊ نتيجن واري ڏينهن ئي ڪري ورتو آهي، باقي ڌريون ان معاملي ۾ ڪيترو فراخدليءَ سان سامهون اچن ٿيون، ڏسڻو اهو آهي.

مڪاني چونڊن جي ٻنهي مرحلن جيان هن ٽئين مرحلي ۾ به جيتوڻيڪ پيپلزپارٽي کي به توقع جي ابتڙ سيٽون مليون آهن، پنجاب ۾ ته جهڙوڪر سندس صفايو ٿي ويو آهي، ملتان جيڪو پنجاب ۾ سندس ائين ئي ڳڙهه سمجهيو ويندو هو، جيئن سنڌ ۾ لاڙڪاڻو سمجهيو وڃي ٿو، اتي به هن ڀيري کيس وڏي شڪست ملي آهي، پر هنن چونڊن ۾ جيڪا ڏاڍي ٿي آهي اها تحريڪ انصاف سان ٿي آهي ۽ سندس سموري سونامي ٽانءِ ٽانءِ فش ٿي وئي آهي. هي جنهن دعويٰ سان ميدان تي لٿي هئي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي هجڻ جي دعويٰ ڪري رهي هئي، مڪاني چونڊن جي نتيجن کيس پنهنجي ليول ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هي جنهن عروج سان ميدان تي لٿي هئي، ان ئي زوال سان پوئتي وڃي رهي آهي. گذريل عام چونڊن ۾ کيس جن جن علائقن مان سيٽون مليون هيون، هنن چونڊن ۾ اهي علائقا به سندس هٿن مان هليا ويا آهن، پاڻ ڪراچي جو ئي مثال وٺون ٿا، عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ هنن مڪاني چونڊن ۾ کيس تمام گهٽ ووٽ مليا اهن. گذريل عام چونڊن جي نتيجن کانپوءِ هن دانهون ڪيون هيون ته چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌليون ٿيون آهن، سندس اُميدوارن کي هٿ وٺي هارايو ويو آهي، جيڪڏهن ڌانڌليون نه ٿين ها ته هي ڪراچي جي نمبر ون سياسي قوت طور سامهون اچي ها، پاڻ هنن ئي صفحن ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ اهو لکيو هيوسين ته هي مڪاني چونڊون سڀني سياسي ڌرين سميت تحريڪ انصاف لاءِ به ٽيسٽ ڪيس آهن ۽ ان جا نتيجا اهو ثابت ڪري ڇڏيندا ته ڪراچي ۾ ڪهڙي پارٽي جو پلڙو ڀاري آهي. تازن چونڊ نتيجن ۾ اهو ثابت ٿي چڪو. هن ڀيري تحريڪ انصاف سان مسئلو اهو به آهي ته هي ڌانڌلين جا الزام به هڻي نه ٿي سگهي، ڇو ته هي چونڊون فوج ۽ رينجرز جي نگراني ۾ سخت انتظامن سان ٿيون آهن ۽ تحريڪ انصاف پولنگ عمل تي پنهنجو اطمينان پڻ ظاهر ڪري چڪي آهي، سو جيڪي نتيجا سامهون آيا آهن، اهي نه چاهيندي به کيس قبول ڪرڻا پوندا نه ته سندس دانهون خود پنهنجو تماشو پاڻ ڪرڻ برابر هونديون. پاڻ ڪراچي جي چونڊ نتيجن تي ڳالهائي رهيا آهيون. گذريل عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف کي جيڪي گهڻا ووٽ مليا هئا، اهي ڊفينس وارن علائقن مان مليا هئا ۽ چيو پئي ويو ته اهي ووٽ انهن برگر فيمليز ڏنا آهن، جيڪي هڪ ته عمران خان جي ڪرڪيٽر واري سحر ۾ اڃا تائين ڦاٿل آهن ۽ ٻيو سندس نچڻ ڳائڻ وارن جلسن مان متاثر آهن، پر هنن مڪاني چونڊن ۾ انهن ساڳين علائقن مان به کيس اها ساڳي موٽ نه ملي آهي. لڳي ائين رهيو آهي ته يا ته انهن علائقن ۾ رهندڙ برگر فيمليز جي اُميدن تي تحريڪ انصاف پوري نه لهي سگهي آهي يا انهن جي دلچسپي تبديل ٿي وئي آهي. بهرحال تحريڪ انصاف لاءِ هي چونڊ نتيجا سوچڻ جو مقام آهن ته هر چمڪندڙ شيءِ سون ناهي هوندي. وڏن وڏن جلسن ۽ ماڻهن کي گڏ ڪرڻ جو مطلب اهو ناهي ته اهي سڀ جا سڀ ماڻهو ووٽ به ڏيندا! هونئن به تفريح جي اڻهوند واري هن ماحول ۾ ماڻهن کي جيڪڏهن ڪو نئون موقعو ملي ٿو ته هي وقتي طور تي ان مان انجواءِ ڪري وٺن ٿا. ممڪن آهن تحريڪ انصاف جي محفل موسيقي سان ڀرپور جلسن سان به ائين ئي هجي.

ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن ۽ متحده ڪارڪنن جي دهشتگردي جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث هجڻ جي اعتراف ڪرڻ کانپوءِ جيڪو سمجهيو ائين پئي ويو ته ان جو اثر متحده جي روايتي ووٽ بئنڪ تي پوندو ۽ ان جو فائدو سندس مخالف سياسي ڌرين کي حاصل ٿيندو. حقيقت ۾ ائين نه ٿيو. چونڊ نتيجن ۾ متحده پنهنجي ان ساڳي ئي پراڻي پوزيشن تي بيٺل آهي ۽ ڪراچي جو ميئر سندس ئي ٿيڻو آهي، ساڳئي نموني لياري آپريشن کانپوءِ جيڪي اهي امڪان ظاهر ڪيا پئي ويا ته اتي پيپلزپارٽي جي ووٽ بئنڪ کي ڌچڪو رسندو ۽ اهو اسپيس به تحريڪ انصاف والاريندي، اهو امڪان به پاڻي تي ليڪي جيان ثابت ٿيو آهي، لياري، ملير ۽ ٻيا اهي علائقا جتان پيپلزپارٽي جا اُميدوار ڪامياب ٿيندا رهيا آهن، اتي تقريبن پوزيشن ساڳي ئي آهي ۽ پ پ جا اُميدوار ئي ڪامياب ٿيا آهن.

هن ڀيري تحريڪ انصاف سان جماعت اسلامي به گڏ هئي ۽ ماضي ۾ ڪراچي اندر جماعت اسلامي جو سٺو ووٽ بئنڪ رهيو آهي، جنهن جو هڪڙو وڏو مثال مشرف جي ناظمي نظام جي پهرين مرحلي دوران جڏهن متحده بائيڪاٽ ڪيو ته جماعت اسلامي کي ڪاميابي ملڻ مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن ۾ سندن اُميدوار نعمت الله خان ڪراچي جو سٽي ناظم بڻيو هو. ٻنهي ڌرين جي گڏ ٿيڻ کانپوءِ کين جيڪا ڪاميابي ملڻ گهرجي ها، اها کين نه ملي سگهي آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هي جيترا ماڻهو پاڻ سان گڏ هجڻ جي دعويٰ ڪري رهيون آهن، اوترا ماڻهو هنن سان گڏ آهن ڪو نه. تحريڪ انصاف جي هن انداز ۾ پوئتي وڃڻ جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، جن ۾ هڪڙو وڏو سبب پارٽي جا اهي اندروني اختلاف به ٻڌايا پيا وڃن، جيڪي ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن. چيو پيو وڃي ته تحريڪ انصاف اندر ٽي کان چار ڌڙا ٺهي چڪا آهن، جيڪي پنهنجون سموريون توانايون هڪ ٻئي کي ڪٽ ڪرڻ ۾ استعمال ڪري رهيا آهن، اهي ماڻهو جيڪي هٿ ۾ هٿ ڏئي جلسن ۾ گڏ نظر ايندا هئا ۽ ڏاڍي پرجوش انداز ۾ پنهنجي حامين جي جذبن کي گرمائيندي نظر ايندا هئا، اهي هينئر هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ به پسند نه ٿا ڪن، رڳو ايترو ئي نه پر ڪيترن ئي هنڌن تي ائين به ٿيو آهي ته پارٽي جي اُميدوار کي خود پارٽي جي ماڻهن ئي هٿ وٺي هارايو آهي ۽ جن به تنظيمن ۾ اها صورتحال هوندي آهي ان جو حال نيٺ اهڙو ئي ٿيندو آهي، جهڙو تحريڪ انصاف جو ٿي رهيو آهي.

سنڌ ۾ ته صرف ڪراچي اندر تحريڪ انصاف جو ووٽ بئنڪ نظر آيو هو پر پجاب جي ته تقريبن هر شهر ۾ سندس ڪامياب جلسا نظر آيا هئا، جن نواز ليگ کي به پريشاني ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو هو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي ۽ سندن پارٽي پوزيشن ڪٿي بيهندي؟ پر مڪاني چونڊن جي نتيجن نواز ليگ کي ڪافي حد تائين مطمئن ڪري ڇڏيو آهي ۽ مستقبل جي حوالي سان سندن ڳڻتيون تقريبن ختم ٿي ويون آهن، ڇو ته عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ مڪاني چونڊن جي هنن ٽنهي مرحلن دوران تحريڪ انصاف کي تمام گهٽ ڪاميابي ملي آهي. لاهور جا اهي علائقا جتي عام چونڊن ۾ ڪانٽي جا مقابلا ٿيا هئا ۽ نواز ليگ کي خشڪيون چڙهي ويون هيون، هنن چونڊن ۾ اتي نواز ليگ جي اُميدوارن وڏي اڪثريت سان کٽيو آهي ۽ تحريڪ انصاف جي اُميدوارن کي تمام گهٽ ووٽ مليا آهن، ساڳيو قصو پنجاب جي ٻين شهرن جو به آهي. جيتوڻيڪ تحريڪ انصاف کي ڪافي سيٽون مليون به آهن پر انهن جو ريشو عام چونڊن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي، جنهن تيزي سان تحريڪ انصاف جو ووٽ بئنڪ گهٽجي رهيو آهي، اها صورتحال يقينن تحريڪ انصاف لاءِ ڳڻتي جو ڪارڻ هجڻ گهرجي، جنهن جو احساس شايد ان جي قيادت کي به هوندو.

اها پنهنجي جڳهه تي حقيقت آهي ته عوام کي روايتي اقتداري پارٽين سخت مايوس ڪيو آهي، ان کي تبديلي گهرجي ٿي ۽ تحريڪ انصاف کي مليل شروعاتي موٽ به ان تبديلي واري خواهش جو عڪس هئي پر پوءِ هن جهڙي انداز ۾ حڪمت عمليون جوڙيون ۽ سياست جي ميدان تي جيڪي رنگ ڏيکاريا، انهن عوام جي اُميدن مٿان پاڻي ڦيرڻ شروع ڪيو. عوام تبديلي کي ته پسند ڪري ٿو پر اهڙي تبديلي کي نه، جيڪا عمران خان آڻڻ چاهي ٿو. هن اسلام آباد ۾ طويل ڌرڻي واري سياست جا جيڪي رنگ ڏيکاريا، ان سنجيده سوچ وارن ماڻهن کي سخت مايوس ڪيو. هن جنهن الزامن هيٺ اهو ڌرڻو هنيو، سندس اهي الزام به گهڻو ڪري غلط ثابت ٿيا. جڊيشل ڪميشن جي انڪوائري سندس الزامن کي غلط ثابت ڪيو ۽ ڪيترن ئي تڪن تي ٿيل ٻيهر چونڊن ۾ به اهي ساڳيا ئي اُميدوار ڪامياب ٿيا، جيڪي پهريان ٿيا هئا. اصل ۾ سياست ۾ سنجيدگي ۽ مستقل مزاجي به ضروري هوندي آهي، ڳائي وڄائي وڏا جلسا ڪرڻ سان ڪير وڏو ليڊر نه ٿو ٿي وڃي. بهرحال مڪاني چونڊن جي نتيجن تحريڪ انصاف جي قيادت لاءِ ڪيترائي سوال ڇڏيا آهن، جن جا جواب کيس پاڻ ڳولڻ گهرجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *