…!ٻارنهن سالن جي نگهت کي پرڻائڻ جي ڪوشش

 

ڏهرڪي ويجهو ڳوٺ متارو شر جي رهواسڻ 12 سالن جي نگهت ڌيءُ نعمت شر کي والدين زوريءَ پرڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، نينگري پرڻي کان انڪار ڪري وجهه وٺي ڏهرڪي ٿاڻي تي پهچي وئي. ان ڏس ۾نگهت ڏهرڪي ٿاڻي تي صحافين کي ٻڌايو ته هڪ سال اڳ والد منهنجي شادي پنهنجي ڀائٽي ذهني معذور ڪاشف پٽ عبدالطيف سان ڪرڻ گهري،جنهن خلاف مون بغاوت ڪئي منهنجي ماءُ ۽ چاچي منهنجي اها مڱڻي ختم ڪرائي بعد ۾منهنجي لالچي ناني ٻڍو شر منهنجي شادي پنجاب واسي غلام ياسين پٽ کبڙ سان طئي ڪئي جنهن لاءِ هن کبڙ کان پئسا ورتا هاڻي منهنجو پيءُ ۽ نانو مون کي زبردستي پرڻائڻ چاهين پيا آئون اتان نڪري پنهنجي زندگي بچائي ڏهرڪي ٿاڻي تي پهتي آهيان نينگري صحافين کي ٻڌايو ته مان هن وقت ستين ڪلاس ۾ پڙهي رهي آهيان، پنهنجي تعليم اڳتي جاري رکڻ چاهيان ٿي، شادي نه ٿي ڪرڻ چاهيان پوليس مونکي تحفظ فراهم ڪري. هوڏانهن ايس ايڇ او ڏهرڪي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته وچ ۾ چڱا مڙس آيا آهن، نينگري جي والدين ۽ سندس ويجهن عزيزن ۽ نينگري جي مسئلي تي ٺاهه ٿي ويو آهي هن چيو ته قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ اسان اڄ نينگري کي مقامي عدالت ۾ پيش ڪنداسين.ٻئي طرف نينگري جي چاچي سليم شر الزام مڙهيندي چيو ته نينگري جو نانو ٻڍو شر لالچي قسم جو شخص آهي هن پهرين به پنهنجون 2 ڌيئرون شفيعه ۽ ماريه پئسن عيوض پنجاب وڪرو ڪيون آهن، هو پنهنجي ڏوهٽي نگهت کي به ساڳين ماڻهن وٽ وڪرو ڪرڻ چاهي ٿو . ٻئي طرف پوليس نينگري جي دانهن تي سندس پيءُ ۽ ناني کي حراست ۾ وٺي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *