يمن، گهرو ويڙهه ۾ تيزي

يمن جي سامونڊي شهر عدن ويجھو وڏي هوائي اڏي تي حوثي قبيلي سان لاڳاپيل باغين جي قبضي کانپوءِ عدن ۽ ڀرپاسي جهڙپن جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي، جڏهن ته صدر عبدالربوه منصور هادي شهر ڇڏي ڪنهن نامعلوم هنڌ ڏانهن روانو ٿي ويو آهي. ان کان اڳ قبيلائين جي شهر ڏانهن اڳڀرائي سبب صدر هادي عدن شهر جي صدارتي محل مان فرار ٿي ويو آهي، جڏهن ته حوثي باغين سندس گرفتاريءَ تي انعام جو اعلان ڪيو آهي.

سرڪاري اهلڪارن صدر هادي جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ترديد ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اُهو عدن شهر ۾ ئي ڪنهن نامعلوم جاءِ تي موجود آهي، ٻئي پاسي آمريڪي پرڏيهي کاتي چيو آهي ته صدر هاديءَ سان ڏينهن جو پهرين پهر رابطو ٿيو هو، ان کانپوءِ ڪو رابطو نه ٿيو آهي. آمريڪي خابرو اداري جي رپورٽ موجب صدر هادي باغين جي قبضي هيٺ آيل سرڪاري ٽيلي ويزن تي عدن ويجھو هوائي اڏي جي وڏي حصي تي باغين جي قبضي جي خبر نشر ٿيڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ پنهنجو صدارتي  محل ڇڏي ويو، صدر هادي ملڪ جي گادي واري هنڌ صفا تي باغين جي قبضي کانپوءِ عدن منتقل ٿي ويو هو ۽ اتان پنهنجو اقتدار بچائڻ لاءِوڙهي رهيو هو.

حوثي قبيلن جي اڳڀرائي سبب يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه ۾ پاڙيسري نار جي ملڪن جي مداخلت جو خطرو به وڌي ويو آهي، عبدالربوه منصور اڳ ئي اقوام متحده کي ملڪ اندر پرڏيهي فوجي مداخلت جي اپيل ڪري ڇڏي آهي.

يمن ۾ حوثي باغين اهڙي وقت ۾ اڳڀرائي ڪئي آهي، جڏهن هڪ ڏينهن لڳ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير سعود الفيصل چيو هو ته يمن ۾ عدم استحڪام جو پرامن حل نه ڪڍيو ويو ته نار جا ملڪ يمن ۾ حوثي باغين خلاف ”اڻٽر قدم“ کڻي سگهن ٿا.

هوڏانهن چيو وڃي ٿو ته سعودي عرب به يمن ۾ حوثي قبيلي جي ويڙهاڪن خلاف ڪارروائي هوائي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. ايران حوثي قبيلي جي ويڙهاڪن خلاف سعودي عرب جي هوائي حملن جي مذمت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته اهو هڪ خطرناڪ قدم آهي جيڪو عالمي ذميوارين ۽ يمن جي قومي خودمختياريءَ جي خلاف ورزي آهي.

ٻئي پاسي سعودي عرب چيو آهي ته حوثي قبيلي خلاف ڪاررواين ۾ ان کي پاڪستان جي حمايت به حاصل آهي ۽ جي ضرورت پئي ته اهو ان جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ به تيار آهي. سعودي عرب جي سرڪاري خابرو اداري دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان کان علاوه سعودي عرب کي يمن جي حوثي قبيلائين خلاف مراڪش، مصر ۽ سوڊان جي حمايت به حاصل آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *