يارن جا جهيڙا ۽ ڏچي ۾ آيل عوام؛جئه پرڪاش موراڻي

اسان ڪڏهن خوابن جي دنيا ۾ رهندا آهيون، ڪڏهن جذبات جي ندين ۾ وهي ويندا آهيون، ڪڏهن نعرن جي گونج اسان جي آرام ۾ خلل وجهندي آهي ته ڪڏهن وري بارود جي بُوءِ ۽ ڌماڪن جون ڌمڪيون اسان جو سُک چين کسي وينديون آهن. واعدن جي گلستان ۾ گهمندي گهمندي اسان کي وفاعن جي گلن جي تلاش رهندي آهي، پر اهو فصل اڄڪلهه هن ملڪ ۾ ٿئي ئي ڪونه، ڇو ته محبتن جو پاڻي نفرتن جي آڙاهه جي تپش سبب سُڪي ٺوٺ ٿي ويو آهي.

جڏهن ورهين جا دل گهريا دوست ۽ پڳ مٽ يار هڪ ٻئي جا پٽڪا ڌوڙ ڪرڻ تي لهي اچن ۽ هڪ ٻئي جي ننگن جي لوئي ۽ لڄ لوڙهن تي اڇلائڻ لڳن ته پوءِ وفا جا جيڪي چار گل اڀريا به هوندا ته اهي شرم منجهان ڪومائجي وڃن ٿا. سياستدان ته اسان جا اهي ڪانءُ آهن، جن کي سدائين لُڙ ۾ مزو ايندو آهي، ڏچي ۾ ته عوام آهي، جنهن جون ٻه به ويون ته ڇهه به ويون. هِنن واعدا ڪيا هئا ته کير جون نديون وهائي ڏيندا، هُنن وچن ڪيا هئا ته شينهن ٻڪري هڪ گهاٽ تان پاڻي پيئندا، ٻين وري ڳالهه ئي ٻي ڪئي هئي ته سڀني کي روزگار به ملندو ۽ اٽي، لٽي ۽ اجهي جو ذمو به اسان جو. ڪن ماڻهن پهرين جي ڳالهه تي ڀروسو ڪري انهن جو ڀر ورتو، ٻين وري امن جي آس ۾ ٻين جي پوئيواري ڪئي، پر اڪثريت وري اٽي، لٽي ۽ اجهي جي آسري ۾ شهيد جي سٿ پويان لُوهه ڪئي. نه هُنن ٻوٽو ٻاريو ۽ نه ٻين ڪا چڱي پوک پوکي، باقي رهيا ٽيان تن جا ته هڪٻئي جي ڳچيءَ ۾ هٿ ۽ ماڻهن جي کيسن ۾ اکيون آهن، سو چڱائي جي اميد ڪجي به ته ڪنهن کان ڪجي.اڄڪلهه جنهن کان به پڇندو آهيان ته يار ڪر خبر ”نيٺ ڇا ٿيندو؟“ ته جواب سُڻي ٻئي هٿ مٿي تي اچيو وڃن. سڀئي سورن ۾ سڙيل آهن، ڏکويل آهن، مايوس آهن، نراس آهن ۽ ڪٿان به اميد جو ڪو ڪِرڻو نظر نٿو اچي.صفا اها ڳالهه ناهي ته اسان هڙ وڃائي ويٺا آهيون، پر اها ڳالهه ضرور آهي ته جيڪو ڪجهه ڌڻي جي ڏني مان اسان وٽ آهي، ان کي سنڀارڻ جي به اسان ۾ ڀيڻي ناهي، جن کي امين بڻايوسين اهي ئي چور نڪرن ته پوءِ خزاني جو الله واهي ٿيندو ئي ٿيندو.اڄڪلهه ملڪ ۾ مشهور آهي، ٻن يارن جو دنگل، هڪڙو آهي مرزا جيڪو اصل بِر بڻيو ويٺو آهي، هڪ ٿو لاهي ته ٻي ٿو چاڙهي. ٻئي طرف آهي سڄي سنڌ حڪومت جنهن جو هن وقت هڪ ئي ڪارج آهي مرزا کي گاريون ڏيڻ ۽ جوابي حملا ڪرڻ.مون پاڪستان پيپلز پارٽي کي اهڙي ڪمزور حالت ۾ ڪڏهن به نه ڏٺو جو هڪ فرد کي چپ ڪرائڻ لاءِ سڄي پارٽي قيادت، ايم پي ايز، سموريون ذيلي تنظيمون انهي ڪارج تي لٿل هجن. وري سمورا ميڊيا سامهون ”آن رڪارڊ“ هڪ ڳالهه ڪن ۽ پر پٺ ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي ڪري اهو چون ته يار مٿان کان حڪم آهي، ان ڪري پيا باهه اوڳاڇيون نه ته چوي مرزا سچ پيو.آئون چوان ٿو ته مرزا سچ ٿو چوي يا ڪوڙ، ان کي هڪ پاسي رکو، پر گذريل 7 سالن کان سنڌ جي اڇي ڪاري جي مالڪ بڻيل پ پ حڪومت ڪيو ڇا آهي؟ ان کي ڏسو. جيڪڏهن پ پ جي گُڊ گورننس جي ڪري سنڌ ڪجهه سک جو ساهه کنيو آهي ته مرزا جا الزام پاڻمرادو هوا ۾ اڏامي ويندا، پر ان پاسي به ته ڪاري وارا ڪک آهن. اهو ته آڳاٽو چيو پيو وڃي ته ٽي ايم ايز هن وقت اي ٽي ايم بڻجي ويون آهن. لڳي ٿو ته سنڌ ۾ ٽي ايم اوز جي چارج ڏيڻ لاءِ رُڳو ٻن ذاتين جا ماڻهو ئي اهل آهن، هڪ وڏي رئيس جي برادري ۽ ٻي وري ڳڙهي ياسين واري خان جي ذات، جتي ڏسو ته انهن پوسٽن تي اهي ئي براجمان آهن، ڊيوٽي تي اچڻ جي کين ”سرڪاري منع“ ٿيل آهي، رڳو جڏهن ٻئي ٽئي مهيني گرانٽ جي قسط اچي ٿي ته رات وچ ۾ پراڊو جا ڦيٿا اچيو ٽائون ڪاميٽي جي آڏو بريڪ هڻن ٿا، چيڪ نڪرن ٿا، ڏوڪڙ بيگ ۾ ۽ جوڳي رمتا ڀلا، ڏيپلي کان وٺي ڏاهلي تائين ۽ ڳڙهي خيري کان وٺي ڳاڙهي تائين ڪهڙو اهو شهر يا ڪهڙي اهڙي وسندي آهي جتي ٽي ايم اي جا ملازم پگهار نه ملڻ جي دانهن ڪندي نظر نٿا اچن يا شهري شهر کنڊر بڻجڻ يا وري گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿيڻ جي دانهن کڻي بک هڙتالن تي ناهن ويٺا.روڊ ڀڙڀانگ، رستا ويران، گهٽيون گندگيءَ سان ڀريل، اسپتالن مان عملو غائب، اسڪولن مان ماستر گم، صفائي نالي آڱوٺو، ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ ڪميشن جو راڄ هاڻي خلق رڙي به نه؟ جيڪڏهن ڪو رڙ ٿو ڪري ته چيو وڃي ٿو ته اها شهيدن جي پارٽي خلاف سازش آهي. ڀاڳن ڀريا شهيدن جي پارٽي سان جيڪو ضياءَ آمر نه ڪري سگهيو، اهو اوهان اک ڇنڀ ۾ ڪري ڏيکاريو، ان کان وڏي سازش ڇا ٿيندي.ٿر ۾ 50 ڪلو ڪڻڪ جي امداد جي آسري ۾ ماڻهن کي رلايو ويو، آر او پلانٽس جي نالي ۾ ٿيل فراڊ هن صدي جي سڀني کان وڏن فراڊن مان هڪ آهي، ٻيو ته گهوريو يار رئيس وڏي تان به نه مڙيا، کيس گهرائي رنگ روغن ڪيل اڌوراڻي پلانٽ جو افتتاح ڪرائي وري وڃي جو ستا ته اڃا ٿا اٿن. مصري شاهه جي مزار ڀرسان ٺاهيل اهو پلانٽ پنهنجي افتتاح کان اڌ سال پوءِ به اڌورو ئي رهيل آهي.مرزا ته ماٺ ڪري يا نه اهو ٻن يارن جو معاملو آهي جيڪي وڙهيا ڪنهن کان پڇي نه هئا ۽ ٺهندا به ته ڪنهن کي کنگهندا به نه، ڇو ته اهي دلين جا درجا آهن ۽ هونئن به رئيس وڏو مفاهمت جو مها چئمپيئن آهي، سندس ئي چوڻي آهي ته سياست ۾ ڪو حرف آخر ناهي هوندو، ان ڪري پاڻ کي انهن يارن جي ”ٽينشن“ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، پر هي جو خلق خدا سان ظلم ٿي رهيو آهي، ان کي ڪير ماٺ ڪرائيندو. اسان جي پيارن جيڪڏهن اهو سوچيو آهي ته سنڌ جا ماڻهو به اسان جي هڪ سينيئر صحافي يار وانگر ”گجني“ يا ”شارٽ ٽرم ميموري لاس“ جي بيماري ۾ مبتلا آهن ته اها سندن ڀُل آهي. سنڌ واسين سان اصل سانحو اهو آهي ته وٽن متبادل قيادت جو ڪارو ڏڪار آهي. قومپرست پنهنجي اٽي ڀتي جي اٿل پٿل مان واندا ناهن، تحريڪ انصاف کي سنڌ ۾ ڪو سچيت ماڻهو نٿو ملي، جنهن پويان 4 ووٽر تاڙيون وڄائڻ وارا هجن، ليگي رڳو گولاڙچي ڪراچي رستن تي هلي هلي جتيون پيا گسائين، جڏهن ته (ف) ليگ وارا به واپس پيراڻي گادي واري پنڌ ۾ آهن. ان ڪري ذات وڏيرو اقتدار، طاقت ۽ ڏوڪڙن جي ڇڪ ۾ اقتداري پارٽي ڏانهن ڀڳا وڃن، پر اُها سڀني کي چڱي ريت پروڙ آهي ته اهي وڏيرا سدائين ڍنڍ جا پکي رهيا آهن، ڪڏهن هِن پار ته ڪڏهن هُن پار. ان ڪري جڏهن اقتدار جي اٺ پاسو ورايو ته هي سمورا سڳورا چهرا اوهان کي ان وقت جي اقتداري پارٽي جي هنج ۾ ويٺل نظر ايندا. وري به ساڳي نڪ جي پڪائي ۽ ساڳيو پڪو راڳ.هن وقت هڪ ڳالهه اميدن ڀري آهي، اها آهي ملڪ جي اصل واڳ ڌڻين جو اهو فيصلو، جيڪو هنن پٽڙي تان لٿل ملڪ کي سنئين دڳ لائڻ لاءِ ڪيو آهي ۽ ڪنهن به سياسي مداخلت، جيڪا ماضي مان عام اکين ڏسبي هئي، کانسواءِ حڪومت کي مڪمل مدد فراهم ڪري انتهاپسندي، بدامني، ڪرپشن ۽ ٻين سماجي براين جي خاتمي لاءِ وک وڌائڻ آهي. ان جو مثال سنڌ ۾ امن امان جي سڌرندڙ صورتحال، حددخلين خلاف ڪاررواين ۽ ٻين ڪجهه اهڙن قدمن مان لڳائي سگهجي ٿو، جنهن بابت ماضي ۾ اسان خواب ته ڏسندا هئاسين، پر اها به پڪ هئي ته تعبير نه ملندي. ان ۾ سنڌ حڪومت جو ڪيترو حصو آهي، ان بحث ۾ پوڻ کانسواءِ ئي اسان سمورين لاڳاپيل ڌرين مان اها اميد ٿا رکون ته بنا ڪنهن فرق جي اهي ڪارروايون بهتر انداز ۾ جاري رهنديون ۽ هن ملڪ جا ماڻهو جلد ئي انهن بيمارين مان آجا ٿي پنهنجي ٻچڙن جي لاءِ سٺي، محفوظ ۽ شاندار مستقبل جا خواب اکين ۾ اوتي سگهندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *