وڪي ليس، پامانا ليڪس ۽ ميِڊيا جو ڪردار: سعيد احمد مڱريو

ڪي ليڪس هجي يا پاناما ليڪس ٻنهن جي اندر سياستدانن جا نالا شامل آهن ۽ انهن  جي ڪردار جي ڳاله ڪئي وئي آهي . وڪي ليڪس وڏن وڏن سياستدانن جا پول کولي سڄي دنيا ۾ تهلڪو مچائي ڇڏيو هيو ان ويب سائيٽ جو باني جولين اسانج هيو، وڪي ليڪس تي لڳ ڀڳ 90 هزار خفيه خبرون شايع ڪيون ويون هيون  جن  خبرن جو تعلق زياده افغان ويڙهه سان هيو. وڪي ليڪس تي خفيه خبرن شايع ٿيڻ کانپوءِ وڪي ليڪس جي باني کي پڪڙڻ جي لاءِ پوليس پيڇو ڪيو ۽ دنيا جي مختلف ملڪن ۾ وڪي ليڪس جو سرور بند ڪيو ويو.  قصو وڪي ليڪس جو جيئن ئي شروع ٿيو   ته پاڪستاني اليڪٽرانڪس ميڊيا کي هڪ دٻلو هٿ آيو ۽ سياستدانن کي ڀولي جيئان نچايوويو جيئن سنڌي ۾ چوڻي آهي ته ”ڄڃ پرائي احمق نچي “ . ڏٺو اهو ويو آ ته هتي مسئلا ڪجهه ٻيا هوندا آهن انهن جي بيان بازي ڪري انهن جو رخ ڪنهن ٻئي طرف موڙيو يندو آ . هتان جي ميڊيا جو اُهو ڪم رهيو آهي ته غيرن جا مردا قبرن مان ڪڍي انهن جو پوسٽ مارٽم ڪرائيندي آهي . وڪي ليڪس تي ڳالهيون اچن يا پاناما ليڪس هجي پر هتان  جا مسئلا ڪجهه ٻيا آهن ، پاڪستان جي معاشري کي سماجي اڻبرابري، بک، غربت، بيروزگاري، دهشت گردي جهڙي خطرناڪ بيمارين وڪوڙي ڇڏيو آهي پر اسان جو پٽڪو ڪنهن ٻين مسئلن تي هوندو آهي .  وڪي ليڪس تي جڏهن  آمريڪا جنگ جي حوالي سان ڳجها دستاويز اچي ويا هئا ته ا تي سڄي دنيا تعجب ۽ هڪا بڪا بڻجي وئي  هئي. دنيا وارا ان تي افسوس ڪرڻ سان گڏو گڏ اهو پئي چيو ته آخر هي ايترو ظلم جيڪو مظلوم عوام جي مٿان ڪيو ويو هيو اهو ان وقت تي ڇو نه ليڪ ٿيو جو هن وقت وڪي ليڪس جي نالي سان افغانستان جنگ جا حالات ظاهر ڪيا ويا آهن . جنهن تي دنيا واضع طور اهو فيصلو جاري ڪيو ته هي جيڪو ظلم ٿيو آهي ۽ ان کي ظاهر ڪرڻ جو رڳو سبب هڪ ئي ٿي سگهي ٿو  آمريڪا پنهنجي ناڪامي جو سهرو  پنهنجن مظلوم اتحادين مٿان هڻي ڪري پاڻ کي صاف سٿرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿو . جنهن تي ڪجهه قومن ايهي سوال به اٿاريا ته  وڪي ليڪس هينئر تائين نائين اليون جا راز فاش ڇو نه ڪيا آهن  ؟  پر هتي پٽڪو ڪجهه ٻيئي طرح ميڊيا پٽي رهي هئي ته هي ٿي ويو ، هو ٿي ويو ، ظلم ٿي ويو ، تباهي اچي وئي ، ته بس هي ڇا ٿي رهيو آهي؟  مسئلو هي ناهي ته وڪي ليڪس يا پاناما ليڪس جي ذريعي ڳالهيون منظر عام تي ڇو آيون آهن؟ مسئلو هي آهي ته ڳالهيون منظر عام تي وقت تي ڇو نه آڻيون وڃن ٿيون .

هينئر جيڪڏهن پاناما ليڪس جي ڳالهه ڪيون ته پاناما ليڪس ۾ 250 پاڪستانين جو ذڪر ٿيل آهي جنهن جي اندر موجود وزيراعظم ميان محمد نواز شريف ۽ ان جي خاندان مٽن مائٽن جي 16 ڪمپنين هئڻ جو به انڪشاف ڪيو ويو آهي. جيڪڏهن اها حقيقت آهي ته حڪمرانن جي گهر جا ڀاتي ملڪ کان ٻاهر ڪارو بار ڪن ٿا ۽ اهي پئسا ٻاهر کڻي ويا آهن اهي پئسا مني لانڊرنگ سان ويا يا ڪنهن ٻئي طريقي سان ؟ هتي اهو سوال ٿو پيدا ٿي ته آخر اهو ايترو ناڻو ڪهڙي طريقي سان ملڪ کان ٻاهر ويو ان وقت اهي ادارا ڪٿي هئا جيڪي ملڪ جي ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪن ٿا اهي رياستي ادارا ڪٿي هئا جيڪي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ  ڪم ڪن ٿا  ؟ سوال انهن ادارن کان وٺڻ کپي جن کي ملڪ جي ناڻي جي حفاظت ڪرڻ جي لاءِ ٺاهيو ويو آهي . پاناما ليڪس جو معاملو جنهن وقت ميڊيا تي آيو ته ان وقت عدالتي ڪميشن جوڙي وئي ان کي ايها ٽاسڪ ڏني وئي ته اهي انهن ڪمپنين ۽ ان ناڻي جي انڪوائري  ڪري ۽ ان جي هجڻ يا نه هجڻ جي تصديق ڪري . هن ملڪ ۾ جڏهن به اهڙي  قسم جا مسئلا ٿيندا آهن انهن تي ڪميشن جوڙيون وينديون آهن پوءِ انهن ڪميشن جي لاءِ بجٽ به مقرر ڪئي ويندي آهي جيستائين اها ڪميشن مڪمل رپورٽ نه ڏيندي تيستائين ان تي خرچ پيو ٿيندو آهي. انڪوائري ڪميشن اڪثر ڪري ته رٽائر ججن تي ٺاهي ويندي آ يا پوءِ ريٽائر بيروڪٽس هوندا آهن پر ڪڏهن ايهي ڪميشن ڪامياب نه ٿيون آهن . هتي ڪميشن ٺهڻ يا نه ٺهڻ جي ڳالهه نه ٿي ڪئي وڃي بس اهو سوال آهي ته ڀلا اهي ادارا ڪٿي هوندا آهن جن جو ڪم ئي اهو هوندو آ ته  ڪنهن به قسم جي مسئلي کي منهن ڏين ۽ پوءِ عدالت ڏانهن اماڻين . پاناما ليڪس ڪنهن پارٽي نه پر ميڊيا جو اٿاريل هڪ مسئلو آ ، ان مسئلي تي هن ملڪ جي انهن ادارن کي سوچ ويچار ڪرڻ گهرجي  جيڪي رياستي ناڻي جا محافظ مقرر ڪيا ويا آهن ته آخر هي ناڻون ڪيئن ٻاهر ويو ۽ ان ۾ ڪير ملوث آهي . ايهو انهن  ادارن جو ڪم آ جيڪي ملڪ جي ناڻي جي حفاظت لاءِ ٺاهيا ويا آهن ، جيڪڏهن اهي ادارا ان تي خاموش ٿي  ڪري هي ميلا ڏسندا پيا ته پوءِ لازمي هتان جا سانڃاه وند ماڻهون ايها ڳالهه ضرور چوندا ته اهڙين واقعن ۾ اهي ئي ادارا ملوث آهن جيڪي ميڊيا ۽ سياستدانن کي نچندي خوش پيا ٿين . پاناماليڪس جي اچڻ سان سياسي پارٽيون ۽ اهي سياسي جماعتون جيڪي نيشنل اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ ويٺل آهن اهي به رڳو ڍنڍرو ٿا پٽين هاءِ ڙي گوڙا ڙي ملڪ جو پئسو غائب ٿي ويو. جيڪڏهن اهو ئي رڳو ڪرڻو آ ته پوءِ اهي ادارا ڪٿي آهن جيڪي ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪن ٿا ؟ . انهن کان ڪير ڪوئي سوال ڪري سگهي ٿو ته پاناما ليڪس جي مطابق  جيڪا يورپ ۾ 80 ارب ڊلرن جي ملڪيت خريد ڪئي وئي اها ملڪيت ڪٿان آئي ضرور ان تي موجود وزيراعظم کان سوال ڪري سگهجي ٿو . ڇو جو ملڪيت ان جي آ جيڪو هن ملڪ جو سربراهه آ ته پوءِ هن ملڪ جي انهن ادارن تي حق بڻجي سگهي ٿو ته اهي ان جي جانچ پڙتال ڪن . پر ڏٺو ايهو ويو آ ته هتي ميڊيا مسئلو اٿاريندي آ پوءِ سڀ ان جي پٺيان هوندا آهن . هتي ميڊيا پنهنجو ڪردار هڪ ڀولي پنائيندڙ فقير جيئان  ڪري رهي آهي ته بس ڌٻلو وڃائي ۽ ڀولي کي نچائي . حقيقت کان صفا پري ته آخر ايهو مسئلو حل ڪيئن ٿيندو ۽ ايهو ٿيو ڪيئن آ ان جي پٺيان هٿ ڪنهن جو آ ؟ بس سياستدانن کي ٽاڪ شو ۾ گهرائي ڪري افسانه بيان ڪرائڻ ۽ هڪ ٻئي مٿان الزامن هڻڻ جا ٽوٽڪا چورائڻ ، ٻيو ايهو ڪم رهيو آ ته ڪنهن کي آسمان تي کڻي ڪري پوءِ زمين تي ڦٽي ڪيئن ڪجي  . هتي ميڊيا جو ته اهو ڪم آ پر اسان جا سياستدانن به اهڙي طبلي تي پئي ايئن نچندا آهن جيئن ڪو ملاکڙي ۾ ڀولو پئي نچي . بحراحال چوندا آهن ته چاندي رات هميشه ناهي هوندي ڪڏهن ته ان جو انت اچڻو آ، منهنجي ذاتي راءِ اها آهي ته جيڪڏهن اهي مسئلا   وڪي ليڪس ، پاناما ليڪس يا ايندڙ وقت ۾ ڪا ٻئي ليڪس اچي ٿي ته اهڙين ليڪس تي سوچڻ يا واويلا ڪرڻ بجاءِ هڪ سٺو رستو اختيار ڪجي ته پنهنجي ادارن کي مظبوط ڪجي جيڪي ڪرپشن جي خلاف ڪم ڪن ٿا انهن ادارن جي اندر اڪائونٽبلٽي جو هڪ ميڪانزم هجي جيڪي عوام جي سامنهون اچي ڪري ناڻي کي لوٽڻ وارن کي پڌرو ڪن . ايئن نه هجي ته ميڊيا به ان تي ڪم ڪري ملڪ جي فورس ، عدليه ۽ سياستدان به ان تي ڪم ڪن.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *