وڌندڙ انتهاپسندي ۽ داعش…؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

دشتگرد تنظيم داعش جنهن جي باري ۾ ملڪ اندر اهي ڳالهيون عام هلي رهي رهيون هنيون ته داعش جو ملڪ اندر ڪو به وجود ناهي.پر ڪجهه ڏينهن پهرين ڪوئٽا شهر ۾ پوليس ٽرينگ سنٽر جي خدڪش حملو ٿيو جنهن اندر 61پوليس جا نوجوان شهيد ٿي ويا ۽ 120 جوان زخمي ٿي پيا،هن وقت انهي خد ڪش حملي جي بابت ٻڌايو پئي ويو ته ڪوئيٽا واقعي جي ذميواري داعش ۽ لشڪر جهنگوي ڌار ڌار نموني قبول ڪري ورتي آهي. جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن لشڪر جهنگوي تي شڪ  ڏيکاريو آهي. داعش هڪ ويب سائٽ اعماق تي جاري ڪيل بيان ۾ ڪوئيٽا ڌماڪي ۾ ملوث هجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف لشڪر جهنگوي به ذميواري قبول ڪئي آهي. آءِ جي ايف سي شير افگن چيو آهي ته ڪوئيٽا حملي ۾ لشڪر جهنگوي ملوث آهي،جڏهن ته حملي جون هدايتون افغانستان مان ڏنيون ويون. ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي آءِ جي ايف سي شير افگن چيو ته ڪوئيٽا حملي ۾ لشڪر جهنگوي العالمي جو هٿ آهي. جڏهن ته پاڪستان اندر داعش جو وجود آهي يا نه انهي تي لکڻ کان پهرين ٿورو ماضي ۾ هلي ڏسون. داعش ملڪ جي صوبي پنجاب اندر پنهنجو نيٽ ورڪ مظبوط ڪرڻ جو سازشون ڪري رهي آهي.

جڏهن ته پنجاب جي تعلقي ڊسڪا ڪجهه مهينا پهرين دهشتگرد تنظيم داعش سان تعلق رکندڙ ڇهه ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو. جن جي قبضي مان ڪيترو ئي خطرناڪ اسحلو ۽ بم ٺاهڻ وارو مواد ۽ وڏي تعداد اندر ليپ ٽاپ ڪمپيوٽر هٿ ڪيا ويا هئا .جن ۾ اهڙيون سي، ڊي يون ۽ ڊي ،وي، ڊيون، موجود هنيون.جن اندر دهشتگرد تنظيم داعش جو تشهري مواد موجود هو.جڏهن ته اها دعويٰ پڻ سامهون آئي هئي ته داعش سان مليل اهي دهشتگرد ڊسڪا شهر جي علائقي (گلوٽيان) ۾ هڪ تربييتي ڪيئمپ قائم ڪري رهيا هئا.جڏهن ته ڊسڪا کان پوءِ اهڙا انڪشاف پڻ ظاهر ٿيا هئا ته لاهور اندر داعش سان جڙيل عورت ونگ جو  وڏو تعداد موجود آهي.جيڪي سوشل ميڊيا نيٽور ڪنگ جي ذريعي.عراق ۽ شام ۾ موجود دهشتگرد تنظيم داعش جي قيادت سان باقيده رابطو رکيو اچن.جڏهن ته اهي داعش سان جڙيل عورتون،لاهور اندر عورتن کي برين واش ڪري.پنهنجي ٻارن سميت دهشتگرد تنظيم داعش ۾ شامل ڪرڻ لاءِ شام ۾ موڪلڻ جي شازشن ۾ رڌل آهن.جڏهن ته اهو انڪشاف تڏهن ظاهر ٿيو جڏهن لاهور مان لاپته ٿيل هڪ عورت جنهن جو نالو ”فرحانه خاتون”هو جيڪا اتي جي هڪ مقامي صحافي عورت جي ڀيڻ پڻ آهي.جڏهن ته فرحانه خاتون جي تحيقيات ڪئي وئي ته فرحانه خاتون جو پتو شام ملڪ اندر پيو.جڏهن ته فرحانه خاتون جيڪا ايف بي آر جي سپريڊينٽ مهر حامد جي گهر واري آهي.جنهن کي شدت پسندن سان همدردي،۽ انهن سان سرگرمي تعلقات رکڻ جي الزام هيٺ گرفتار پڻ ڪيو ويو هو.

جڏهن ته ذريعن جي مطابق ته انهي تحيقات جو پتو تڏهن پيو جڏهن.فرحانه پنهنجي گهر وارن سان ڪنهن سوشل سائيڊ تي شام ملڪ مان رابطو ڪيو.ته هو شام ملڪ اندر پهچي وئي آهي.جڏهن ته اها به ڳالهه سامهون آئي آهي ته اها عورت ڪراچي کان گوادر ۽ ايران کان پوءِ شام ملڪ پهتي آهي ته جئين هو داعش سان گڏ ڪم ڪري سگهي.جڏهن ته فرحانه جو شام پهچڻ، سيالڪوٽ جي شهر ڊسڪا ۽ لاهور اندر داعش جي نيٽ ورڪ جو موجود هجڻ ملڪ لاءِ تمام گهڻو خطرناڪ آهي.. داعش تنظيم جي باري ۾ جيڪڏهن جائزو وٺجي ته داعش دنيا اندر ايڏي تيزي سان ڇو ڦهلجي رهي آهي..؟ ته ڳالهه سجهه ۾ ايندي ته انهي جو وڏي ۾ وڏي سبب سوشل ميڊيا آهي .۽ اها ئي وجهه آهي.جنهن جي ڪري يونيوورسٽين ڪاليجن،۽ فتني تعليم اندر اهي  پڙهندڙ نوجوان داعش کان متاثر ٿي.انهي داعش تنظيم ۾ شامل ٿي رهيا آهن. پاڪستان اندر آپرِيشن ضرب اعظم جي ڪري.خدڪش بمبارن جي چيل گهڻي ڀاڱي ٽٽي چڪي هئي پر ڪوئٽا سانحي کانپوءِ وري به ڪيترين ئي سوچن اچي وارايو آهي،. اها به حقيقت آهي ته ڪيترائي دهشتگرد پنهنجي جان بچائي ڪري  افغانستان ڏانهن ڀڄي ويا آهن. ۽ ڪيترن ڀڄي ڪري ملڪ جي ٻهراڙين جي ننڍن ننڍن شهرن اندر پنهنجون سرگريون جاري رکيون آهن.جن کي بيوروني فنڊنگ ملي رهي هئي.جيڪا واقعي مقدار ۾ بند ٿيڻ کانپوءِ کين پريشان جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي.جنهن جي ڪري بچي ويل دهشتگردن انهي ۾ ڀلو سمجهو ته داعش اها واحد تنظيم آهي.جيڪا  سندن مالي مدد ڪري سگهي ٿي.۽ کين فاڪا ڪشي کان بچاءِ سگهي ٿي. داعش جي سوچ به انهن سان ملي ٿي.ڇوته هو مسلمانن جو خون وهائي رهيا آهن ۽ داعش به ملسمانن جو خون وهائڻ ۾ پنهنجي جارحاڻيون ڪاروايون  ڪري رهي آهي.ان ڪري اهي ضرب عضب کان بچي ويل دهشتگرد اهو سوچي داعش ۾ شامل ٿي ويا آهن ته پيسو جو پيسو ڪمائي وٺبو ۽  بي گناهه مسلمانن جو خون وهائي ڪري.کين خوشي ملندي.

اها ئي وجهه آهي.جنهن ڪري اهي دهشتگرد،ڪوئٽا پوليس سنٽر سانحو، پشاور جي ايڇ ڪيو،مهراڻ ايئربيس،واگها بارڊر.جي واقعن اندر دهشتگردي ۾ ملوث رهيا آهن.انهي ڪري انهي دشهتگرد داعش ۾ شامل ٿي ڪري. دهشتگردي ۽ فساد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪندا..!جڏهن ته انهي دهشتگردي جي حوالي سان مختلف ادران جو مشترڪه هڪ اجلاس ٿيو.جنهن اندر اها ڳالهه سامهون آئي ته.داعش ۾ شامل ٿيڻ وارن دهشتگردن جو گهڻي ڀاڱي تعلق. ڪالمبند تنظيم تحريڪ طالبان.سان آهي.جماعت الحرام.جنهن  مرادن خدڪش حملو قبوليو هو. الحرام الهنسد ،چيچين مليٽائز ،اسلامڪ مومينٽ ازبڪستان.۽ ترڪسان، جا ماڻهو شامل آهن. پاڪستان کان علاو افغانسان اندر به اهڙا انڪشاف ٿيا آهن.جن جي ذريعي.داعش انهن افغانين کي لکين رپيا ڏئي ڪري انهن کي پنهنجي طرف راغب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي.جڏهن ته پيسي جي اعتبار سان ڏٺو وڃي ته داعش وٽ پئسي جي ڪمي ناهي. پاڪستان ۾ موجود افغان مهاجرين جو پڻ برين واش ڪري کين هٿيار ۽ ڌما خيز مادو ڏئي ڪري پاڪستان ۾ حملا ڪرڻ جون تربييون ڏنيون پيون وڃن.اهڙي طرف سي ڊيز ۽ ڊي وي ڊيز جي ذريعي پڻ ماڻهن کي گهمراه ڪرڻ جي ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ۽ ڪجهه ڪالمند تنظيمون پڻ داعش جي نالي تي ملڪ اندر خوف ۽ حراس پڻ پکيڙي رهيون آهن. حڪومتي ادران جو اهو چوڻ آهي ته ملڪ اندر داعش جو موجود ناهي بس اهي تنظيمون آهن جيڪي داعش جي نالي تي ملڪ اندر پنهنجو خوف حراس پکيڙڻ چاهين ٿيون. الله ڪري اهو سچ هجي ته ملڪ اندر داعش جو وجود نه هجي.ڇو  ته داعش کي وٺي ڪري هن وقت پورو ملڪ خوف ۽ حراس ۾ ورتل آهي.۽ پاڪساتي ميڊيا کي انهي ڏس ۾ اهو ڪردار ڪرڻ گهرجي جنهن سان ماڻهن مان اهو خوف ختم ٿي .۽ ملڪ جي عوام ۽ فوج سان ملي ڪري انهي تنظيمن خلاف مهم هلائين.جيڪي ملڪ پاڪستان جو امن امان خراب ڪرڻ ٿيون چاهين

.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *