وڇڙيو آھين وسريون ناھين : ماما غلام محمد ساريو جو وڇوڙو..: ليکڪ ماما رمضان ساريو

ماما غلام محمد ساريو سان منھنجي ملاقات (1989ع) ۾ پنھنجي شھر باڊھ جي درگاھ محلا ۾ پھتس ته ھڪ مزدور مليو جيڪو مزدوري جو ڪم ڪري رھيو ھو مان ان ڏانھن اڳتي وڌيس انھيءَ کان معلومات ورتي ته ماما غلام محمد ساريو جو گھر ڪٿي آھي ۽ ڪھڙي محلي ۾ آھي انھيءَ مزدور ٻڌايو ته هينئر نورالدين سومرو ھوٽل تي ويندو آھي اتي دوستن سان گڏجي چانھه پيئندو آھي صبح جو ٽيليويزن جي نيوز ٻڌڻ جو تمام گھڻو شوقين آھي اوھان کي اتي ملي ويندو واقعي ھڪ نوجوان شاگرد بازار ۾ مليو انهيءَ کان معلومات ورتي جنھن ٻڌايو ته نورالدين سومرو جي ھوٽل تي ويو آھي مان جڏھن ھوٽل ۾ اندر داخل ٿيس ته مالڪ دخل ڪائونٽر تي ويٺو ھو مان خوشيءَ ۾ اچي ويس اسلام عليڪم چئي کيس ماما غلام محمد ساريو جي معلومات ورتي چيائين ته پ پ جو جيالو مان مرڪندي چيو ته ھا چيائين ته سامھون اتر طرف ڏانھن دوستن سان ويٺو اٿو جنھن کي سنڌي ٽوپي ۽ واسڪوٽي پھريل آھي مان کيس کي ماما چوندي مليس سندس جا ويجھا دوست به مون سان مليا مون کي پنھنجي علاج ڪرائڻ لاءِ ڪاغذات ھئا جيڪي تصديق ڪرائڻ لاءِ ماما غلام محمد ساريو جي اڳيان ٽيبل تي پيش ڪيا مون کي ڏسي چيائين اوھان ڪٿي ويٺا آھيون مون کيس ٻڌايو ڳوٽ ٻلھڙيجي پيرزاداه صاحب خوش آھيو استاد لعل بخش پيرزادو کا اوھان ڪيترا ويجھا آھيو مان کيس کي مرڪندي چيو مان انهيءَ جو ڀائٽو آھيان ماما غلام محمد ساريو انتھائي خوشيءِ ۾ اچي ويو انھي وچ ۾ چانهھ بسڪوٽ به ٿي ويا مان کيس کي ٻڌايو ته منھنجو نالو محمد رمضان ساريو آھي مون کي مادي جو السر آھي علاج ڪرائڻ لاءِ خورشيد احمد جوڻيجو کي درخواست ڏني آھي جنھن اوھان ڏانھن تصديق ڪرائڻ لاءِ موڪليو آھي کلندي چيائين بابا اوھان ساريو آھيو مون کي معاف ڪجو ڳوٺ ٻلھڙيجي ۾ ساريو آھن مان کيس کي ٻڌايو ته ڳوٺ ٻلھڙيجي ساريو برادري جا گھڻي کان گھڻا آباد ھئا پوءِ آھستي آھستي ٻين ڳوٺن ۾ آباد ٿيا ماما غلام محمد ساريو انتھائي خوشي ۾ اچي ويو ڪچھري ختم ٿيڻ کان پوءِ مون کي ڪاغذات تي مھر ھڻي تصديق ڪري ڏنا جنھن کان پوءِ موڪلائي ڳوٺ ڏانھن روانو ٿيس انھيءَ کان پوءِ اسان جي پاڻ ۾ ويجھڙائپ ٿي وئي ڪڏھن ڪم ڪار سانگي لاڙڪاڻي ڪڏھن ڏوڪري شھر ۾ ملاقات ٿيندي ھئي ماما غلام محمد ساريو جا ويجھا دوست جنھن ۾ ماما حافظ رجب سولنگي، ماما بشير احمد سولنگي، استاد ماما شريف ميمڻ، ماما غلام محمد ڏيرو، شفيع محمد ساريو، ماما طالب حسين چنو، ماما عبدالجبار ميمڻ، ماما ممتاز علي جت، ماما نياز احمد ميمڻ، ماما محمد ابراھيم ساريو، ماما ذاڪر علي سومرو، ماما معشوق بڙدي، ماما گل محمد ابڙو، باڊھ شھر جا دوست جنھن ۾ ماما حسين بخش چنو، ماما محمود سومرو سڀني دوستن ماما غلام محمد ساريو جو ساٿ ڏنو پر پيپلزپارٽي جي طرفان ڪو به ليڊر نه پھتو جيڪو ماما غلام محمد ساريو جي ڏکايل دانھن ٻڌي ماما بشير احمد سولنگي روئيندي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي جو سچو انسان دوست ڪارڪن ھيو پارٽي جي طرفان کيس کي گھڻي تڪليف آئي ھن کان جنرل سيڪريٽري جو عھدو واپس ورتو ويو ڪافي ڀيرا شھيدن جي مزارن جي اڳيان احتجاج ڪيا ڪنھن پارٽي جي طرفان نوٽيس نه ورتو ويو اليڪشن دوران پيپلزپارٽي جي طرفان جنھن به اميدوار سان گاڏين جي قافلن ۾ گڏ ھوندو ھيو ۽ انھيءَ اميدوار جي سوڀ ٿيندي ھئي تڏھن به ماما غلام محمد ساريو اتي موجود ھوندو ھيو محترم بينظيرڀٽو صاحب اليڪشن دوران ورڪ جا پروگرام ماما غلام محمد ساريو کان معلوم ڪندي ھئي پراڻا فائيل سمورو مواد کيس جي گھر ۾ موجود آھي جيڪو خود اسان اکين سان ڏٺو ماما غلام محمد ساريو آخري گھڙين تائين به پيپلزپارٽي کي نه ڇڏيو.

ماڻھو سڀ نه سھڻا پکي سڀ نه ھنج

.ڪنھن ڪنھن ماڻھو منجهھ اچي بوءِ بھار جي.

ماما غلام محمد ساريو ولد واصل ساريو مزدور جي گھر ۾ (22/8/1952) اک کولي سندس جي عمر جڏھن (5) سال تي پهتي ته پرائمري تعليم باڊهه شهر جي اسڪول ۾ ڪئي انگريزي تعليم مڊل پاس ڪيائين اڳتي تعليم حاصل نه ڪري سگهيو، سماجي ڪم ڪرڻ ۾ سڀني دوستن کان اڳ ڀرو هيو باڊهه شهر ۾ ڪنهن به پارٽي جي طرفان احتجاج ٿيندو هيو ته انهن دوستن سان گڏ هوندو هيو، فوهه جواني ۾ ماما غلام محمد ساريو شادي ڪئي، جنهن کان پوءِ کيس کي اولاد ٿي، جنهن ۾ (5) پٽ جن کي تعليم پرائمري انگريزي باڊهه شهر جي اسڪول مان ڪئي نذير حسين سئي گيس ۾ ملازم منير حسين ڊرائيور فدا حسين ڊرائيور صدام حسين مزدور شفقت حسين شاگرد (5) نياڻيون جن کي تعليم نه ڏياري سگهي غربت جي ڪري ماما غلام محمد ساريو کي شوگر جي تڪليف ٿي پئي، علاج سدائين ساڻ کڻندو هيو ته جيئن ڪٿي وقت ۾ ڪم اچي وڃي، جڏهن به ڪٿي ملاقات ٿيندي هئي ته چانهه پيئڻ جي فرمائش ڪندو هيو پوءِ سڀئي ويٺل دوست چانهه گڏجي پيئڻ کانپوءِ هر ڪوئي پنهنجي ڪم ڪار سان دوسن کان موڪلائي ڳوٺ ڏانهن روانه ٿي ويندا هئا. سدائين دوستن جي اڳيان شهيد جون يادون ٻڌائي پيپيلزپارٽي جي سچن ڪارڪنن کي روئاري ويهاريندو هيو. شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو جڏهن هوائي جهاز ۾ موهن جو دڙو ايئرپورٽ تي لهندي هئي ته لکن جي تعداد ۾ عوام هوندو هيو پاڻي جي سبيل موهن جو دڙو گيٽ کان اولهه پاسي چورنگي تي استاد لعل بخش پيرزادو ڪاڪو محمد ڇٺل ساريو ماما غلام محمد ساريو جي نگراني هيٺ سبيل جو پاڻي عوام کي پياريو ويندو هيو، پ پ جو قافلو ايترو ته شاندار وڏو هيو جو شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو لاڙڪاڻو پهچندي هئي ته گاڏين جي لائين موهن جو دڙو تائين هوندي هئي قافلي کي ڏسي ٽئي دوست خوش ٿيندا هئا ماما غلام محمد ساريو کي اوچتو دل جي تڪليف ٿي پئي پنهنجي گهر ۾ اربع صبح جو (5) وڳي (26/4/2017) تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. سندس جي جنازي نماز باڊهه جي شهر درگاهه تي پڙهي وئي، جنهن ۾ شهر جا سياسي، سماجي، ليکڪ، اديب، صحافي، معزز ماڻهن شرڪت ڪئي، جنهن کانپوءِ تڏي تي تعزيت ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو، جنهن ۾ ايم اين اي نذير خان ٻگهيو، امر خان ٻگهيو، منور عباسي، عبدالحي راشدي خان، محمد سانگهرو، واجد ڌامراه، بدرالدين ساريو، امداد علي ساريو، منصور ساريو، محمد خان چنو تڏي تي موجود هئا. جڏهن ته اسان ٽيجهي تي دوستن سان گڏ جنهن ۾ صحافي عبدالجبار ميمڻ، عامر ڏيرو، ربنواز کوسو، معشوق مشوري، دودو ديشي، غلام محمد ٽي، فقير ارشاد علي ساريو ۽ مان انهن دوستن سان گڏ هيس درگاهه شريف کان لڳ ساريه محله سندس جي اوطاق تي پهتاسون تڏي تي سندس جا پٽ مٽ عزيز شهري ماڻهو موجود هئا. تعزيت ڪرڻ کانپوءِ ماني چانهه ٿي وئي. ماما غلام محمد ساريو جو پٽ نذير حسين کي چيم ته بابا سائين جو فائيل کڻي اچو ته ڪجهه شيون ڏسون فائيل ڏسڻ سان اسان کي معلومات به ملي ۽ خوشي محسوس ٿي. اخبارون جي ڪٽنگ تصويرن شهيدن جون جنهن ۾ ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو انهن سان گڏ دعوت نامه پروگرامن جا موجود هئا. ماما غلام محمد ساريو انتهائي محنتي ماڻهو انسان دوست ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ وارو ماڻهو هيو، اسان جون دعائون آهن سندس جي اولاد پٽن کي تي بابا جي رستي واٽ تي هلي شهرين جي بي پهچ عوام جي خدمت ڪندا، جيڪو اوهان جي مٿان فرض رهي ٿو.

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *