وچ اڀر ۾ “ حڪومت بدلايو راند ” جا نتيجا: شفيق شاڪر

“عراقي عوام کي آزداي ڏيارڻ” جي آمريڪي ۽ سندس اتحادين جي نام نهاد فوجي آپريشن کي تيرهن سال گذرڻ کان پوء گڏيل قومن طرفان هڪ نئين رپورٽ جاري ڪئي ويئي آهي جنهن ۾ ان عظيم تشدد ۽ دهشتگرديء واريء صورتحال جو ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن مان عراق جا شهري اڃا تائين گذري رهيا آهن.رپورٽ مطابق صرف جنوري 2014ع کان آڪٽوبر 2015ع تائين عراق ۾ 18802 شهري ماريا ويا،36245 شهري زخمي ٿيا جڏهن ته 32 لک عراقي شهري تشدد واري صورتحال سبب بي گھر ٿيا.اقوام متحده جي انساني حقن بابت ڪمشنر جو خيال آهي ته اهي انگ اکر اڃا به وڌي سگھن ٿا.اولھ جي ميڊيا ۾ لکندڙ صحافي نيل ڪلارڪ جي چوڻ مطابق عراق ۾ جاري تشدد ۽ دهشتگرديء جي ڪاروائين جا سڌا سنوان ذميدار اڳوڻو آمريڪي صدر بش ۽ برطانوي صدر ٽوني بليئر آهن جن 2003ع ۾ عراق ۾ غيرقانوني مداخلت ڪري اهڙي فضا قائم ڪئي جو اڄ تائين اتي بي گناھ ماڻهو مري رهيا آهن.عراق جي جاري ان خونريزي جو 2003ع جي آمريڪي ۽ برطانوي جارحيت سان سڌو سنئون واسطو آهي اها ڳالھ اولھ ۾ ڪو مڃڻ لاء تيار ئي ناهي. حقيقت اها آهي ته عراق 2003غ کان پهرين لکن جي تعداد ۾ ڪڏهن به ماڻهو مرندي نه ڏٺا هئا.اهو سڀ ڪجھ بعد ۾ ٿيو.ان جو مطلب اهو ٿيو ته 2003ع کانپوء ضرور اهڙو ڪجھ ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ عراق ۾ تشدد ايترو وڌي ويو.

“جوهن پلگر” جنهن آمريڪي جارحيت کان چند سال پهرين عراق جو دورو ڪيو هو،اهو لکي ٿو ته هن عراق جو ڊگھو سفر ڪيو پر اتي خوف نالي ڪابه شيء نه هئي.عراقي امن واري ماحول ۾ پنهن جي تهذيب تي فخر ڪندا هئا.پر بش ۽ بليئر عراق کي اهڙي باھ لڳائي ڇڏي جيڪا وسامڻ جو نالو نٿي وٺي.سمورو عراق جهادين ۽ دهشتگردن جي ڄار ۾ ڦاسي چڪو آهي.اهو رڳو عراق سان ناهي ٿيو پر لبيا جيڪو ڇھ سال اڳ آفريڪا جي سڌريل ۽ خوشحال ملڪن مان هو.تعليم ۽ صحت جون سهوليتون جتي سڀني شهرين لاء مفت هيون،ايستائين جو شهرين کي بجلي به مفت ڏني ويندي هئي، هر ٻار ڄڻيندڙ عورت کي ان وقت جي حڪومت طرفان 5000ڊالرن جو تحفو ڏنو ويندو هو. سياحت جي ميدان ۾ لبيا سياحن جي لاء هڪ محفوظ ملڪ سمجھيو ويندو هو.پر لبيا تي قذافي حڪومت کي ختم ڪرڻ لاء نيٽو جي طرفان ڪيل بمباريء کان پوء لبيا جي امن ۽ خوشحاليء وارا ڏينهن ختم ٿي ويا.ان وقت صدر قذافيء جي ان بيان ته حڪومت جي خلاف بغاوت ڪندڙن جو تعلق القائده سان آهي واري تنبيھ کي به هڪ چريي ماڻهوء جي سوچ چئي مغربي ملڪن طرفان نظرانداز ڪندي قذافيء جي حڪومت کي ختم ڪرڻ جي پاليسي جاري رکي ويئي. پر چريو قذافي نه هو،هو سچ چئي رهيو هو پر هي جيڪي علائقي ۾ حڪومتون بدلائڻ جي راند ۾ ايترا ته چريا بڻجي چڪا هئا جن کي قذافي القائده ۽ ٻين دهشتگرد گروپن کان وڌيڪ خطرناڪ نظر آيو ٿي!عراق کان پوء لبيا به اهڙو ملڪ آهي جتي حڪومت جي تبديليء واري راند کان پوء دهشتگردي ۽ تشدد جي اهڙي لهر پيدا ٿي جيڪا پوري زور شور سان اڄ به جاري آهي.هن مهيني جي شروع ۾ ضليتن جي پوليس سينٽر تي  بم حملي جي نتيجي ۾60 ماڻهو مري ويا ۽ اٽڪل 200 زخمي ٿيا.گذريل نومبر ۾ يونيسيف طرفان تشدد جي ڪاروائين جي نتيجي ۾ لبيائي ٻارن تي پيل خطرناڪ اثرن تي سخت ڳڻتي ڏيکاريندي چيو ويو هو ته صرف بينغازيء۾ 2،70،000 ٻار اهڙا آهن جن کي ڪنهن نه ڪنهن طرح امدادي سرگرمين جي ضرورت آهي.فارين اينڊ ڪامن ويلٿ آفيس (FCO)هاڻي برطانوي شهرين کي لبيا جي سفر کان روڪي رهي آهي جيڪو ملڪ اڄ کان ڇھ سال پهرين خود برطانيه جي سياحن لاء دنيا جي ڇهن وڏن بهترين جاين مان شمار ڪيو ويندو هو. ايف سي او جي چوڻ مطابق  “پوري ملڪ ( لبيا) جي صورتحال خراب آهي. حالتون غيريقينيء واريون آهن.مختلف حصن ۾ مسلسل ويڙھ هلي رهي آهي۽ ملڪ جي ڪيترن ئي حصن تي دهشتگرد ڌڙن جو ڪنٽرول آهي. رطانوي شهرين کي دهشتگرديء جو خطرو آهي.پوري لبيا ۾ مسلسل جھيڙا ٿي رهيا آهن جن ۾ ماڻهن کي ماريو ۽ اغوا ڪيو وڃي ٿو”

لبيا کي “آزاد” ڪرائڻ جو ڪيڏو نه زبردست ڪارنامو بليئر ۽ وليم هيگ سرانجام ڏنو جو اڄ سندس ئي ملڪ جا شهري لبيا ۾ محفوظ ناهن!

آمريڪا ۽ سندس اتحادين جي“ حڪومت بدلايو راند ” کان پهرين شام به گھمڻ،رهڻ ۽ ڪم ڪار ڪرڻ لاء محفوظ ملڪ هو.ميري ويڪ فيلڊ،دي اسپيڪٽيٽر ميگزين جي نائب ايڊيٽر جنهن 2006ع ۾ شام جو دورو ڪيو اها لکي ٿي ته صدر اسد جي بعث پارٽي صدام جي پارٽيء کان گھڻو مختلف آهي،انهيء انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون جي سهوليت تان پابندي هٽائي ڇڏي آهي ۽ عام طور تي شامي شهري آزاد نظر اچن ٿا.پر اڄ ڪلھ مغربي سياحن جي لاء شام جو سفر ناممڪن آهي،اهو ملڪ جنهن ۾ اڳ ڏينهن توڙي رات جو بنان ڊپ ڊاء جي آزاديء سان گھمي سگھبو هو. دنيا پناهگيرن جي جنهن عالمي بحران کي هن وقت منهن ڏيئي رهي آهي اهو به انهن ملڪن ۾ حڪومت بدلايو راند جو ئي نتيجو آهي.

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *