ويا مور مري هنج نه رهيو هيڪڙو: حاجي گل حسن آريسر

در حقيقت ٿر جو 19 هزار چورس ميلن جو علائقو، جنهن جو دارومدار ۽ گذر سفر فقط خدا تعاليٰ جي نعمت برسات تي آهي، جنهن جي لاءِ عام چوڻي آهي ته ”وسي ته ٿر نه ته بر ئي بر.“ ٿر جي مارو ماڻهن جو گذر سفر جو ذريعو به فصل کان به وڌيڪ چوپائي مال تي آهي، هنن کي مال لاءِ گاهه ۽ چارو ملي ٿو ته هو خوش آهن، پر برسات کانسواءِ گاهه ۽ چارو ملي ته ڪٿان، گوار جي ڪٽي ۽ بوهه، جنهن کي ڪو زمانو هو آبادگار اڇلائي ڇڏيندا هئا، اهو بوهه، گوار جي ڪٽي ۽ ديوين جا پلڙا جيڪي گڏهن جو کاڄ آهن اهو به ٿر جي واپارين ڏڪارن جو مسلسل فائدو وٺندي جمع ڪري رکيو آهي اهي ايٽم به مجبور مالدارن کي ٻه سئو کان ٽي سئو روپيا مڻ تائين وڪرو ڪيا ٿا وڃن. ٻڌايو ته ٿر جا غريب ماروئڙا ٻچن جو پيٽ پالڻ يا چوپائي مال جي کاڌي لاءِ ڪيئن گذر سفر ڪري سگهندا هوندا؟ انهن سمورن درپيش مسئلن ۽ ڏڪارن جي باوجود به ٿر جو هي خطو سياست جي ميدان ۾ ڪنهن به حالت ۾ سنڌ کان گهٽ نه رهيو آهي، هاڻي ڪو سياست سکي ته ”ٿرين کان سکي“ وڏن وڏن سياسي چال بازين ۽ سياسي هيراڦيرين ۾ ٿريا وڏا ٽرينڊ آهن، سو ٿرپارڪر ضلعي ۾ چار وڏيون برادريون آباد آهن ۽ ٿر جي مالڪي به اهي برادريون ڪن ٿيون، انهن برادرين ۾ ٻن برادرين نهڙيا برادري جي سردار ارباب الهجڙيو، ارباب توگاچي، ارباب امير حسن مرحوم کان هلندو اچي ٿو. نهڙين جي ٻڌي ۽ اتحاد سبب سردار ساڳئي ئي ساڳئي ڪٽنب جو رهيو آهي ۽ هلندو اچي ٿو.

ٿر جي ٻي برادري راهمان برادري جو سردار ارباب مقبول احمد سردار بڻيو، جيڪو سندس حد مان صوبائي اسيمبلي جي تڪ مان ٻه دفعا هارائي ويو. حالانڪه ان جو والد مرحوم ارباب نور محمد راهمون وڏي هلت چلت وارو ۽ دٻدٻي وارو راهمن جو قومي سردار هو، پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي انهيءَ صوبائي حلقي مان ارباب نور محمد راهمون بنا مقابلي ڪامياب به ٿيو، پر هن جي لاڏاڻي بعد برادري ۾ ڌڙابندي ٿي وئي. ان ڪري راهمان برادري گروپن ۾ ورهائجي وئي. ٿر جي هڪ کاهوڙ وارو حصو، جنهن خوش نصيب خطي سرفروش جيالي ڪامريڊ خان محمد راهمون مرحوم ۽ شهيد ڊاڪٽر ڪمال راهمون کي جنم ڏنو. ان خطي ڀارتي ڪانگريس جي باني مهاتما گانڌي جي محبت کي دهرائيندي هڪ ڳوٺڙي جي همراهه راهمون برادري جي فرد پنهنجو نالو گانڌي رکيو، چوندا آهن ته ”ڪانءُ کي لڙ ۾ مزو“ سو گانڌي راهمي جي پٽ راهمن جي ڌڙابندي جو فائدو وٺندي پاڻ کي ان جي جاءِ تي سردار بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ان جو فائدو وٺندي هي همراهه به انهيءَ حلقي مان اسيمبلي جو ميمبر ايم پي اي بڻجي يو ۽ بعد ۾ ان جو ڀائيٽو به ايم پي اي ٿيو آهي ۽ صوبائي وزير به بڻيو، هن ڳوٺ کيمي جو پار ايٽ ڏاهلي کي جدا تعلقو به ٺهرايو پر پوءِ به راهمان برادري جو ٻيو وڏو ڌڙو عبدالرزاق راهمون ۽ برادرس ۽ هن جو سابقه وزيراعليٰ سنڌ ارباب غلام رحيم جي گروپ ۾ هئڻ ۽ حمايت هئڻ سبب هن جو مقابلو ڪندا آيا آهن ۽ ڪندا اچن ٿا. هنن انهيءَ گانڌي گروپ کي موقعي پرست قرار ڏئي ڪڏهن به تسليم نه ڪيو آهي. عبدالرزاق راهمون ٻه ڀيرا هن حلقي مان ايم پي اي به ٿيو آهي، هاڻي ڳالهه ٿي هلي ته ان دور ۾ ٿر جي هڪ وڏي ڳوٺ سوجي بقا تعلقو ڇاڇرو هاڻي تعلقو ڏاهلي ۾ جنم وٺندڙ ماهر تعليم محنتي استاد مجاهد آچار سميجو جيڪو ٿر جي هڪ وڏي برادري سميجا جو فرد هو، هن جاکوڙي انسان پرائمري ماستر هئڻ سان گڏ پنهنجا پرائمري جا فرائض ادا ڪرڻ بعد هن ان علائقي جي ڏتڙيل ٿري عوام جي سورن ۽ دردن جا داستان ٻڌي ۽ هنن جي مدد ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ آيو، مجاهد آچار هڪ رٽائرد پرائمري استاد سان گڏ خلق خدا جي خدمت ڪرڻ جو ايڌي وانگر خلق خدمت جو جذبو رکندڙ انسان هو. هن ٿر جي سميجا برادري کان علاوه ٿر جي سمورين برادرين جي غريب ۽ مسڪين ماڻهن لاءِ هڪ قومي تحريڪ جو ڪردار ادا ڪيو هو. برادري جي غريب مسڪين ماڻهو لاءِ هڙان وڙان به خرچ ڪري مسڪينن جا ڪم ڪرائيندو هو، ٿر ۾ ظلمن ۽ ڪرپشن جي هن دور ۾ مجاهد آچار سميجو جي آواز کان وڏا وڏا تيس مار خان به لهرائيندا هئا ۽ سياسي وڏيرا ته مجاهد جو نالو سامهون ايندو هو ته ڄڻ انهن لاءِ ايمرجنسي جو اعلان ٿي ويندو هو، هو هميشه چوندو هو ته ٿر ۾ مسڪين ماڻهن کي ظالم سياسي وڏيرن ۽ تپيدارن ڳٺ جوڙ سان لٽيو ۽ ڦريو آهي ”جيئرن کي مئا ۽ مئلن کي جيئرا بڻايو ڇڏين ٿا“ هن جو تڪيو ڪلام هو ”اوپر رب باري نيچي پٽ واري“ ڇاڪاڻ ته ٿر جو تپيدار به وڏو ظالم ۽ بي رحم هوندو آهي، هو زمين مالڪن جي بي خبري ۾ وڪڻي کاتا به تبديل ڪري ڇڏيندو آهي.

مجاهد آچار ظالم وڏيرن ۽ ڪامورن کي مخاطب ٿيندي چوندو هو ته ”مت ستائو غريب ڪو غريب روءِ ديگا اگر خدا ني سن ليا تو جڙ سي نيست و نابوت ڪر دي گا“ هن مجاهد جي آذان اها آهي ته غريب کي، ظالم چاهي وڏيرو هجي يا سرمائيدار، اُن کان حق وٺرائي ڏيڻ آهي ڇا اها وڏي عبادت نه آهي؟ جيڪا مجاهد آچار سميجو ادا ڪئي پر هن مجاهد جو عظيم ڪردار به اڄ تائين گمنام رهيو آهي، اهڙا ماڻهو صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن. هو هن ٿر جي ظالم ۽ واعدي خلاف سياستدانن لاءِ هڪ تاريخ ٿي اڀريو هو. هي انسان دوست انسان 30 آڪٽوبر 2008 ۾ پنهنجي رب حقيقي سان وڃي مليو، ٿر جا غريب ماڻهو اڄ به مجاهد کي ياد ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته الله سائين مجاهد جي اولاد ۾ اهڙو ڪو مجاهد پيدا ڪري.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *