وقت جي مُٺ ۾ بند زندگيءَ جا عڪس: شوڪت لوهار

”اهو پنهنجي دور جو بهترين وقت هو، اهو پنهنجي دور جو بدترين وقت هو، اِهو زمانو عقلمندي جو زمانو هو، اهو زمانو اياڻپ جو زمانو هو، اِهو عهد ايڪي ۽ ٻڌي جو عهد هو، اِهو عهد ڇڙوڇڙ ۽ ڀور ڀور ٿيڻ جو عهد هو. اِها روشني جي موسم هئي، اها اوندهه جي موسم هئي، مند اميدن جي بهار، اها مند مايوسين جي سرءُ هئي. سڀ ڪجهه اسان جي آڏو هو، ڪجهه به اسان جي آڏو نه هو.“

مٿيون دلربا سٽون چارلس ڊڪنس جي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي A tale of two cities جون ابتدائي سٽون آهن. مون کي خبر ناهي ڇو هي سٽون ڪڏهن به وسري نه سگهيون آهن، توڙي جو ڊڪنس جو هي ناول پڙهي زمانو گذري ويو آهي. هي سٽون منهنجي دِل تي ائين اڪريل آهن، جيئن مڪلي جي قبرن تي ڪتبا اڪريل آهن ۽ الاهي وقت گذرڻ باوجود ڪتبن جون تحريرون ائين جو ائين پيون آهن. Paradox ۾ چيل ڊڪنس جي هن ناول ٻن شهرن جي آکاڻي A Tale of two cities جي مهڙ جون هي سٽون پنهنجي پاڻ ۾ تمام اونهي معنيٰ سموئي نه صرف جنهن دور جي باري ۾ هي سٽون چيل آهن، ان وقت کي وائکو ڪن ٿيون، پر هي هر دؤر جون نمائندا آهن، ترجمان آهن.

چارلس ڊڪنس هِڪ مولائي ماڻهو هو، سڄي زندگي غربت جي گهاڻي ۾ پيسجندو رهيو، در در جون ٺوڪرون کاڌائين، ڪئين نوڪريون ڪيائين، ڪٿي نوڪريون ڇڏيائين، ڪي ڇڏايون ويس، ماڻهن جو ڌنار ليکاري هو، وڏي سڃاڻ رکڻ وارو، پرک رکڻ وارو. هن جي تنگ دست زندگي جو اثر هن جي هر لکڻي مان جهلڪي ٿو. ڊڪنس جي هر ناول جي هر ڪردار ۾ سندس داخليت پسندي سوار نظر اچي ٿي. هو ماڻهو جي فطرت کي ائين سڃاڻي، جيئن اوڏ گڏهه کي سڃاڻي. هو 1812ع ۾ برطانيه جي هِڪ ننڍڙي شهر لينڊ پورٽ ۾ ڄائو، سندس پيءُ نيوي آفيس ۾ هِڪ ڪلارڪ جي حيثيت ۾ ڪم ڪندو هو. چارلس ڊڪنس گوناگون تخليقي صلاحيتن جو مالڪ هو. هن پنهنجي ناولن ذريعي غريب ۽ اٻوجهه ماڻهن سان ٿيندڙ ويڌن کي وائکو ڪيو آهي ۽ ڇا ته ڪمال ڪاريگري سان ڪيو آهي، اهو سندس هر لکڻي ۾ واضح نظر اچي ٿو.

ڊڪنس ناول نگاري ۾ هڪ بادشاهه ليکاري هو. هن جي ناولن جي لسٽ تمام گهڻي طويل آهي، پر خاص طور تي ”ٻن شهرن جي آکاڻي، اوليور ٽوئسٽ ڊيوڊ ڪاپر فيلڊ، بليڪ هائوسز، نڪولس نڪل بي وغيره انتهائي اهم آهن. ڊڪنس پنهنجي ناول جي اڻت Craft ۾ هِڪ تمام اعليٰ مقام رکي ٿو. هن جو هر ڪردار زندگي سان ٽمٽار ۽ پنهنجي Content سان چهٽيل نظر اچي ٿو. ڊڪنس جي ناولن ۾ تمام گهڻي داخليت پسندي آهي، تنهن ڪري هن جي هر لکڻي پڙهندڙ کي جهٽ قابو ڪريو ڇڏي. معاشي تنگدستي ۾ لکيل سندس تصنيفون نه صرف پنهنجي دور جون ترجمان آهن، بلڪه هر دور جون ترجمان آهن. ڊڪنس کي نثر جو بادشاهه چيو وڃي ٿو. جهڙي نموني روسي ادب ۾ دوستو وسڪي کي نثر تي اهليت حاصل آهي، تهڙي طرح ڊڪنس کي برطانيه جي اولين ليکڪن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو. هينسري رچرڊنس وٽ انگريزي ناول اک کولي ۽ ڊڪنس وٽ جوان ٿيو.

فرانسيسي انقلاب جي پسمنظر ۾ لکيل هي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي “A Tale of two cities” اڄ به ترو تازه لڳي ٿي. ٿامس ڪارلائل جي ڪتاب History of French Revolution کان متاثر ٿي لکيل هن ناول جي ارپنا پڻ ڊڪنس ٿامس ڪارلائل کي ئي ڪئي آهي. ڪارلائل پڻ پنهنجي عهد جو هِڪ عظيم نثرنگار رهيو آهي، سندس ڪتاب Past and present تمام گهڻو مشهور آهي ۽ جنهن ۾ هن جي اعليٰ پايي جي نثر جون اوچايون پسي سگهجن ٿيون. ڊڪنس پنهنجو سمورو تاريخي مواد هن ڪتاب تان کنيو آهي، پر ڪهاڻي جو ڳر ان جو پنهنجو تخليق ڪيل Created آهي. ڊڪنس هن ناول ذريعي اِهو ڏيکاريو آهي ته جيڪو ڪجهه فرانس ۾ ٿيو، اهو هِڪ ڀيانڪ خواب جيان هو ۽ جيڪڏهن ان وقت جي برطانيه جي حالتن کي سامهون رکندي حڪمرانن اکيون نه کوليون ته اهي سڀ مشقون برطانيه ۾ به ٿي سگهن ٿيون، جيڪي انتهائي ڀوائتيون ۽ ڊيڄاريندڙ هونديون. ٻن شهرن جي آکاڻي يعني پئرس ۽ لنڊن تي مشتمل ڪهاڻي جو ڦهلاءُ هن انتهائي سهڻي اسلوب سان ڪيو آهي.

ڊڪنس جي هن ناول جو اهي ابتدائي سٽون جڏهن به منهنجي ذهن جي اسڪرين تي عيان ٿينديون آهن ته هميشه زندگي هِڪ پينڊوليم جيان لڳندي آهي، گهڙي هِڪ پاسي ته گهڙي ٻئي پاسي. آهي به ائين ماڻهو ڪڏهن به هِڪ ڪيفيت ۾ رهي نٿو سگهي. ڪڏهن مسرت وچان دلربائي ٽهڪ ڏئي ٿو ته ڪڏهن پنهنجي ڳلن کي ڳوڙهن جي مالها پارائي ٿو. ڪنهن سمي زندگي بهار جو جهوٽو محسوس ٿئي ٿو ته ڪنهن سمي سرءُ جي ساڙيندڙ لُڪ. ڪڏهن ڪو وڻ گلن ۽ ساون پَنن سان ڀَريل ڏسجي ٿو ته ڪڏهن ساڳيا زندگي سان ڀرپور پَن ماڻهو جي بوٽن هيٺيان ڪوڪون ڪندي ساهه ڏين ٿا.

طارق عالم پنهنجي ڪتاب ڪالم ڪهاڻي ۾ هِڪ هنڌ لکيو آهي ته مون کي منافق ماڻهو هر دفعي هِڪ ئي ڪيفيت ۾ مليا آهن. يعني هر وقت خوشي جو درس ڏيندڙ ۽ پاڻ ۾ خبر ناهي ڪهڙين ڳالهين جي ڪري سدائين هِڪ ڪيفيت ۾ رهڻ وارا.

اسان وٽ اڄ به حالت ڊڪنس جي ناول ٻن جاڙن شهرن جي آکاڻي جي شروعاتي سٽن جيان ئي آهي. هڪ طرف امراءُ ۽ اشرافيه جي دنيا آهي، جيڪي پيدا ٿيڻ ۽ مرڻ جو مقصد صرف ۽ صرف ٻين کي آزارڻ ۽ پنهنجي طاقت جي ٻل تي هميشه هر ٻئي ماڻهو کي محڪوم سمجهڻ ۽ ان تي سبقت حاصل ڪرڻ چاهيندا آهن. ٻيو طبقو آهي وچولو طبقو جيڪو هڻ وٺ ۾ پورو هوندو آهي، غريبي کان پيڇو ڇڏائڻ جي چڪر ۾ ۽ شاهوڪار ۽ امير Elite ٿيڻ جي فوبيا ۾ هميشه Tug of war رساڪشي ۾ رڌل. ٻيو طبقو آهي اٽي، اجهي ۽ لٽي جي پورت لاءِ پريشان، جنهن جو زندگي جي ٻئي ڪنهن به ڪاروهنوار سان ڪوبه واسطو نه هوندو آهي. هو فقط اِهو چاهيندا آهن ته اڄوڪو ڏينهن ڍؤ تي ماني ملي وڃي، سڀاڻي ڏٺو ويندو؟ ڀلا گهر کان نڪري توهان پاڻ انهن خانه بدوش ماڻهن تي هِڪ لمحي لاءِ غور ڪريو، ڇا انهن کي اِها فڪر ۽ پريشاني آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪير اڪثريت سان کٽيندو؟ ايندڙ حڪمران ڪير هوندو؟ پاڪستان پهريون اسلامي نيو ڪليئر طاقت رکندڙ ملڪ آهي؟ انهن جا ٻار اسڪول ڇو نٿا وڃن؟ انهن جي ڪا عبادتگاهه ناهي؟ هنن ڪڏهن منرل واٽر جي بوتل مان پاڻي پيتو هجي؟ هنن ڪڏهن ڇري ڪانٽي سان کاڌو کاڌو هجي؟ ايندڙ حسن جو مقابلو ڪهڙي حسينا کٽيندي؟ اسٽار پلس جي ڪروڙن جي ڪمائي جو سبب سسُ ۽ نُنهن جا جهيڙا آهن. پاڪستان ۾ پرڏيهي رانديگر راند ڇو نٿا کيڏن؟ اهڙا ڪئين سوال ۽ بيان آهن، جن تان انهيءَ مخلوق جو ڪوبه تعلق ناهي. هاءِ ڪلاس، لور ڪلاس، بلڪه ڪلاس ليس ماڻهن جي هِڪ ئي سئي سان ٻَڌل هوندا آهن، ٻنهي جو گهڻن ئي ڳالهين ۾ گهرو تعلق آهي. ٻنهي وٽ اختلافيات جا معيار ساڳيا آهن؟ ريتن رسمن ۽ ثقافتي ٻنڌڻ صرف وچولي طبقي لاءِ آهن.

مشهور ٽي وي آرٽسٽ طارق عزيز پنهنجي آتم ڪٿا ۾ لکيو آهي ته جڏهن هو پهريون ڀيرو ايم اين اي چونڊيو ويو ته هن کي پوري رات ننڊ ڪونه آئي. هن جي اورا کورا جو عالم نه هو، هن کي سوچون ورائي ويون ته سڀاڻي قسم کڻڻ دوران ماڻهو هن جي شهرت کان متاثر ٿي هن کان آٽوگراف وٺندا ۽ طارق عزيز نيلام گهر وارو چئي چنبڙي ويندا. هو اِهو سڀ ڪجهه سوچيندي هِڪ عجيب نرگسيت ۾ وٺجي ويو. صبح جو قسم کڻڻ کانپوءِ ڪنهن هن ڏانهن ڪنڌ ورائي ڪونه ڏٺو، هن کي ڏاڍي مايوسي ٿي. چي يار آئون ايڏو وڏو ڪمپيئر آهيان، ماڻهو ڏسڻ ئي گوارا ڪونه ٿا ڪن، هي ڪهڙي مخلوق آهي؟ نيٺ پنهنجي انا هٿان گرفتار ٿي هن هڪ ٻن ماڻهن کي پاڻ پنهنجو تعارف ڪرايو ته هو طارق عزيز آهي ۽ مشهور پروگرام نيلام گهر جو اڪيلو ڪمپيئر“ انهن ماڻهن چيو ته ڀائو ڪهڙو طارق عزيز؟ ڪهڙو نيلام گهر؟ مون کي ته ڪا خبر ناهي، آئون ڄائو نپنو آمريڪا ۾ آهيان، بابا ڇهه مهينا اڳ گهرايو آهي ته اليڪشن ۾ هيل توکي Contest ڪرڻو آهي، مون کي ڪا خبر ناهي ته اوهان ڪير آهيو ۽ پي ٽي وي ڇا آهي؟ ”آئون ڪڏهن ٽي وي ڏسان ئي ڪونه. بلڪه اڪثر ائين پندرنهن ڏينهن دبئي، سينگاپور ۽ يورپ هليو وڃان، هينئر اليڪشن آهي، سو سوچيم ته هاڻ گهڻو رولاڪي ٿي وئي، سو ڪو ڪيريئر جي شروعات ڪجي؟“ اهي ۽ اهڙا ڪيئي گفتا طارق عزيز کي منهن تي چماٽ ٿي لڳا. هو خاموش ٿي ويو. تنهن ڪري اسين ماڻهو خوامخواهه illusions جو شڪار ٿيڻ بجاءِ پنهنجي اوقات ۾ رهون ته بهتر آهي. اسان وٽ سياست به او ايل ايڪس جي دوڪان جيان آهي، جتي خريد و فروخت فري آهي هر شيءِ جي، جنهن جي ذريعي طاقت جي سنگاسن تائين رسائي ممڪن ٿي سگهي.

ڊڪنس جي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي جي ابتدائي سٽن جو Paradox هر هنڌ ۽ هر وقت فٽ ۽ فڪسڊ ڏسجي ٿو، ڏسڻو اِهو آهي ته ڪرولا جي اڳئين سيٽ تي ويهاريل آفيسر جو ٽوال ويڙهيل پالتو ڪتو وڌيڪ عزت وارو آهي يا روڊ جي پاسي تي ڪمزوري ۽ ٿڪاوٽ کان چور جهور پوڙهو گلن جا گجرا کپائيندڙ مزدور؟ اڄوڪي دور جي نوجوان نسل آڏو ڊڪنس جي ناول ٻن شهرن جي آکاڻي جون ابتدائي سٽون سينو کولي بيهن ٿيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *