وصيت ڪيستائين نسخي جو ڪم ڏيندي رهندي؟ ؛سرواڻ چانڊيو

دنيا ۾ هڪ حڪيم هو، جنهن جو نالو لقمان حڪيم هو، وٽس هر مرض جي دوا ۽ علاج هو ۽ اهڙو ڪو به مرض نه هو، جنهنجو وٽس ڪو نسخو نه هجي ۽  ڪو اگهو وٽائنس بنا علاج جي ويندو هجي. اها ته ٿي وئي پراڻي زماني جي ڳالهه پر هاڻي هن دور ۾ به هر ڪنهن وٽ پنهنجي پنهنجي مسئلي جو حل به آهي ۽ نسخو به آهي ۽ اهو حل ڪڏهن ڪنهن وصيت جي شڪل ۾ هوندو آهي ۽ ڪڏهن وري ڪنهن خط جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿو پر هڪڙي ڳالهه واضح آهي ته مسئلن جو حل موجود هوندو آهي صرف مسئلي کي حل ڪرڻ اچي ۽ ان نسخي کي استعمال ڪرڻ جو طريقو اچي.

جڏهن کان محترمه جي شهادت ٿي آهي ته ان کان ويندي اڄ تائين سندس وصيت ئي آهي، جيڪا سڀني مسئلن جي لاءِ هڪ نسخي جو ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن شروع وارن ڏينهن ۾ پارٽي کي متحد رکڻ ضروري هو ته اها ئي وصيت وقت تي ڪم آئي ۽ زرداري  صاحب پارٽي جو شريڪ چيئرمين بڻجي ويٺو ۽ پارٽي کي ٽوڙ ڦوڙ کان بچائڻ لاءِ نابالغ پٽ کي کڻي پارٽي جو بي اختيار چيئرمين بڻايو ۽ سڄو پارٽي جو ڪارونهوار زرداري صاحب پنهنجي هٿ ۾ کڻي ورتو ۽ بلاول کي صرف پڙهائي تائين محدود رکيو ۽ جهڙي طرح پيپلزپارٽي حڪمراني ڪئي ۽ ڪنهن کي ڪا جهل پل نه هئي. ان جو اندازو عوام چونڊن مان لڳائي ورتو ته ڪهڙي طريقي سان پارٽي کي چونڊن ۾ شڪست آئي ۽ ٻن صوبن مان ته نالو نشان ئي مٽجي ويو پر اسان مفاهمت جي ڳنڍ ڇوڙڻ بدران ان کي وڌيڪ ڳنڍيون ڏئي ملڪ جي وسيع تر مفاد ۾ مضبوط ڪندا وياسين ۽ پارٽي ڪهڙن حالن ۾ آهي؟ ان حوالي سان سوچڻ جو نه موقعو مليو ۽ نه ئي وري ان حوالي سان ڪو مٿو کپائڻ جي ضرورت محسوس ڪئي وئي ۽ اهو سڄو سلسلو جيئن جو تئين هلندو رهيو ۽ سنڌي چوڻي موجب ته ڌڻ ڌنار بنا هلندو ويو ۽ ڪٿي ڀيل ڪيائين ۽ ڪٿي ڪيئن ٿيو پر ڪنهن به هڪل هوڪر نه ڪئي ۽ معاملو روان دوان رهيو.

پر جڏهن کان پارٽي جي بي اختيار چيئرمين پنهنجي پڙهائي پوري ڪئي ۽ ملڪ واپس اچي پارٽي جي معاملن ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي ته اختيارن جي ورڇ تان معاملا وڌڻ شروع ٿيا ۽ اهو پهريون ڀيرو ٿيو جو موڀي پٽ پنهنجي والده جي ورسي تي به نه آيو ۽ پارٽي جي معاملن ۾ هروڀرو جي مداخلت ۽ ڪجهه اڻوڻندڙ چهرن جي حد کان وڌيڪ بااختيار بڻجڻ ۽ سڀني معاملن کي ڏسڻ جي اعتراض کانپوءِ شريڪ چيئرمين ۽ چيئرمين جي وچ ۾ آهستي آهستي وڇوٽيون پيدا ٿيڻ شروع ٿيون ۽ اهو معاملو ذريعن موجب ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. ڇو ته چيئرمين پنهنجا سمورا اختيار استعمال ڪندي پارٽي کي ناني ۽ والده جي پارٽي بڻائڻ چاهي ٿو ۽ ان ۾ پارٽي جي مخالفن لاءِ به اها ئي پاليسي اختيار ڪرڻ چاهي ٿو، جيڪا ماضي ۾ رهي آهي ۽ پيپلزپارٽي انهي پاليسي جي ڪري ئي عوام جي دلين ۾ زنده آهي پر ٻئي طرف جيڪا مفاهمت جي ڳنڍ آهي، ان لاءِ شريڪ چيئرمين کي اندر ئي اندر خوف آهي ته جيڪڏهن اها ڳنڍ کولي وئي ته پوءِ هاڻي سندس لاءِ لوٽي کان ٻهڳڻ ڳرو ٿي پوندو ۽ هن عمر ۾ اهو ٻهڳڻ کائنس نه کڄي سگهندو. جنهن جي لاءِ هو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي اها مفاهمت جي پاليسي کي گهٽ ۾ گهٽ جلد ته ڇڏڻ جي حق ۾ نه آهي ۽ اها روش پارٽي کي ڪيترو نقصان ڏيندي؟ شايد ان سان سندس واسطو نه آهي.

شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وصيت، جيڪا مختلف وقتن تي وڏي ڪم جي شيءَ بڻجي وئي آهي! اها هاڻي ٻين کانپوءِ پارٽي جي چيئرمين جي خلاف ئي استعمال ٿيڻ جو نسخو بڻجي سامهون آئي آهي ۽ ايتري وقت جي خاموشي کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته وصيت جا ٻه حصا آهن ۽ ٻي حصي ۾ جيڪا ڳالهه آهي اها سوچڻ سان ئي گهڻن جي مٿي تي پگهر اچڻ شروع ٿي وڃن ٿا. ڇو ته ان ۾ محترمه پنهنجي سيٽ تان بختاور ڀٽو کي بيهارڻ جو چيو آهي ۽ اها ڳالهه سامهون اچڻ کانپوءِ واضح  ٿي ويو آهي ته وصيت جي ڪاتب وڏي مهارت سان وصيت لکي آهي جو ان جي هڪ هڪ سٽ وڏي قيمتي آهي ۽ جيڏي مهل ضرورت پوي ته هر مرض جي دوا بڻجي سگهي ٿي، هاڻي سوچڻ جي ڳالهه آهي ته جيڪڏهن محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي والد وانگر پنهنجي  سيٽ ۽ سياست جي وارث بختاور ڀٽو کي قرار ڏنو هو ته پوءِ بلاول ڀٽو کي ڇا جي لاءِ چيئرمين بڻايو ويو؟ ڇا ان وقت شريڪ چيئرمين جي ذهن ۾ اهو هو ته بلاول سندس هر ڳالهه مڃيندو ۽ شايد بختاور سندس چوڻ مان نڪري وڃي يا پرائي گهر ۾ وڃڻ کانپوءِ پارٽي سندس هٿن مان نڪري وڃي يا اڃان ڪا ٻي سوچ هئي پر اها سوچ شريڪ چيئرمين جي شايد غلط ٿيڻ لڳي آهي جو هاڻي وصيت کي هڪ ڀيرو ٻيهر منظر عام تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ لڳي ٿو ته ان مان به صرف ڪجهه سٽون سامهون آنديون وينديون جنهن سان معاملي جو وقتي حل نڪري سگهي. باقي حصو وري به بوقت ضرورت محفوظ ڪيو ويندو ۽ جيڪڏهن ٻي ڪنهن ڪا نافرماني جي جسارت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوءِ وري به اها ئي وصيت هوندي جيڪا ڪم ايندي.

بلاول جي حوالي سان ڳالهه سامهون اچڻ کانپوءِ واضح ٿي ويو آهي ته چيئرمين ۽ شريڪ چيئرمين جي وچ ۾ معاملا ڪيتري حد تائين خراب ٿي ويا آهن، جيڪڏهن معاملا ڪي هلڪا ڦلڪا هجن ها ته پوءِ وصيت کي منظر عام تي آڻڻ ۽ ان جو سهارو وٺڻ جي شايد ضرورت نه هجي ها پر لڳي ٿو ته راند شريڪ چيئرمين جي هٿن مان نڪرندي محسوس ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري ئي اها راند کيڏي پئي وڃي ۽ پارٽي جو ان تي ڪهڙو اثر پوندو؟ ان جي لاءِ به هاڻي گهڻو وقت انتظار ڪرڻ جي ضرورت نه آهي ۽ تمام جلد سڀئي شيون منظر عام تي اچي وينديون.

پني عاقل ۾ سيد خورشيد شاهه جيڪو هن وقت مخالف ڌر اڳواڻ آهي، تنهن پاران اهو ڀير جي ڏونڪي تي اعلان ڪرڻ ته ايندڙ وزيراعظم آئون ٿيندس. پڻ ڪيترن ئي شين جي تشريح ڪري ٿو ۽ واضح ٿي ويو آهي ته ايندڙ ڪنهن به سيٽ اپ ۾ بلاول جو ڪو به ڪردار نه هوندو ۽ شايد هو ايندڙ چونڊن ۾ حصو نه وٺندو ۽ جيڪڏهن حصو وٺندو ۽ پيپلزپارٽي سوڀاري ٿئي ٿي ته پوءِ خورشيد شاهه ۽ ٻي ڪنهن به شخص جي وزيراعظم ٿيڻ جو ڪو به چانس نه آهي، ڪو وقت هو جو پيپلزپارٽي جي اڳواڻ فوزيه حبيب هڪ انٽرويو ۾ اظهار ڪيو هو ته منهنجي خواهش آهي ته آئون ملڪ جي وزيراعظم بڻجان، جنهن تي محترمه بينظير ڀٽو کيس گهرائي پڇاڻو ڪيو هو ته منهنجي هوندي تون ڀلا ڪيئن وزيراعظم بڻجي سگهين ٿي؟ ڇو ته تون پيپلزپارٽي ۾ آهين ۽ پيپلزپارٽي ۾ مون کانسواءِ ٻيو ڪو به وزيراعظم جو اميدوار نه آهي، جنهن تي فوزيه حبيب محترمه کي صرف اها خواهش جي حد تائين ڳالهه ڪرڻ جو چئي جان ڇڏائي هئي پر هينئر سائين خورشيد شاهه کان نڪو ڪير پڇاڻو ڪرڻ وارو آهي ۽ نه ئي وري کيس ڪو ان خواهش کان روڪڻ وارو آهي. ڇو ته هن وقت سڀئي معاملا شريڪ چيئرمين جي هٿ ۾ آهن ۽ شريڪ چيئرمين ڪنهن کان پڇي يا نه پڇي ان لاءِ ٻيو ڪو به کائنس پڇڻ جو حق نٿو رکي.هن وقت جيڪا صورتحال آهي، ان ۾ مون کي ڀارت جي هڪ ٽي وي پاران بلاول ڀٽو تي ٺاهيل ڊاڪيومينٽري ياد اچي رهي آهي، جنهن ۾ بلاول ڀٽو کي تقرير دوران آصف علي زرداري کي کلندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ ان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو صدر ان لاءِ خوش آهي جو سندس “ترپ جو پتو” بهتر انداز سان کيڏي رهيو آهي ۽ سندس لاءِ هاڻ پريشاني جي ڳالهه نه آهي، هاڻي جڏهن هي معاملا سامهون آيا آهن تڏهن الائي ڇو خوف محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪٿي شهيد راڻي جي پٽ کي ڪنهن تاس جي پتي وانگر کيڏي هاڻي اڇليو ته نه ويندو ۽ جيڪڏهن واقعي ائين ٿئي ٿو ته پوءِ عوام جي لاءِ سواءِ پريشاني جي ٻيو ڪجهه نه ٿيندو. ڇو ته اقتدار جي جنگ بي رحم شيءَ آهي، جيڪا پي ۽ پٽ جو به لحاظ نٿي رکي ۽ ان جنگ ۾ تاريخ جي صفحن ۾ الائي ته ڪيترا رشتا خاڪ ۾ مليل آهن ۽  ڪٿي ائين نه ٿئي جو تاريخ هڪ دفعو ٻيهر پنهنجو پاڻ کي ورجائي ۽ نئين دور ۾ اقتدار جي لالچ ۾ رت جي رشتن ۾ ٽوڙ ڦوڙ کانسواءِ ملڪ جي هڪ عوامي پارٽي “پيپلزپارٽي ” به پنهنجو وجود وڃائي ويهي.

ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڻ پيپلزپارٽي جي رجسٽريشن جي معاملي تي صفدر عباسي ۽ ناهيد خان جي درخواست تي جهانگير بدر ۽ لطيف کوسا کي آخري ڀيرو نوٽيس جاري ڪندي پارٽي جي مالڪي جي حوالي سان جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ جواب داخل نه ڪرائڻ جي صورت ۾ فيصلو ٻڌائڻ جي ڌمڪي ڏني آهي ۽ اهو ڪيس جسٽس شوڪت عزيز صديقي ٻڌي رهيو آهي، ان لاءِ ڪو به ڪنهن غلط فهمي نه رهي ته ڪو فيصلو پيپلزپارٽي وارن جي خواهشن موجب ايندو، ڇو ته پيپلزپارٽي جي اختيار ڌڻين کي هن وقت ڪو به اونو نه آهي ۽ اهي ٻانهن سيراندي ڏئي ستل آهن. ٻئي طرف چيئرمين پڻ هن وقت ٻاهر آهي ۽ کيس به پارٽي معاملن ۾ مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه آهي ۽ ٻڌڻ ۾ آيو هو ته ڪجهه وقت اڳ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پيپلزپارٽي پارليامانيٽرين جا معاملا آصف علي زرداري ڏسندو ۽ پيپلزپارٽي جا معاملا بلاول ڏسندو. شايد اهو ئي سبب آهي جو پيپلزپارٽي جي معاملن سان زرداري صاحب کي ڪا به دلچسپي نه آهي، ڇو ته سندس پارٽي پيپلزپارٽي پارليامينٽرين آهي، جنهن جو سربراهه مخدوم امين فهيم آهي ۽ پيپلز پارٽي سان سندن ڪو به لڳ لاڳاپو نه آهي ۽ مخدوم صاحب لاءِ به شايد وصيت ۾ ڪا شيءَ موجود هجي ۽ وقت اچڻ تي ان لاءِ به اهو ٽڪرو ظاهر ڪيو ويندو، ان لاءِ پريشاني جي ڪا به ڳالهه نه آهي، جيستائين وصيت موجود آهي، تيستائين نه مفاهمت مان هٿ ڪڍيو ويندو ۽ نه ئي وري ڪنهن کي اڳتي اچڻ ڏنو ويندو پوءِ کڻي اهو پنهنجو جگر جو ٽڪرو ڇو نه هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *