وزيراعظم نواز شريف جو  ٺٽِي وارو دورو ..؟؟: غلام مصطفيٰ جمالي

ملڪ جي ڪنهن به صوبي جي ننڍي توڙي وڏي شهر لاءِ ملڪي وزيراعظم جو دورو وڏي اهميت رکندڙ آهي.پر پاڪستان جهڙي ملڪ جي عوام جي بدقسمتي چئجي يا سندن مقدر ڇو ته کين سندن چونڊيل وزيراعظم جو ديدار ان وقت نصيب ٿيندو آهي جڏهن ملڪ اندر ڪو وڏو حادثو پيش ايندو آهي.پوءِ چاهي اهو ڪو وڏو روڊ حادثو هجي يا دهشتگرد پاران ڪيل ڪو خدڪش حملو.مطلب ته جڏهن به ملڪي عوام جو جاني توڙي مالي نقصان ٿيندو آهي ته ان وقت ملڪي وزيراعظم عوام سندن سار لهڻ لاءِ عوام وٽ اچڻ جي ذهمت ڪندو آهي.نه ته اڪثر پاڪستاني حڪمرانن جي اها روايت رهي آهي ته هئنين ڪنهن به مسئلي اندر هو عوام وٽ لڙي نه آيا آهن،ائين به ناهي ته پاڪستان عوام مسئلن کان آجي آهي، پاڪستاني عوام ته هيمشه مسئلن ۾ گهريل رهيل آهي خاص طور تي پاڪستان جو صوبو سنڌ، سنڌ صوبو هزارين سالن جي تاريخ رکندڙ آهي صوبو آهي ۽ صوفين جي سرزمين آهي سنڌ جي سونهن ۽ ثقافت مهمان نوازي هنرن ۾ سڄي دنيا ۾ مشهور آهي سنڌ  بهادرن ڏاهن دانشورن اديبن عالمن اوليائن جي ڌرتي آهي، قدرتي وسيلن سان مالا مال سنڌ پنهنجن سان پيار ڪندڙن جو ديس آهي.

پيرن فقيرن اوليائن جي سڏجندڙ سنڌ ڌرتي جنهن جي ننڍن وڏن شهرن ڳوٺن ۾ الله پاڪ جي ولين، برزگن جا روضا موجود آهن، جيڪي انسان ذات جي ڀلائي خدمت جو سبق ڏيندا رهيا آهن  سنڌ جو عوام  ڪيترن ئي مسئلن ۾ گهيريل آهي سنڌ ۾ ڪو هڪ مسئلو نه آهي بلڪي سڄي سنڌ  مسئلن جي ور چڙهيل آهي قدرتي  وسلين  تيل گئس ۽ ٻين وسيلن سان  مالا مال  آهي جيڪا  ڪنهن  به  تعارف جي  محتاج  نه  آهي  سنڌ  ۾  حالات   عوام کي  ايترو ته  مجبور  ڪن  ٿا  جو  عوام  پنهنجي جائز حقن  جي  حاصلات  لاءِ  سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن جي پريس ڪلبن شهر جي مک چوراهن ٽي احتجاج ڪرڻ   تي مجبور ٿي  وڃي  ٿي هر  وقت  جي  سرڪار  سدائين  عوام  جي  حقي  حقن جي حاصلات لاءِ ٿيندڙ احتجاجن کي  ڀلي  ٻڌو  اڻ  ٻڌو ڪري  پر  احتجاج  ڪندڙ عوام  کي  اهو  يقين  هوندو  آهي ته سندن جائز مسئلن لاءِ ٿيندڙ احتجاجن  کي  ملڪ جي آئين ۾ايتري  اهميت  ضرور مليل  آهي جو هر وقت جي سرڪار  جائز  مسئلي  جي  حل  لاءِ  ضرور  ڪوشش ڪندا رهن ٿا، سنڌ مسئلن جي ور چڙهيل آهي ۽ حڪومت پنهنجا نواز پاليسي اختيار ڪري ڇڏي آهي جتي غريب انسان کي سرڪاري نوڪريون ملڻ هڪ خواب بڻجي ويو آهي، سنڌ جا لکين بيروزگار ۽ ڪروڙين غربت سٽيل ماڻهو اميد ڪن ٿا وقت جي حڪمرانن مان ته حڪمران سندن مسئلي جو نوٽيس وٺندا ۽ کين بهتر تعليم، روزگار ۽ بنيادي سهولتن سميت انصاف جي فوري فراهمي لاءِ اثرائتا عملي قدم کڻندا سنڌ ۾ بيروزگاري مهانگائي ايڏو ته مسئلو ٿي ويو آهي جنهن کي ختم ڪرڻ حڪمرانن جي وس ۾ نه آهي.

سنڌ ۾ بدترين غربت، بيروزگاري ۽ حڪمرانن جي بي حسي جو ثبوت آهي سڀ کان وڏو مسئلو هن جديد ۽ سائنسي دؤر ۾ هزارن سالن کان آباد سنڌي سنڌ ۾ تعليم جهڙي انمول تحفي کان محروم آهن تعليم سان ئي قومون ترقي ڏانهن وک وڌائينديون آهن ۽ ترقي يافته ملڪن سان گڏ ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيهنديون آهن اها تعليم ئي آهي جنهن سان انسان هن سائنسي ۽ ترقي واري دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي سنڌ جا اڪثر سياستدانن، حڪمران سنڌ جي ترقي عوام جي خوشحالي وارو دڳ وساري چڪا آهن سنڌ جي عوام کي چوندي ڏٺو ويو آهي ته. سنڌ جو ڪهڙو به ضلعو هجي سنڌ جي موجوده صورتحال جو جائزو وٺجي ٿو ته سنڌ جا ڪيترائي علائقا جديد تيز ترقي واري سائنسي دور ۾ به بنيادي سهولتن جي حوالي سان انتهائي پٺتي پيل خطو نظر اچي ٿو ۽ انهي جو بنيادي سبب سنڌ حڪومت پاران فلاحي ۽ ترقياتي اسڪيمن لاءِ مخصوص ڪيل رقم جو درست نموني سان استعمال ٿيڻ ناهي گذريل ڪيترن ئي سالن کان سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن تي من پسند ڪامورا شاهي جي ڪرپشن ڪميشن وصولي رهي آهي انهن ترقياتي رٿائن کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪميشن وصولي ۽ ڪرپشن ڪلچر جو خاتمو به آندو وڃي عوام لاءِ سوال بڻيل آهي،سنڌ اندر اهڙيين حالتن اندر ميان نواز شريف جو ٺٽي وري واري دور سنڌ لاءِ ڪهڙو پيغام آهي اهو به هڪ والسيه نشان آهي،ميان نواز شريف ٺٽي جي شيرازين برادري جي دوري تي ٺٽي اچڻو هو جتي کيس مڪلي گرائونڊ تي عوام جي هڪ وڏي ميڙاکي کي خطاب ڪرڻو هو،

جڏهن ته ميان نواز شريف جي اچڻ کان پهرين جلسي گاهه مان ٽي افغاني مشڪول ماڻهو گرفتار ڪيا ويا هئا جيڪا پڻ ملڪ جي ميڊيا تي هڪ وڏي بريڪنگ نيوز جي صورت ۾ سامهون آئي هئي،ٻئي طرف ميان نواز شريف جي آجيان لاءِ شيرازي برداري ميان نواز شريف جي کاڌي جي لاءِ سنڌ جي شهر سانگهڙ مان خاص باروچي گهرايا ويا هئا جن کي ميان نواز شريف جي ماني تيار ڪرڻي هئي ان وقت جي ميڊيا جي روپورٽ جي مطابق ته ميان نواز شريف جي کاڌي لاءِ تتر،ٻڪري جو گوشت،مڇي.مٽن سجي،پاپليٽ مڇي،جهينگا،يعني گانگٽ،سميت ڪيتريون ڊشِيون تيار ڪيون ويون هنيون،ميان نواز شريف جي ٺٽي واري دوري مان اهو صاف لڳي رهيو آهي ته ميان نواز شريف سنڌ اندر پنهنجو سياسي دورو شروع ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته ٺٽِي واري دوري اندر اهو به صاف ظاهر هو ته سنڌ جون ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون نواز شريف سان ملي ڪري سندس پارٽِي ۾ شموليت جون اعلان ڪنديون،جڏهن ته اهو به ٻڌايو پيو ويو ته ميان نواز شريف ٺٽي ۽ سجاول اندر وڏي ڪنهن اسڪيم جو پڻ اعلان ڪندو،برحال ميان نواز شريف جو ٺٽي وارو دور ڀلي ڪهڙي به نويت جو هجي پر سوال وري به ساڳيو آهي ته ڇا اهو ميان نواز شريف جو دور سياسي مفاد کان هٽي ڪري آهي يا ميان نواز شريف پنهنجي سياسي کي مظبوط ڪرڻ لاءِ ٺٽي آيو،جيڪڏهن ڳالهه سياست جي آهي ته هن وقت به ٺٽي اندر پ پ توڙي ن ليگ جون سياسي پارٽيون جيڪي نه رڳو وڏي اڪثريت رکن ٿيون پر ائي پارٽيون اندروني طاقت به رکن ٿيون،شايد ڪنهن جي ياد هجي ته انهي اندروني طاقت اندر گذريل اليڪشن اندر جهيڙي دوران مخلتف پولنگ اسٽيشنن اندر خون پڻ ٿي چڪا آهن،انڪري هن وقت پوري سنڌ اندر سياست جو هڪ نئون دور شروع ٿيو آهي انڪري ميان نواز شريف به پنجاب سميت سنڌ اندر به پنهنجون مصروفيات وڌائڻ ٿو چاهي،مان سمجهان ٿو ته اها هڪ سٺي ڳالهه آهي هر سياستدان کي اهو جهموري ۽ آئيني هڪ آهي ته هو ملڪ اندر سياست ڪري پر اتي عوام کي انهي سياست مان ڪهڙو رليف ٿو ملي اهو به هڪ سوال آهي جيڪو سدائين کان سوال بڻيل آهي جنهن جو هن وقت ڪنهن وٽ به ڪو جواب ناهي،

*****

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *