وري هڪ نئون يو ٽرن!: شفيق شاڪر

هونئن ته پاڪستان ۾ سياستدانن طرفان يو ٽرن اختيار ڪرڻ جو ڏانء ڪا نئين ڳالھ ناهي.عمران خان، الطاف حسين ۽ نوازشريف ان معاملي ۾ هڪ شاندار ريڪارڊ رکن ٿا پر تازو اڳوڻي صدر آصف علي زرداري صاحب هڪ بيان ڏيئي سڀني کي حيرت ۾ وجھي ڇڏيو آهي.سندس تازي تحقيق مطابق فوج پاڪستان مان دهشتگردي ختم ڪرڻ جي جدوجهد ۾ شاندار قربانيون ڏنيون آهن. ڪراچيء ۾ ڀتاخورن جيڪا عظيم سازش سٽي هئي،فوج انهيء سازش کي ناڪام بنائي حالتون بهتر بنايون آهن.هن جنرل راحيل شريف جي رٽائرمينٽ جي اڳواٽ اعلان تي به مايوسيء جو اظهار ڪندي چيو ته انهيء اعلان سان قوم ۾ مايوسي وڌندي. دهشتگرديء جي جنگ کي منطقي انجام تائين پهچائڻ لاء فوجي قيادت جو تسلسل ضروري آهي.ٻين لفظن ۾ جنرل راحيل شريف کي رٽائر نه ٿيڻ گھرجي. هن فوجي قيادت کي پنهن جي جماعت جي طرفان مڪمل ساٿ ۽ سهڪار جو يقين ڏياريو ۽ ماڻهن خاص طور تي ميڊيا کي صلاح ڏني ته اهي موجوده بحراني ۽ سنجيده صورتحال ۾ ذميداريء جو مظاهرو ڪندي اهڙين خبرن کان پاسو ڪن جن سان غلط فهميون وڌن. هن سياسي قيادت يعني موجوده حڪمرانن کي به مشورو ڏنو ته اهي به ملڪ ۾ جاري آپريشن جي حوالي سان ذميداريء وارو رويو اختيار ڪن.اهڙي طرح هن پاڪستاني فوجي قيادت جي تدبر،بهادري،جرئت ۽ همت جا ڪئين قصيدا به ڳايا آهن.اها ساڳي فوج آهي جنهن جي باري ۾ هو ڪجھ مهينا اڳ چارج شيٽ جاري ڪري رهيو هو ۽ ساڻن ماضيء جا سڀ حساب چڪتو ڪرڻ جون تنبيهون ڪري رهيو هو ۽ ملڪ جي سر سان سر وڄائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيو هو.

بدقسمتيء سان پاڪستاني سياستدانن جي اڪثريت جي اڄ حالت انهن سڪل پنن جيان بڻجي ويئي آهي جن کي حالتن جو واچوڙو جيڏانهن اچيس ٿو تيڏانهن اڏائي رهيو آهي ۽ وقت جو وهڪرو جيڏانهن چاهي اوڏانهن وهائي وڃي ٿو.پنهن جي ان ناقدري،بي وقعتي ۽ بي حيثيتيء جا هو تمام گھڻي ڀاڱي پاڻ ذميوار آهن جو اصولن جي سياست جڏهن کان عظيم قومي مفاهمت جي گھاڻي ۾ پيسجي ويئي تڏهن کان پاڪستاني جمهوريت جو رهيل سوجھرو به چٽ ٿي ويو. جڏهن سياسي حڪومتون هوندي به عوام جنرل راحيل شريف جون وڏيون وڏيون تصويرون روڊن ۽ رستن تي سجائي رهيو هو ته حڪمرانن جي لاء اهو وڏي فڪر ۽ ڳڻتيء جو لمحو هئڻ گھربو هو، پنهن جن روين ۽ پاليسين جو جائزو وٺڻ جي ضرورت هئي،عوام جو سياسي ادران تي ويساھ بحال ڪرڻ جو جوڳو بندوبست ڪرڻ گھربو هو پر ان جي ابتڙ اهي وڌيڪ پستين جي طرف وڌندا ويا،پنهن جو گھربل ڪم ڪرڻ بدران انا جي کول ۾ پناھ ڳولهيندا رهيا ۽ انتظامي معاملن کي بهتر گورنس جي ذريعي پنهن جي ڪنٽرول ۾ رکڻ بدران انهن محاذ آرائيء جو رستو ورتو، اهو سمجھڻ سواء ته محاذ آرائيء جو اهو رستو عوام ۾ سندن ئي خلاف منفي سوچن کي آسمان تي پهچائي ڇڏيندو ۽ ٿيو به ايئن جو اڄ عوام ۾ ڪو به انهن جي بربادين تي ماتم ڪرڻ وارو نه رهيو آهي ۽ انهن سان ٿيل هر سلوڪ تي تاڙيون وڄائڻ وارا ته کوڙ آهن پر ڪو افسوس ڪرڻ وارو ناهي.هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جناب زرداري صاحب اوچتو اهو يو ٽرن ڇو ورتو؟  ان لاء انهن معاملن تي به نظر رکڻ ضروري آهي ته زرداري صاحب کي فوج جي خلاف اهڙا سخت بيان ڏيڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي؟ جيڪا حقيقت هاڻي لڪيل نه رهي ته ان مزاحمتي موقف ۾ ڪا اصولي جنگ نه پر صرف پنهن جن ويجھن کي جيڪي ڪرپشن جي ڪيسن ۾ ادارن کي گھربل هئا انهن کي حوالي ڪرڻ کان صريح انڪار هو جنهن ڪري اها سخت صورتحال پيدا ٿي.جنهن کان پوء هڪ ڊگھي عرصي تائين نوازشريف تي به زرداري صاحب طرفان اهو مستقل دٻاء هو ته هو طاقتور حلقن سان ڳالهائي انهن کي ان مهم کان روڪي.ذريعن موجب نواز شريف طرفان بار بار زرداري صاحب کي اهي دلاسا به ڏنا ويا ته هنن کي وقت ڏنو وڃي ته هو ڪنهن طرح طوفان جو رخ موڙي وٺن پر ايئن نه ٿي سگھيو.طوفان جو رخ زرداري صاحب کان موڙڻ جي جاکوڙ الٽو اثر ڏيکاريو جو ان طوفان جو رخ  خود نوازشريف ڏانهن ٿي ويو. ان نازڪ صورتحال ۾ آخر نواز شريف زرداري صاحب مان هٿ ڪڍندي کيس پنهن جي ڪوشش پاڻ ڪرڻ جو مشورو معذرت واري انداز ۾ پيش ڪري ڇڏيو.جنهن کان پوء زرداري صاحب جون ملڪ کان ٻاهر ۽ اندر سرچاء لاء بيڪ ڊور ڊپلوميسيء واريون ڪوششون جاري رهيون تنهن هوندي به انهن جو ڪو خاطرخواه نتيجو نڪري نه سگھيو. ڪنهنآئيني ۽  قانوني اٽڪلن ذريعي به احتساب واري عمل کي روڪڻ جون ڪوششون ڪيون وييون جيڪي به ڪارگر نه ٿي سگھيون، ڌ مڪين ۽ انتباهن جو انداز به اپنايو ويو پر بي سود ثابت ٿيو. آرمي چيف جي مدت ملازمت ۾ واڌ جي حوالي سان مختلف بيان جاري ڪري موجوده آپريشن  کي تڪراري بنائڻ جي به پوري ڪوشش ڪئي ويئي پر آرمي چيف طرفان ان معاملي ۾ اڳواٽ ڪيل وضاحت کان پوء اهو معاملو به اڳتي وڌي نه سگھيو.انهن حالتن ۾ موجوده پي پي پي قيادت وٽ پنهن جي ڪيل سموري سياسي نقصان جي باوجود احتساب کان بچڻ جو ڪو آپشن باقي نه بچيو هو.سو جيڪر جناب آصف علي زرداري واقعي اهو بيان جاري ڪيو آهي جيئن ميڊيا جي هڪ وڏي حصي ۾ رپورٽ ٿيو آهي ته پوء انهيء کي مٿين سڄي صورتحال جي تناظر ۾ ڏسڻ بعد ان جا ٽي نتيجا ئي ڪڍي سگھجن ٿا.پهريون اهو ته عسڪري قيادت کي اهو پيغام ڏنو ويو هجي ته جيڪر ڪن به سببن ڪري موجوده نواز حڪومت قابل قبول نه رهي آهي ته پوء سندس پارٽيء جون خدمتون متبادل جي طور تي حاضر آهن.ٻيو اهو نتيجو ڪڍي سگھجي ٿو ته پنهن جي پراڻي روش ۽ تلخ بيانن سبب عسڪري قيادت سان جيڪا ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي آهي انهيء تي معزرت ڪندي لاڳاپن کي ٻيهر بهتر بنايو وڃي ته جيئن ٻئي طرف کان احتساب جي عمل ۾ ڪا نرمي حاصل ڪري سگھجي.ٽيون نتيجو اهو به ڪڍي سگھجي ٿو ته آرمي چيف جي کليل حمايت ۽ سندس مدت ملازمت واري اشوء کي وري بحث جو موضوع بنائي نواز حڪومت کي ڪنهن محاذ آرائيء واري رويي طرف ڌڪجڻ تي مجبور ڪجي.اهو به ٿي سگھي ٿو ته ته هڪ ئي تير سان اهي ٽيئي شڪار هڪ ئي وقت ڪرڻ جي راند کيڏي ويئي هجي!اهم سوال اهو آهي ته اهو داء ڪهڙي به مقصد سان کيڏيو ويو هجي پر ڇا انهيء جي نتيجي ۾ موجوده پي پي قيادت کي ڪو رليف ملي سگھندو؟انهيء سوال جو صحيح جواب ته ايندڙ وقت ئي ڏيندو پر حالتون  جنهن منظرنامي طرف واضح اشارو ڪري رهيون آهن تنهن ۾ اهڙي اسپيس تمام گھٽ نظر اچي رهي آهي.تازي بيان جو هي تير ڪنهن نه ڪنهن کي گھائل ڪرڻ لاء ترڪش مان نڪري چڪو آهي. وقت ئي ٻڌائيندو ته ان جي نتيجي ۾  ڪير ٿو گھائل ٿئي ، ڪنهن ٻئي جو دامن يا پنهن جو ئي  ستايل سينو!

ٻئي طرف سنڌ ۾ پنهن جي صوبائي احتساب ڪميشن قائم ڪرڻ جي حوالي سان قانوني صلاح مسورا سنجيدگيء سان جاري آهن جنهن جي قيام کان پوء مرڪزي ۽ صوبائي احتساب ادارن جي وچ ۾ نئين ڇڪتاڻ شروع ٿيڻ واري امڪان کي به نظرانداز ڪري نٿو سگھجي.هوڏانهن نواز حڪومت لاء به مشڪلاتون گھٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن وڌي رهيون آهن جو نيب جي پرن ڪٽڻ يا ننهن سنوارڻ جي حوالي سان طيء ڪيل سڀ منصوبا سياسي صورتحال ۾ ڪنهن ٿڌ جو سبب بنجڻ بدران وڌيڪ گرمي پيدا ڪري سگھن ٿا. هي پٽڪو بچايو تحريڪ ڪيترو ٿي ڪامياب ٿئي انهيء جون اميدون خود انهيء تحريڪ جي سالارن کي به گھٽ نظر اچن ٿيون تنهن هوندي به ڪوبه پنهنجي پوزيشن ايتري آسانيء سان تبديل ڪرڻ لاء راضي نه ٿيندو.ان راند جو انت ڇا ٿو ٿئي، ڪجھ چئي نٿو سگھجي پر اها ثابت ٿيل حقيقت آهي ته اجائي ضد جو نتيجو هميشه ڪنهن الميي جي صورت ۾ ئي ظاهر ٿئي ٿو!

******

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *