هڪ بهترين روايت ؛واحد پارس هيسباڻي

ڪالهه سينيٽ جو هڪ اهم مرحلو ٿي گذريو، جنهن ۾ نون چونڊيل ميمبرن قسم به کنيو ته نئين چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ به ٿي گذري. پاڪستان جي سياست تاريخ ۾ هن ڀيري هڪ بهترين روايت اها نظر آئي ته پيپلز پارٽي سميت مخالف ڌرين جي اميدوار ميان رضا رباني جي حڪومتي ڌر به حمايت ڪري ڇڏي ۽ هن ان جي مقابلي ۾ پنهنجو اميدوار نه آڻڻ جو اعلان ڪيو. جيتوڻيڪ ايوان اندر پيپلز پارٽي ۽ ان جي اتحادي پارٽين جي ووٽن کي سامهون رکندي گهڻي ڀاڱي اهي ئي امڪان هئا ته سندن اميدوار ئي ڪامياب ٿيندو پر باوجود ان جي وزيراعظم ميان نواز شريف جيڪو ٻه قدم اڳتي وڌندي مخالف ڌرين جي اميدوار جي آجيان ڪئي، ان کي پنهنجو گڏيل اميدوار چيو اها بهرحال هڪ سٺي روايت آهي، جنهن جي پاڻ وٽ تمام گهڻي کوٽ رهي آهي. هتي 20 ۽ 80 جو فرق هجڻ جي باوجود ميدان خالي نه ڇڏڻ جو رواج رهيو آهي، اهو مقابلي وارو عمل جيتوڻيڪ جمهوري ڪلچر جو حصو آهي ۽ هئڻ گهرجي، پر جيڪڏهن اڪثريتي ڌر جي آجيان ڪندي ان سان گڏ بيهجي ته اها اڃا بهتر جمهوري روايت چئبي. ڇو ته سياست ۾ هڪ ٻئي جي حيثيت کي قبول ڪرڻ تمام ضروري آهي، جيڪو سڀ ڪجهه اسان وٽ نه هئڻ جي برابر نظر آيو آهي. هتي هر وقت مقابلي لاءِ سندرا ٻڌل نظر آيا آهن. پنهنجي قد ۽ بت کان واقف هجڻ جي باوجود اڳرائي وارو عمل نه ڇڏيو ويو آهي، سبب هجي نه هجي پر مخالفت ڪرڻي آهي ۽ مقابلو ڪرڻو آهي، ان روايت تمام گهڻا نقصان ڏنا آهن. اسان وٽ جمهوريت جي گاڏي جيڪا بار بار پٽڙي تان لهندي رهي آهي، ان پٺيان ٻين مختلف سببن سان گڏ هڪڙو وڏو سبب اهو به آهي پر هن ڀيري حڪومتي ڌر جنهن رويي جو مظاهرو ڪيو آهي پاڻ ان کي مثبت سمجهون ٿا، جنهن جا يقينن مستقبل تي سٺا اثر پوندا ۽ ڇڪتاڻ ۽ هڪٻئي جا پير ڪڍڻ واري سياست جي رستا روڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي.

اقتداري ۽ سياسي معاملن ۾ هن قسم جون شيون واري ڦيري سان ٿيڻيون آهن، اڄ جيڪڏهن نواز ليگ سرڪار پيپلز پارٽي کي سپورٽ ڪيو آهي ته سڀاڻي يقينن جڏهن موقعو ايندو ته پيپلز پارٽي وٽ به ان سان سهڪار جو احساس پيدا ٿيندو، پاڻ جيڪڏهن ائين چئون ته غلط نه ٿيندو ته نواز ليگ هي جيڪا ان عمل ذريعي پوک ڪئي آهي، ان جو ثمر کيس ايندڙ مستقبل ۾ ملندو.

سياست ۾ وقتائتا فيصلا ڪرڻ ئي ڪاميابي جو راز آهي، ان حوالي سان زرداري صاحب منفرد سڃاڻپ رکي ٿو. پنهنجي اقتداري دور ۾ هن مختلف بحرانن سان جهڙي نموني منهن ڏنو ۽ خود عمران خان جي ڌرڻي دوران نواز ليگ کي هڪ وڏي بحران مان ٻاهر ڪڍي آيو. محسوس ائين ٿي رهيو آهي ته ميان صاحب ان مان گهڻو ڪجهه سکيو آهي ۽ کيس ائين لڳي رهيو آهي ته جيڪڏهن 5 سال حڪومتي مدو پورو ڪرڻو آهي ته مفاهمت واري اها ساڳي ئي واٽ وٺڻي پوندي جيڪا زرداري صاحب ورتي. هونئن ميان صاحب جو ماضي ۾ جيڪو انداز رهيو آهي، ان کان پاڻ سڀ واقف آهيون، هر ڪنهن سان ڦٽائڻ واري انداز نيٺ سندس اقتداري تختو اونڌو پئي ڪيو آهي، 2 ڀيرا حڪومت وڃائڻ کانپوءِ هينئر جڏهن کيس ٽيون ڀيرو حڪومت ملي آهي ته سندس انداز گهڻو مختلف محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن کي ڏسي ائين لڳي رهيو آهي ته هن ڀيري هي شايد اهڙي ڪابه گنجائش باقي ڇڏڻ نه ٿو چاهي، جنهن سان وري اهي ساڳيون روايتون دهرائجن، اقتداري ايوانن جي ويجهو رهندڙ ذريعا ٻڌائين ٿا ته عمران خان جي طويل ڌرڻي دوران اهڙا ڪيترائي موقعا آيا جيڪي ميان صاحب جي جذبات کي وڌائيندڙ هئا، پر هن پاڻ تي پورو پورو ڪنٽرول ڪيو، ان پٺيان کيس زرداري صاحب جون اهي صلاحون به ڪم آيون جيڪي ”ڪاميابي سان پنج سال حڪومت ڪيئن هلائجي؟“ واري سوال جي جواب ۾ هيون. هن وقت نواز ليگ سرڪار ڪافي حد تائين رليڪس آهي، هلڪن ڦلڪن معاملن کي ڇڏي ڪري اهڙو ڪوبه وڏو معاملو نظر نه پيو اچي جيڪو هن جي اقتدار لاءِ خطري جي گهنٽي سمجهي. مجموعي طور تي هر پاسي شانتي ئي شانتي ۽ ماحول موجان ئي موجان وارو لڳو پيو آهي.

جيتوڻيڪ سينيٽ جي چيئرمين شپ تي پنهنجو اميدوار آڻڻ واري نواز ليگ جي انتهائي اهم خواهش ته پوري نه ٿي سگهي آهي پر مخالف ڌرين جي اميدوار جي حمايت ڪري هي کٽڻ نه کٽڻ واري ڪشمڪش مان ٻاهر نڪري آئي ۽ ان حوالي سان جيڪو تاثر جڙي ها، هن جو اثر به اڳواٽ ختم ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هنن معاملن کي ملڪ ۽ قوم جي خدمت واري اصل مقصد جي تناظر ۾ ڏٺو وڃي ته اهميت سيٽن ۽ عهدن جي نه پر جذبي جي هجي ٿي. سينيٽ قانون سازي جي حوالي سان انتهائي اهم ايوان آهي، جيڪڏهن اتي سياسي پسند ناپسند واري خيال کي پاسي تي رکي ملڪ ۽ قوم جي بهتر مفاد کي سامهون رکي پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪيو وڃي ته اصل اهميت ان شيءِ جي آهي. نواز ليگ هن وقت اقتدار ۾ آهي، ان ڪري هن تي ذميواريون به ڪجهه وڌيڪ عائد ٿين ٿيون. چيئرمين شپ واري معاملي تي هن جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهي ذميواريون بهتر انداز ۾ نڀائڻ واري عمل جو هڪ حصو آهي، جيڪڏهن هڪٻئي کي اهميت ڏيڻ وارو هي سلسلو هن ئي انداز ۾ جاري رهي ٿو ته ان جا ضرور سٺا نتيجا ملندا ۽ ايوان جو ماحول يقينن بهتر رهندو. حقيقت ۾ ڇڪتاڻ جو ڪوبه فائدو ناهي، اهو سڀ ڪجهه بس انا جي تسڪين آهي، باقي ان مان ڪجهه حاصل نه ٿو ٿئي.

هن صورتحال ۾ پيپلز پارٽي مان به بهتر رويي جي اميد رکون ٿا. هن وقت ملڪ دهشتگردي، غربت، افلاس سميت جن مختلف مسئلن سان منهن ڏئي رهيو آهي، ان ۾ اهو ضروري آهي ته سموريون ڌريون سياسي انائن کي پاسي تي رکي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. عوام سياسي ڌرين کي چونڊي ان ڪري ايوانن ۾ موڪلي ٿو ته اهي اتي ان جي بهتري لاءِ ڪو لائحه عمل جوڙين، ڪا قانونسازي ڪن، جيڪڏهن عوام جي انهن اميدن جي ابتڙ ايوان کي مڇي مارڪيٽ بڻايو وڃي ته اهو ڪيڏو نه افسوس ڀريو پاسو آهي، اهڙي قسم جي روين جو اسان جون سياسي ڌريون هينئر تائين ڪيترو ئي نقصان کائي چڪيون آهن، کين ڪيترائي ڀيرا آمريتي ڏينهن ۾ مختلف ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو آهي، هينئر بهتر اِهو ئي ٿيندو ته نئين دور ۾ پراڻي دور جي روايتن کي ورجائڻ بدران نيون روايتون قائم ڪجن ۽ هن ملڪ کي هڪ حقيقي جمهوري رياست بڻائجي. جيڪڏهن سموريون سياسي ڌريون ننڍڙن ننڍڙن مفادن کي نظرانداز ڪري ملڪ جي مجموعي مفادن لاءِ هڪڙي پليٽ فارم تي گڏ ٿي وڃن ته ڪو سبب ناهي ته ملڪ ۽ قوم خوشحال نه بڻجي. سينيٽ ۾ ڪالهه ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ دوران جيتوڻيڪ دلچسپ ماحول نظر آيو، تحريڪ انصاف پنهنجي پوزيشن جو اندازو هجڻ باوجود هي ميدان خالي ڇڏڻ پسند نه ڪيو، بهرحال اِهو به جمهوريت جو حسن آهي، هر ڪنهن کي مقابلو ڪرڻ جو حق حاصل آهي، بس ان مقابلي بازي دوران جمهوريت جو حسن داغدار نه ٿيڻ گهرجي. سينيٽ جي هن نئين جوڙ جڪ کانپوءِ اميد ڪجي ٿي ته جمهوري سسٽم کي وڌيڪ هٿي ملندي ۽ عوامي مفادن وارن معاملن کي ترجيحي بنيادن تي قانون جو حصو بڻايو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *