هيري کي شڪت ڏيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ ڪير آهي..!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

آمريڪي شهري جنهن کي هن وقت آمريڪي صدارت جو تاج ملي چڪو آهي جنهن کي پوري دنيا ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي سان سڃاڻندي هئي ۽ دنيا جو سموريون اڳڪٿون ڪوڙيون نڪتون ۽ دنيا جي سموري تجزيڪارن جا تجزيه به غلط ثابت ٿيا ۽ پوري دنيا جي سوچ هڪ طرف ۽ آمريڪي عوام جي سوچ ٻئي پاسي ٿي وئي ۽  آمريڪا ۾ ايندڙ اليڪشن جي آخري نتيجن پوري دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو. جڏهن ميڊِيا تي آخري نتجيه پهتا ته آمريڪا صدارتي اليڪشن ۾ ٻيٺل اميدوارن مان هيري جي مقصدر ۾ هار نصيب ٿي چڪي هئي  ۽ سندس مخالف  دنيا  جي لاءِ دهشت جي علامت بڻيل ڊونلڊ ٽرمپ کي فتح نصيب ٿي چڪي هئي .انڪري انهي ڏسڻو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ جي جيت ۽ هيري تي هار تي پاڪستان سميت دنيا جي ٻين مسلمان ملڪن تي ڪهڙا اثر پوندا.جڏهن ته اها سڀني کي خبر آهي ته ٽرمپ مسلمانن ۽ پاڪستان لاءِ هڪ اتنهاپسندي سوچ رکندڙ انسان آهي ۽ انهي سوچ جي ڀيٽ ۾ هوُ انڊيا جي حق ۾ پڻ آهي.۽ اها ڳالهه به واضع آهي ته رڳو ڊونلڊ ٽرمپ نه پر ريپبلڪن پارٽي جي هر اميدارو هيمشه پاڪستان ۽ مسلمان جي خلاف تمام گهڻو سخت نظريو اختيار ڪيو آهي.جڏهن ته پاڪستان لاءِ ڪيترائي سال پريشانيون پيدا ڪندڙ ظالم صفت انسان چارج بش ڪنهن کان ڳجهو ناهي ۽ ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي اهو به چيو پيو وڃِي ته هوُ انهي کان وڌيڪ زهريلي سوچ رکندڙ انسان آهي. ۽ سندس سوچ صرف پاڪستان لاءِ به پر پوري دنيا لاءِ تشويش آهي..جڏهن ته پاڪستان جي سياست سان به ريپبليڪن پارٽِي جا تعلقات همِيشه خراب ئي رهيا آهن ڇو ته سندس جنگي ايجنڊا ۽ نيوورلڊ آرڊر کي پاڪستان اندر هيمشه هڪ ڊڪٽيٽر موزون رهيو آهي.جڏهن ته دنيا جي ڪمروز ملڪن تي ڪاهه ڪري انهي معيشت تي قبضو ڪري ۽ انهي قوم کي غلام بڻائي ڪري انهي عوام تي حڪمراني ڪرڻ هميشه ريپبليڪن پارٽي جو منشور آهي.

انهن هميشه ملڪن کي ڪمزور ڪري انهن مان فائده وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.جهڙي ريت انهن پروزيرمشرف ۽ جنرل ضياءُ جي دور اندر فائدو ورتو.جڏهن ته ٽرمپ جي کٽڻ کانپوءِ پاڪستان کي ملندڙ فنڊ  پڻ بند ٿيڻ جا امڪان صاف ۽ چٽا بنجي ويا آهن..۽ ٽرمپ جي پاليسي ۽ انڊيا جي پالسي سان گڏ اسرائيل جي پاليسي پڻ پاڪستان لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهي ٿي.۽ اهو صاف ظاهر آهي ته ريبپليڪن پارٽي مان ڪابه سٺائي جي اميد نٿي رکي سگهجي. هُو صرف ۽ صرف پاڪستان لاءِ مشڪلاتون پيدا ئي ڪري سگهي ٿي.پر رڳو پاڪستان نه پر خد آمريڪا جي وڏي تعداد اندر آمريڪي عوام ٽرمپ جي اليڪشن کٽڻ جي ڪري پريشان حال نظر اچي رهي آهي ۽ ڪيترن ته آمريڪي ڇڏڻ جو تياريون به ڪري ورتيون آهن.انڪري آمريڪي صدر ڊونلڊ پرمپ جنهن جي باري ۾ شايد ئي ڪنهن کي ڄاڻ هجي ته ڊونلڊ ٽرمٽ اصل ۾ ڪير آهي ۽ هوُ ماضي ۾ ڇا ڪندو هوُ،14جون1946 ۾ نيويارڪ شهر جي ۾ پيدا ٿيندڙ ڊونلڊ ٽرمپ جيڪو ننڍڙي هوندي کان تعليم سان وابستسه رهيون.جنهن 1968اندر يونيورسٽي آف پينسلوانيا مان اڪنامس اندر گريجوشن ڪئي.جڏهن ته سندس تربيت جمائڪا اسٽيئس جي امير ترين گهر ۾ ٿي. هوُ ريئل اسٽيٽس جي تعمير ۽ ترقي سان پڻ وابسته رهيو.هيمشه سندس رويو حاڪمن وارو رهيو.جڏهن ته 1970ع جي ڏهاڙي اندر کاتي انصاف اندر(ٽرمپ) تي آرگنائيزِشن تي فئير هائوسنگ ايڪٽ جي خلاف وزري ڪرڻ جو الزام پڻ لڳو.جنهن جي ذريعي اقليت کي سندس جايون ڪرائي تي وٺڻ کان پڻ روڪي ڇڏيو هوُ.جڏهن ته اهڙي عدالتي فيصلي کان پوءِ ٽرمپ عدالت کان ٻاهر اهو فيصلو طعه ڪيو جنهن کانپوءِ ٽرمپ(سينٽرل اسٽيشن) مان ملي ڪري هڪ هوٽل خريد ڪئي.جيڪا ديواليه قرار ڏني وئي هئي.تنهن کانپوءِ ان ست ڪروڙ ڊالر اڌار کئنين ۽ پوءِ نيويارڪ سٽي کان ٽيڪس گهريو. انهي جي تعمير ٿي ته ٽرمپ انهي هوٽل جو نالو(گرينڊ هائٽ هوٽل) رکيو.۽ 1971ع ۾ ان پنهنجي والد فريڊ ٽرمپ جي رئيل اسٽيس ۽ ڪنسٽرڪشن ڪمپني جو ڪنٽرول سنڀاليو جنهن جو نالو بعد ۾ تبديل دي ٽرمپ آرگنائيزيشن رکيو.،ڊونلڊ ٽرمپ(دي ٽرمپ آرگنائيشن جي صدر ۽ چيئرمين به آهي.جڏهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ذاتي ملڪيت جو اندازو 4ارب ڊالر تائين لڳايو وڃِي پيو..جڏهن ته هوُ مختلف ڪئپپمنين جي تعميراتي ڪمن ۽ منصوبن جي اشتهارن مهم اندر پنهنجو نالو استعمال ڪرڻ جو پڻ معاضو وٺندو آيو آهي.،جڏهن ته ٽرمپ ٽاور نالي عمارت به ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ سڃاڻپ آهي. جيڪا ويهه ڪروڙ ڊالر جي ملڪيت آهي جيڪا اپارٽمينٽ ۽ جي ٻين ڪاروبار لاءِ استعال ڪئي ويندي آهي..جنهن جي تعمير لاءِ گلابي رنگ جي سنگ مر مر جو استعال ڪيو ويو آهي،جيڪا 58منزلن تي مشتمل آهي.انکان علاوا  آمريڪا ۾ هلندڙ ڪيترن ئي ڪيسنو جو مالڪ هجڻ ڪري به ڊونلڊ ٽرمپ گهڻو مشهور آهي.پر اهڙو به سندس زندگي موڙ آهي جڏهن سندس ملڪيت اندر 1990اندر ڪرِيش ٿي.ان وقت سندس ملڪيت اندر1.7ارب ڊالر ڪري وئي هئي.۽ سندس ملڪيت صرف ۽ صرف 50ڪروڙ ڊالر باقي رهي هئي.۽ اهڙي ماحول اندر ڊونلڊ ٽرمپ تي اهو به وقت آيو جڏهن کيس پئسا اڌارا کڻڻا پيا ۽ نئي سر سرمائيڪاري شروع ڪرڻي پئي.پر انهي ماحول اندر ٽرمپ جي گهرولي زندگي ۽ تمام گهڻا خراب تاثر ڪرايا ۽ سندس گهر واري ۽ ٽرمپ جي وچ ۾ هلندڙ زندگي اچي طلاق تائين پهتي ۽ ٽرمپ جي گهر واري ٽرمپ کان طلاق ورتو.۽ پوءِ 2005ع اندر سلووينا سان تعلق رکندڙ هڪ مشهور ماڊل (ملانيا) سان شادي ڪئي،۽ انکان پوءِ ٽرمپ مختلف شو ڪرڻ لڳو جنهن ۾ کيس سٺِي آمدني ٿي ۽ اها آمدني وڌي اچي 20ڪروڙ ڊالر تي پهچي.ڊونلڊ ٽرمپ،1988ع2004ع2013ع اندر صدارتي الڪيشن جي ڊوڙ ۾ حصو ورتو۽ 2006ع ۾ کيس نيويارڪ اسٽيٽس اندر گورنر شپ جو عهدو مليو.۽ ڊونلڊ ٽرمپ 1995ع کان وٺي مس يونيورس ۽ مس يو ايس اي جا مقابلا پڻ ڪري رهيو آهي،ڊونلڊ ٽرمپ جي نالي عورتن سان تمام گهڻيون فحاشي ڳاليهون پڻ منظر عام تي آيون،جڏهن ته اليڪشن دوران ٽرمپ مسلمانن ۽ اسلام بابت به تمام گهڻو زهر اوڳاڙيو هوُ.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *