هانگ ڪانگ ۾ ٿيندڙ احتجاج ۽ چين جي سنجيدگي!؟ ؛ صوفيه ميمڻ

هانگ ڪانگ ۾ جمهوري اصلاح جي حق ۾ احتجاج جاري آهي ۽ قومي ڏينهن تي مظاهرو ڪندڙ گهٽين ۾ موجود آهن. انهيءَ احتجاجي سلسلي کي هفتي کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي. مظاهرو ڪندڙ، جن ۾ شاگرد ۽ اوڪيوپائي سينٽرل گروپ جا ميمبر شامل آهن، سندن مطالبو آهي ته چين، هانگ ڪانگ جي عوام کي پنهنجي اڳواڻن جي چونڊ ۾ مڪمل آزادي ڏي ۽ چيني حڪومت 2017ع ۾ چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي جي لاءِ ٿيڻ واري چونڊ جي اميدوارن جي ڇنڊڇاڻ جو منصوبو ختم ڪري. هيستائين هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو بيجنگ نواز ڪميٽي جي طرفان چونڊيل اڳواڻن کي ئي موقعو ڏنو ويندو آهي.جيتوڻيڪ هن وقت تائين مظاهرو ڪندڙن جي خلاف بيجنگ حڪومت جو ردعمل شديد ناهي رهيو، پر چيني پرڏيهي وزير وانگ يي، انهن احتجاجن کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته احتجاج ڪندڙ پُرامن طريقي سان پنهنجن گهرن ڏانهن وري وڃن. امريڪا جو دورو ڪندڙ وانگ يي، واشنگٽن ۾ امريڪي وزير خارجه جان ڪيري سان ملاقات ۾ اهو به چيو ته هانگ ڪانگ ۾ هلندڙ احتجاج چين جو اندروني معاملو آهي ۽ اُن ۾ ڪنهن ٻئي مُلڪ کي دخل اندازي ڪرڻ نه گهرجي. چيني پرڏيهي وزير جي انهيءَ تنبيهه جو مقصد اصل ۾ آمريڪي صدر اوباما جي اُن ڳالهه جو جواب هو، جنهن ۾ هُن چيو هو ته واشنگٽن، جي هانگ ڪانگ جي حالتن تي گهري نظر آهي.اڳوڻي برطانوي بيٺڪيت هيٺ رهندڙ هانگ ڪانگ ۾ 2017ع ۾ پهرين جمهوري چونڊ ٿيڻ وڃي پئي، پر اُنهن چونڊن ۾ صرف اُهي ئي اُميدوار شريڪ ٿي سگهن ٿا، جن جي حتمي منظوري چين کان ملندي. جنهن تي هانگ ڪانگ جو عوام سراپا احتجاج بڻيل آهي. اُنهن مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ وارين رُڪاوٽن کي دور ڪيو وڃي، جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته چين صرف پنهنجي پسند جي ماڻهن ذريعي هانگ ڪانگ جو انتظام هلائڻ جي اجازت ڏيندو، جيڪا ڳالهه بنيادي جمهوري قدرن جي منافي آهي. مظاهرو ڪندڙن جو اهو به چوڻ آهي ته اُهي پنهنجي مستقبل جي اڳواڻ جي چونڊ ۾ کُليءَ ريت اختيار چاهين ٿا.هڪ معاهدي تحت 1997ع ۾ چين جو حصو بڻجڻ کان پوءِ هانگ ڪانگ ۾ اهو سڀ کان وڏو حڪومت مخالف احتجاج آهي. ڪيترائي تجزيو ڪندڙ اُنهن احتجاجن کي چيني حڪومت لاءِ 1989ع ۾ تيانمن اسڪوائر جي مظاهرن کان پوءِ هن وقت تائين سڀ کان وڏي بغاوت سمجهي رهيا آهن.هانگ ڪانگ ۾ انهن مظاهرن جي نتيجي ۾ زندگيءَ جو ڪاروهنوار مفلوج ٿي رهجي ويو آهي. ٽريفڪ نظام جي متاثر ٿيڻ کان علاوه ڪيترن ئي علائقن ۾ اسڪول، ڪاروباري مرڪز ۽ دُڪان بند آهن. اُن ڇڪتاڻ واري صورتحال هانگ ڪانگ جي اسٽاڪ مارڪيٽ کي به تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي.برطانيا پنهنجي اڳوڻي بيٺڪيت هيٺ رهندڙ هانگ ڪانگ کي 1997ع ۾ چين جي حوالي ڪيو هو، تنهن هوندي اُن وقت ٿيڻ واري معاهدي مطابق اهو طئي ٿيو هو ته هانگ ڪانگ ۾ ماڻهن جي بنيادي حقن جو احترام ڪيو ويندو ۽ اُنهن کي اولهندن مُلڪن جي طرز واري سول آزادي ۽ جمهوري حق حاصل هوندا، جن کان چين محروم آهي. هاڻ جڏهن 2017ع ۾ هانگ ڪانگ ۾ چونڊون ٿيڻ وڃي رهيون آهن، انهي معاملي کي چين ڪهڙيءَ ريت سُلجهائيندو، سو ته وقت اچڻ تي معلوم ٿي ويندو، پر هانگ ڪانگ وارو معاملو چين جي حريف مُلڪن لاءِ جنجهڻي مثل ضرور آهي. ۽ خاص طور امريڪي صدر باراڪ اوباما جو اِهو چوڻ ته سندن نگاهه هانگ ڪانگ جي حالتن تي آهي، هڪ حوالي سان چين کي چتاءُ ڏيڻ آهي. پر ساڌوءَ جهڙي ماٺ اختيار ڪري ويٺل چين پنهنجي معاملن ۾ اهڙي ڪنهن به عمل دخل کي برداشت ڪرڻ نه چاهيندو ۽ هيستائين توڻي جو اُن جو ردعمل ڪو گهڻو سخت ناهي رهيو، پر اُهو وڌيڪ سخت به ٿي سگهي ٿو.اصل ۾ آمريڪا يا سندس حامي مُلڪن کي چين ۽ روس جي هڪٻئي سان ويجهڙائي نه رُڳو آئڙي ٿي، پر شام واري معاملي تي ٻنهي ملڪن طرفان ويٽو ڪرڻ تي به آمريڪا چڙيل آهي، پر جيئن ته چين ۽ روس، عراق- افغانستان ناهن، نه ئي انهن جي حالت ٻين مسُلمان مُلڪن جهڙي آهي جو هو نيٽو فورسز ساڻ ڪري هلان ڪري، تنهن ڪري هو اهڙي ڪنهن موقعي جي تلاش ۾ آهي ته جيئن انهن مُلڪن اندر ڪو انتشار پيدا ٿئي ۽ هو پنهنجي اندر جي باهه کي ٿڌو ڪرڻ جو بهانو تلاش ڪري سگهي. پر شايد هُن جي اِها تمنا ڪڏهن به پوري ٿي نه سگهي.هن وقت هزارين ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن، ايستائين جو هُنن علائقي جي اڳواڻ ليونگ چُن ينگ جي آفيس جو به گهيراءُ ڪري ورتو آهي. اُن کان چيف ايگزيڪيوٽو جي عهدي تان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. ان عوامي تحريڪ جي مرڪزي منتظم گروهه ”اوڪو پائي سينٽرل“ جي اڳواڻن ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن سندن ڳالهين تي توجه نه ڏني وئي ته اُهي سرڪاري عمارتن تي ڪنٽرول ڪري وٺندا. ٻئي طرف ليونگ چُن ينگ جو چوڻ آهي ته ”هانگ ڪانگ ۽ مين لينڊ (چين) ترقي کي يقيني بنائڻ جي لاءِ پاڻ ۾ گڏيل آهن. اسان کي چين جي خواب کي حقيقت جو رنگ ڏيڻ جي لاءِ هٿ، هٿ ۾ ڏئي ڪم ڪرڻو پوندو.“ شهر جي مرڪزي ڪنوينشن سينٽر ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي هُن اِهو به چيو ته ”اسان کي يقين آهي ته سڀني شعبن ۾ گڏجي قانون جي دائري ۾ رهندي پُرامن ۽ عقليت پسندي سان حڪومت جو ساٿ ڏينداسين.“

بهرحال، هانگ ڪانگ جو معاملو ڀلي چين لاءِ گهڻي پريشانيءَ جو سبب نه به هجي پر اُنهيءَ کي جمهوري طريقي سان ئي سُلجهائڻ گهرجي، جو اُتي ٿيندڙ اهي احتجاج نه رُڳو معاشي مسئلن کي جنم ڏيندا پر اُتي جي ڪارهنوار متاثر ٿيڻ سان اُنهيءَ خطي جي ساک پڻ متاثر ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *