هانءُ ڏاريندڙ حادثو، ڏوهه ڪنهن کي ڏجي؟ ؛نسيم بخاري

                         ٺيڙهي باءِ پاس وٽ پيش آيل هانءُ ڏاريندڙ حادثي لڱ ڪانڊاري ڇڏيا آهن. سوات کان ڪراچي ويندڙ، بدنصيب مسافر ڪوچ ۾ هڪ ٽرڪ سان ٽڪرجڻ کانپوءِ، جيڪا باهه ڀڙڪي، ان باهه بس ۾ ويٺل 80 جي لڳ ڀڳ مردن، عورتن، ٻڍڙن ۽ معصوم ٻارڙن کي ڀَسمُ ڪري ڇڏيو آهي. هنن سٽن لکجڻ تائين 60 ماڻهن جي اجل جي شڪار ٿيڻ جا اطلاع آهن، ويهن کان وڌيڪ زخمي آهن ۽ انهن مان 10 کان 12 جي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

                         خيرپور سول اسپتال ۾ 21 مردن، 17 عروتن، 12 نينگرين ۽ ستن معصوم ٻارڙن جي لاشن جي موجودگي جي تصديق ٿي چڪي آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي ضلعي خيرپور ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو. سائين قائم علي شاهه هن حادثي سبب ترقياتي ڪمن بابت، ريجن جي رٿيل گڏجاڻي ملتوي ڪري، آيل آفيسرن کي وقتائتي واءُ سواءُ لاءِ، خيرپور موڪليو ۽ پاڻ به پنهنجو ٿر وارو طئه ٿيل دورو ٿورو پوئتي ڪندي، اڳ ۾ خيرپور جي دؤري ڪرڻ کي اوليت ڏني آهي. سوات کان ڪراچي ويندڙ بدنصيب مسافر بس ۾ گهڻي ڀاڱي پشاور سان تعلق رکندڙ ماڻهو سوار هئا، جن جي لاشن جي وارثن تائين رسائي لاءِ سنڌ سرڪار، سي ون 30 جهاز جي فراهمي کي يقيني بڻايو آهي.

هنن سٽن لکجڻ تائين، بس ۾ ڪيترائي انساني جسم جا عضوا چنبڙيل ۽ لڙڪيل هئا. اها ئي ڪيفيت، ان ٽرڪ جي به هئي، جنهن سان ٽڪر جي ڪري موت جي راڪاس کي هتي رقصُ ڪرڻ واري راهه هموار ٿي ملي. پوليس جو چوڻ آهي ته اهو حادثو ڪوچ جي ڊرائيور جي غفلت سبب پيش آيو، جنهن ٿوري دير پهريان گاڏي ۾ پئٽرول به ڀرايو هو ۽ اووٽيڪ ڪري رهيو هو ته اُهو هانءُ ڏاريندڙ حادثو پيش آيو. اُهي مسافر جن هن حادثي سبب پنهنجون زندگيون وڃايون آهن، انهن جي اکين ۾ خبر ناهي ته ڪهڙا خواب هئا؟ انهن جي اندر ۾ الائي ڪهڙا ۽ ڪيترا ارمان هئا؟ هنن پنهنجي دل ۾ منزل تي رسڻ کانپوءِ نه ڄاڻ ڪيترا ۽ ڪهڙا پروگرام رٿيا هئا؟ انهن جون اُهي خواهشون ۽ خيال وقت جي تصديق کان اڳ، وڇڙي ۽ وکري ويا. هو جيڪي رڳو پنهنجو ساهه ڏئي، مٽيءَ ماءُ حوالي نه ٿيا آهن، پر انهن جي سار ۽ پيار ڪيترن ئي جيئرن انسانن کي به جهوري وڌو آهي، انهن جي لاءِ، جيءُ جهوريندڙ جدايون، هڪ وڏي آفت ۽ عذاب جو اطلاع ثابت ٿيون آهن، انهن جي دلين کي خيرپور واري حادثي جيڪو خنجر هنيو آهي، اهو درد عمر ڀر کين تڙپائيندو رهندو.

اسان جا حڪمران حادثن تي ٻه لڙڪ هارڻ جي به جسارت ناهن ڪندا! هنن جي اکين جو پاڻي سڪي ويو آهي. افسوس ۽ مذمت جهڙا لفظ هنن وٽ هميشه، هر وقت ۽ هرحال هوندا آهن، جنهن جي اظهار کانسواءِ، کين ڪڏهن ڪو ٻيو ٻوٽو ٻارڻ جي توفيق ئي نه ٿيندي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته حادثي جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ، موٽر وي ۽ لوڪل ضلعي پوليس پهتي. امام بارگاهن ۽ مسجدن مان رت جي عطيي جون اپيلون ڪيون ويون. ڪجهه اسڪائوٽس شهرين ۽ رت گڏ ڪندڙ ادارن به پنهنجي وس ۽ وت آهر مدد ڪئي، پر هن سڄي پسمنظر ۾ جيڪو ڪجهه ۽ جهڙيءَ ريت، انتظامي طور تي ٿيڻ ۽ هئڻ کپندو هو، تنهن جو ڏاڍو ڏڪر نظر آيو.

خيرپور، سنڌ جي وڏي وزير جو ضلعو آهي ۽ هڪ اهڙو وڏو وزير، جيڪو 1988ع کان 2014ع تائين لڳ ڀڳ چار ڀيرا، وڏ وزارت جون واڳون سنڀاليندو آيو آهي، پر هن همراهه کان ايتري به توفيق نه ٿي سگهي آهي ته پنهنجي علائقي ۾ باهه جي سڙيلن لاءِ ڪو باوقار ادارو جوڙائي سگهي. خيرپور، بدامني جي باهه ۾ سڙندو ۽ پڄرندو ته رهيو آهي، پر هاڻ جيڪا حادثن جي هوا گهلي آهي، تنهن به ان جو بدترين تاثر ۽ تعارف جوڙڻ شروع ڪري ڏنو آهي. ڪجهه وقت اڳ، هڪ اخبار، رپورٽ ڪيو هو ته وڏي وزير جي ضلعي ۾ انتهائي مختصر عرصي ۾ اٺن ايس ايس پيز جي بدلين به خيرپور ۾ امن جي بحالي کي يقيني نه بڻايو آهي ۽ مغوي اڄ به ڌاڙيلن جا مهمان بڻيل آهن.

اُها صورتحال، اهو ٻڌائي ٿي ته ڌاڙيل ۽ ڏوهاري به سائين وڏي جي سرڪار ۽ انتظاميه کي نٿا کنگهن. هي جيڪو حادثو پيش آيو آهي، اهو حادثو ۽ اهڙا انيڪ ٻيا حادثا، اها گهر ڪري رهيا آهن ته سپر هاءِ وي، نيشنل هاءِ وي يا موٽر وي تي هلندڙ گاڏين جي ڊرائيورن جي پوري پوري تربيت ۽ نفسياتي ڪيفيت جي ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي. اسان وٽ ڊرائيونگ لائيسنس جيتري آساني سان ٽن چئن ڏينهن ۾ بنا ڪنهن جاچ پڙتال ۽ قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ جي مهيا ڪيو وڃي ٿو، اهو ڏٺو ئي نٿو وڃي ته جنهن شخص لاءِ اهو ورتو وڃي ٿو، سو گاڏي هلائڻ جا سمورا ضابطا ۽ قائدا ڄاڻي به ٿو يا نه؟ ٻه فوٽو، شناختي ڪارڊ جي ڪاپي ۽ فيس جا پئسا ڏيو، ڊرائيونگ لائيسنس تيار! نه ڪي ڊرائيونگ جي تجربي جو ڪو سرٽيفڪيٽ ورتو ويندو، نه ئي امڪاني خطري سبب ڪا ضمانت ورتي ويندي. پاڻ وٽ هر وقت حادثن جي گنجائش موجود هوندي آهي، پر اڄ ڏينهن تائين سرڪار ۽ ٽرانسپورٽر وچ ۾ ڪو اهڙو قائدو قانون عملي صورت ۾ آڏو نه آيو آهي، جنهن ۾ خطرناڪ ۽ المناڪ واقعن کانپوءِ، پيدا ٿيل صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ، واضح طور تي ڪنهن هدايت يا حڪمت عملي جي سُڌ پوندي هجي!

جڏهن ته ان حوالي سان ڪن سخت طئه ٿيل اصولن جي اڻاٺ اسان کي سدائين انيڪ المين جي ڌٻڻ ۾ اڇلائيندي آئي آهي ۽ ان جي باوجود به، پاڻ تلخ تجربن مان ڪجهه سکيو ناهي! هو جيڪي (60) جي لڳ ڀڳ ماڻهو، دم ڌڻي حوالي ڪري چڪا آهن، اِهو انهن جو موت فطري ناهي ۽ اهو حادثو اتفاقي به ناهي! بلڪه ڪوبه حادثو اتفاقي نه هوندو آهي، اُهو ڪنهن نه ڪنهن جي غفلت ۽ لاپرواهي جو نتيجو هوندو آهي، جيڪو هرحال ۽ هر صورت ۾ تمام وڏو جرم آهي! ۽ جرم ڪنهن به صورت ۾ بخشيو نه ويندو آهي. ان جي سزا ملندي آهي ۽ اها سزا ٻين لاءِ سبق هوندي آهي، پر سوال اهو آهي ته پاڪستان ۽ سنڌ جي تاريخ ۾ پاڻ وٽ پيش آيل حادثن جي تاريخ کي اٿلائي پٿلائي ڏسبو ته، ڪيترا ڊرائيور قيد جي ڪٽهڙي ۾ ڏسڻ ۾ ايندا؟ ڪيترا ٽرانسپورٽر قانون جي ڪارروائي هيٺ آيا آهن؟ ۽ ڪيترا ٽريفڪ اهلڪار غفلت سبب عبرت جو نشان بڻيا آهن؟ موٽر وي پوليس جي حوالي سان مليل معلومات ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اڳ اتي وڌيڪ اهلڪار هوندا هئا، هاڻ انهن جو تعداد ڪجهه وقت کان گهٽ گهٽ ڏسڻ ۾ پئي آيو ۽ اُهي سڄي موٽر وي جي طئه ٿيل حد بندين کي ڪَورِ نه ڪندا هئا، پر انهن پنهنجا مخصوص هنڌ مقرر ڪري ڇڏيا هئا، جتي ويهندا يا بيهندا هئا.

اسان وٽ گاڏين جي تيز رفتاري ۽ انهن جي مقرر اسپيڊ نه ڏٺي، نه وري پرکي ويندي آهي، جڏهن ته اُها انتهائي ضروري آهي، اسان وٽ ڊرائيورن جو نفسياتي رجحان ۽ رويو به ڪنهن ليکي چوکي ۾ نه ايندو آهي. اسان وٽ ڪو به ڊرائيور يا ڪوبه ٽرانسپورٽر امڪاني حادثي جي صورت ۾ اڳواٽ ڪابه ضمانت يا لکت نه ڏيندو آهي. اسان جي روڊن جي حالت ڏاڍي خراب ۽ خطرناڪ هوندي آهي، پاڻ وٽ ٽريفڪ جا اصول قانون، ضابطا ۽ قائدا به پوري ريت عمل هيٺ ناهن ڏسبا، پر وِک وِک تي انهن جي لتاڙ ضرور ٿيندي آهي، اُهي لڪاءُ پوري دنيا ڏسندي ۽ محسوس ڪندي آهي، پر مجال آهي ڪنهن جي، جو ڪو ماڻهو اٿي، ٻه چار اکر حق سچ جا به ٻولي! اسان وٽ اُها لاپرواهي، اُها لاتعلقي ۽ اسان جو ڇا وارو رويو ڏينهون ڏينهن سماج کي پستي طرف وٺي وڃي رهيو آهي.

قانون ڪٿي ڏسڻ ۾ اچي نٿو! ته هن جي بالادستي واري تعارف کي ڪٿي ڳولهجي؟ خيرپور ۾ پيش آيل خوني حادثو جيڪا جهلڪ ڏيکاري ويو آهي، اُهو وقتي طور تي حساس ماڻهن کي ڀل ڪيترو به ڏڪائيندو هجي پر ان حادثي جي ذميوارن کي اُها پوري پوري پڪ آهي ته ٿيندو ڪجهه به ڪونه! جڏهن اهو حادثو ٿيو ان حادثي کان فوري پوءِ ڪيتريون سرڪاري ايمبولنسون ٿڏي تي پهتيون؟ خيرپور سول اسپتال جي سموري اسٽاف مان ڪيترا ماڻهو ڊيوٽين تي اسپتال ۾ موجود هئا؟ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڪهڙي ڦڙتي جو مظاهرو ڪيو؟ يا هتان جي سياسي، سماجي، مذهبي، ڪاروباري ۽ مخير ماڻهن پاڻ ڪيترو ملهايو؟ سو به هڪ وڏو سوال آهي. سوال اهو به آهي ته هن حادثي جي حوالي سان صحافين ڪيترو سُچ لڪايو يا ٻڌايو آهي؟ سوال اهو به آهي ته ان حوالي سان ڇا ڇا رپورٽ ٿي پئي سگهيو، جيڪو مصلحت ۽ مفادن سبب رهجي ويو آهي، سو ڳالهه اها آهي ته سوال ته سوين آهن پر جواب ڪونه آهي؟ پر ڇا ان جو مطلب اهو آهي ته جواب گهرجي ئي نه؟ اُهي جواب جن کي ڏيڻا آهن، سي لاجواب بڻيا بيٺا آهن ۽ جيستائين انهن جي اها لوڏ، اهو مزاج ۽ اُها طبيعت تبديل نه ٿيندي، تيستائين ڪٿي به ڪوبه فرق نه ايندو؟ ۽ جيستائين اهڙو سلسلو پنهنجو تسلسل برقرار رکيو ايندو، تيستائين الميا وڌندا ته ضرور پر گهٽجندا نه! جڏهن ته ضرورت انهن جي گهٽجڻ ۽ دور ٿيڻ جي آهي، پر پان وٽ ٿئي ڇا پيو؟ ڪوبه ماڻهو پنهنجي ذميواري جي حوالي سان ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ لاءِ تيار ناهي! اُها سستي يا لاپرواهي ۽ بي ڌياني نه آهي. حقيقت ۾ اُهو رجحان تاريخ جو تمام وڏو ڏوهه آهي ۽ جيستائين ڏوهه کي ڏوهه ۽ ڏوهاري کي ڏوهاري نه سمجهيو، تيستائين ان مان جند ڪيئن ڇٽندي؟

اها انتهائي شرم جهڙي ڳالهه آهي ته اسان وٽ هانءُ ڏاريندڙ حادثا پيش اچن ۽ رت جي امداد لاءِ اعلانن باوجود ۽ اپيلن باوجود ڪا گهربل موٽ نه ملي. ڪجهه وقت اڳ رپورٽ آئي هئي ته سنڌ جي هڪڙي ضلعي ۾ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي نالي تي ورتل هزارين رت جون ٿيلهيون مُدي خارج هئڻ سبب ضايع ڪيون ويون هيون. اُهي ٿيلهيون يا ان حوالي سان ڪنهن ٻئي کاتي ۾ مليل يا ورتل رت پڪ سان اڄ به سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي اسپتالن ۾ موجود هوندي. پهرئين ته پاڻ وٽ سنڌ جي هر ضلعي ۾ ايمرجنسي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ (500) خون جي ٿيلهين جو بندوبست هئڻ کپي. جي ائين ناهي ته پوءِ جتي اُها موجود هجي، اتان اُها کڻي وٺڻ ۾ دير ئي ڪيتري لڳندي آهي؟

(سي ون 30) جي پندرهن منٽن واري سفر ۾ هزارين ٿيلهيون ميسر ٿي سگهن ٿيون پر سوال اُهو ٿو پيدا ٿئي ته ائين ڪري ڪير؟ حقيقت اها آهي ته اسان وٽ وسيلا، پئسو ۽ ماڻهو ته جاچ آهن، پر کوٽ رڳو سچائي واري جذبي جي آهي، جنهن جي ٽڪر مان اڄ نه نڪتاسون ته ڪڏهن به نه نڪرنداسون.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *