هاءِ ڙي! انصاف تون ڪٿي آهين؟: وينگس

اسان جي پياري جمهوري ملڪ ۾ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان وٺي انصاف لاپتا ٿيل آهي ۽ هي عوام مسلسل ڳولها ڪندو رهي ٿو ته اي انصاف تون ڪٿي آهين؟ پر انصاف آهي جو لڀي ئي نه ٿو، خبر ناهي ڪهڙي ڪنڊ يا غار ۾ ويٺو يا وري غائب ڪيو ويو آهي.

غريب ۽ معصوم عوام جنهن جو سهارو ئي انصاف آهي پر اسان جي پياري جمهوري ملڪ ۾ جتي وزيراعظم کان وٺي وزيرن تائين سڀ موجود آهن، ائين ناهي ته عدالتون ناهن، هتي وڏين عمارتن سان بيٺل عدالتون ۽ ان اندر اکين تي ٻڌل پٽي واري انصاف جي ديوي به رکيل آهي.

عدالت جي در تي آواز ڏيندڙ به موجود آهي، جيڪو آواز ڏئي دانهن ڪندڙ کي عدالت جي ڪمري تائين وڃڻ جو سڏ ڏئي ٿو پر سڀ ڪجهه هوندي به انصاف ناهي. اچوته اڄ انصاف کي ڳولهيون، ڇو جو هن ديس جي ڌرتي تي لڳل گهرا گهاوَ هر روز گهرا ٿيندا وڃن ٿا ۽ ان کي صرف انصاف جي ضرورت آهي.

اي ويد،

تون اسان کي ٻڌاءِ ته

هن (انسان) جا زخم ڪيئن ڀرجن،

ويد،

زخم ڏانهن ڏسندي چيو،

مون وٽ انصاف جي دوا ناهي،

پر اُها توهان کي محل ۾ ويٺلن وٽان ملندي،

توهان کي ان ڏانهن وڃڻ گهرجي،

هن جي زخمن جو علاج مون وٽ بنهه ناهي،

ماءُ ۽ ڌيءَ پيرين پنڌ محل جي چوٽي تي ويون،

۽ انصاف جي دوا جي گهر ڪئي،

پر محل ۾ويٺلن چيو،

ان قسم جي دوا جو تعلق اسان سان ناهي،

توهان ڀليل آهيو،

ڌيءَ، روئيندي ماءُ کي چيو،

امان،

تون ڪيڏانهن آئي آهين،

انهن کي ته انصاف جي خبر ئي ناهي،

هاڻي اسان کي انصاف ڪٿي ملندو؟

محل جي عاليشان در تي ويٺل هڪ پوڙهي،

ٻنهي ماءُ ۽ ڌيءَ کي پاڻ ڏانهن سڏ ڪري چيو،

جنهن جي ڳولها لاءِ توهان نڪتيون آهيو،

اهو ڪيتري عرصي کان وٺي گم ٿيل آ،

پوءِ گهاون جو علاج ڪير ڪندو؟ (نينگريءَ، پوڙهي کان سوال ڪيو)

پوڙهي جي اکين ۾ لڙڪ لڙي آيا،

۽ هن چيو هي پورو ديس زخمن سان ڀريل آ،

مان هن عمر تائين انصاف جي ئي ڳولها ۾ آهيان،

جي شل! هو هٿ اچي وڃي ۽ گهاو ڀرجي وڃن. (هلينا)

هلينا جا ٻول ڪجهه وقت کان وٺي دل جي چوکٽ تي دستڪ ڏيندا رهيا پر هر دفعي دل کي خاموش ڪرايو، ڪيستائين خاموش ڪرائجي، ڪيستائين دانهن کي ٻڌي اڻ ٻڌو ڪجي؟ ڪيستائين زخمن سان ڀريل دلين کان منهن موڙي ڇڏجي، ڪڏهن ته اندر به ماتم ڪندي ٻاهر نڪري ايندو. اسان اهو بلڪل به نه چونداسين ته ملڪ ۾ڪجهه به بهتر ناهي، درحقيقت سڀ ڪجهه بهتر آهي جمهوريت جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي! ڀل پاناما ليڪس وارا ڪجهه به لکن، پر وزيراعظم نوازشريف کي ڪير روڪي ڏيکاري، هو آرام سان ڪم ڪري رهيو آهي. ڀل آرٽيڪل ڇهه لاڳو ڪري اڳوڻي آمر پرويز مشرف کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ڳالهه ڪريو، پر هڪ ڪوڙي ميڊيڪل رپورٽ سهي ان کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت آهي. توهان کي اڃان شڪ هجي ته ٽي وي چينلز هلائي ڏسو سڀ بهتر آهي پر جيڪي ڪجهه رڙيون ڪن پيا، اهي صرف ڪجهه سياستدانن جي خلاف!

باقي ملڪ پوري ترقي جي راهه تي هلي پيو، هاڻي کڻي بلوچستان جوئي مثال وٺو، ميگا پراجيڪٽ هلن پيا ۽ جي اسان اهو لکي ڏنو ته واحد بلوچ ڪراچي کان گم ٿي ويو آهي ۽ اهو ڪنهن ڪيو؟ آخر ان جي ايف آءِ آر 62 ڏينهن کان پوءِ ڇو درج ٿي، پهرين ڇونه ڪئي وئي؟

واحد بلوچ جي ڌيءَ دانهن ڪندي پڇي ٿي، ان جو بابا ڪٿي آهي؟ ان کي انصاف گهرجي؟ هن ڀيري انصاف جي تنظيم (ايڇ آر سي پي) به ڌيءَ جي دانهن کي سڏ ڏنو آهي. پر هيڏن پهاڙن جيڏن ٺيڪن جي باوجود به هڪ ڌيءَ کي انصاف نه ٿو ملي؟ هاڻي بلوچ هڪ واحد ته ناهي، بلوچستان جي اداس ڌرتي جي اکين ۾ڪنهن ڏسڻ جي ڪوشش به ڪئي ته ڪيتريون اکيون پنهنجن گهرن جي چوکٺ تي اڄ به انتظار ۾آهن، انهن جا گم ڪيل پيارا واپس ايندا… ڪيتريون ئي دليون سحرا ۾ پنڌ ڪندي ڳولها ۾ آهن ته انهن جا پيارا ڪٿي آهن؟ انهن سڀني جي گهاون کي صرف انصاف جي دوا جي ڦڙي گهرجي، پرانهن سڀني کي ڪير ٻڌائي ته اسان جي پياري ملڪ ۾ سڀ ڪجهه آهي ايستائين جو ميگا پراجيڪٽ به اچي چڪا آهن پر هڪ انصاف ئي نه ٿو ملي…!

عوام ئي پيرن اگهاڙي ۽ زخمن سان ڀريل هجڻ جي باوجود به انصاف جي ڳولها ۾آهي. انصاف جي اصل گهرج صرف انهن کي ٿيندي آهي، جن سان حڪومت جون بيرحم پاليسيون استحصال ڪن ۽ اهو استحصال صرف اڪثريت رکندڙ گروپ عوام ئي آهي.

جيڪو ڪڏهن روڊن تي ته ڪڏهن ڪنهن عدالت ۾ درکڙڪائيندي، اسان کي صرف انصاف گهرجي! هڪ غريب لاءِ ماني جو ٽڪر ئي مهانگو ناهي پر انهن لاءِ انصاف به اڻلڀ آهي، ڳولها ڳولها نه ملي.

21 صدي ۾ داخل ٿيندي به اڃا تائين هي عوام انصاف کي ڳولهي سگهيو ناهي، الاءِ جي انصاف کي عوام جا زخم نه ٿا وڻن يا هو به ان امير ديو جيان ٿي چڪو آهي، جيڪو صرف عوام کي ماتم ۾ ڏسي خوشي حاصل ڪري ٿو، پر ان وٽ درد ۽ افسوس ناهي. جيستائين هي روڊن تي نڪتل عام غريب عوام ان کي ڳولهي لهي ته پوءِ وڃي انصاف کان پڇون، ڀلا ٻڌايو ته غريبن جي نگري مان تون پاڻ هليو وئين يا توکي ڪنهن ڌڪي ٻاهر ڪڍيو؟

اهڙي ئي انصاف جي ڳولها واحد بلوچ جي ڌيءَ هاني بلوچ به ڪري رهي آهي، هڪ ڌيءَ مسلسل پيءُ جي ڳولها ۾آهي، هوءَ ٻيو ڪجهه به نه ٿي چاهي، بس ايتري گذارش امير حڪمرانن کان ڪري پئي ته مون کي بابا واپس ڪري ڏيو! بس! انصاف جي گذارش ڪري رهي آهي. هاڻي هن ننڍڙي کي ڪير سمجهائي ته انصاف هن ديس جي نگري ۾ لاپتا ٿيل آهي. ڪيتري ڊگهي وقت کان وٺي گهاون سان ڀريل ڌرتي جي سيني تي قدم رکي هلون ٿا. پر هر دانهن کي انصاف گهرجي، اهو جيڪو انصاف گم ٿي چڪو آ، اڄ ٻيهر بلوچ جي ڌيءَ انصاف لاءِ پڪاري پئي، هوءَ انصاف جي ڳولها لاءِ نڪتي آهي.

ڪاش! ان کي انصاف ملي وڃي ۽ هوءَ ڏسي سگهي ته انصاف ٿيندو ڪيئن آهي؟

هن عوام جنهن جي جهول ۾ انصاف ڪڏهن به نه پيو، سواءِ انصاف جي انتظار ۾ اڄ به ڪيتريون ئي دليون هر آيل گهر جي در جي دستڪ تي اُميد لڳائين ٿيون ته ان جا پيارا آيا آهن پر هر دستڪ ڪنهن ٻئي جو نڪري ٿو. هن ڀيري جيڪڏهن هاني جي گهر تي ڪير دستڪ ڏئي ته اهو هن جي بابا جو هجي ۽ هوءَ اداس نه پر خوشي جا لڙڪ لاڙي چئي، هاءِ! انصاف بابا جي روپ ۾ هن کي مليو.

اسان جيڪي صرف اُميدن جا ڏيئا جلايون ٿا پر هر اُميد جي جوت کي بيرحم ۽ ناانصافي جون تيز هوائون وسائي ڇڏين ٿيون. هاءِ ڙي! انصاف تون ڪٿي آهين؟ عوام جي زخمن کي صرف انصاف جي دوا گهرجي ڀل سڀ ڪجهه بقول امير حڪمرانن جي ملڪ ۾ هجي پر جيستائين لاپتا ڪيل انصاف کي واپس نه ڪيو ويندو، تيستائين سحرا ۾گهاون سان ورتل روح رولاڪ جيان انصاف کي ڳولهيندا رهندا.

هي ڪهڙي جمهوريت آهي، جتي انصاف لاپتا ۽ عوام ناانصافي جي گهاون ۾ ورتل هجي! جمهوريت انصاف جي بغير هجي اها جمهوريت ڪهڙي هوندي؟ جنهن ملڪ جي روڊن ۽ عدالتن ۾ مائرون ۽ ڌيئرون دانهون ڪندي انصاف جي ڳولها ڪن پر انصاف انهن کي نه ملي. پوءِ به چئو ته هتي جمهوريت ترقي ڪري رهي آهي، پر ڇا ڪنهن غور سان ڏٺو ته جمهوريت ۾ ڪيترن ڏهاڪن کان وٺي انصاف لاپتا ٿيل آهي. پهرين ان کي ڳولهي اچو … پهرين ان کي واپس ڪري اچو!

جيڪڏهن امير حڪمرانن کي خبر ناهي ته انصاف ڇا آهي؟ ان لاءِ عوام درد ڀريل اکين ۾ ڏسو جيڪي انصاف جي انتظار ۾ويٺل آهن. هاني بلوچ کي ميگا پراجيڪٽ نه پر صرف انصاف جي دوا گهرجي، جنهن سان هوءَ پنهنجي غم تي مرهم رکي سگهي ها! هوءَ اڄ به ڪنهن راهه ۽ در تي دانهن ڪندي پنهنجي بابا جي ڳولها ۾آهي. هڪ رياست جتي جمهوريت جي پٽي لٽڪيل آهي، پر انصاف ناهي ۽ هي انصاف لاپتا ٿيل آهي، اچوته ان جي ڳولها ڪريون ۽ ديس جي زخمن تي مرهم رکون.

انصاف جيڪو لاپتا ٿيل آهي، ان جي خبر ڏيو ته هن ملڪ مان انصاف لاپتا آهي، ڪنهن کي ملي وڃي ته براءِ مهرباني ڪري واپس ڏنو وڃي.

****

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *