نيب جي ڪارواين تي واويلا ڇو  …..؟ : جاويد احمد چانڊيو

نيب جي ڪارواين جو اهم مقصد ڪرپشن ڪرپٽ مافيا کان ملڪ ۽ عوام کي ڪرپشن جي ناسور بچائڻ ڪرپٽ مافيا کان ناجائز طريقي سان لٽيل رقم واپس ڪرائڻ ۽ ان سان گڏ ڪرپشن ۾ ملوث ڪنهن به ڌر کي قانون موجب سزاڏيڻ به آهي.ڪرپشن جو ناسورجنهن ملڪي ادارن کي مڪمل طرح کوکلو بڻائي ڇڏيو آهي پاڪستان ۾ وڌنڌڙ ڪرپشن تي عالمي برادري کي به حيرانگي ۽ تشويش آهي ڪرپشن جي جڙ ختم نه ٿيڻ سان ملڪ ۽ عوام جي ترقي خوشحالي ممڪن نه آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪرپشن ڪرپٽ مافيا خلاف نيب جو ادارو عملي ڪاروائي ڪندي نظر اچي رهيو آهي.ڪرپشن ڪرپٽ مافيا نيب جي ڪارواين تي سخت ذهني دٻاءُ جو پڻ شڪار آهن .ڪرپشن جي زد ۾ آيل ادارن جو جائزو وٺجي ٿو ته ڪرپشن جي ناسور ادارن کي اڏيهي وانگر تباهه ڪري ڇڏيو آهي،۽ عوام کي ڪنگلو بڻايوويو آهي.ملڪ جا اڪثر ادارا ڪرپشن جي زنگ ۾ وٺجي وياآهن هرسال ڪرپشن جو گراف تيزي سان وڌي رهيو آهي. هرسال300ارب جي ڪرپشن ٿئي ٿي ڪجهه ڏينهن اڳ وزير اعظم ميان محمد نواز شريف جي قومي اداري نيب تي ٿيل تنقيد ملڪ ۾ نئون بحث ڇيڙي وڌو آهي اهو به معلوم ٿيو آهي ته نيب ڪرپشن ڪرپٽ مافيا جيڪي مختلف ادارن سان تعلق هجڻ ڪري هو سياسي اثر ۽وڏا گهرا تعلقات رکن ٿا.مسلم ليگ(ن)سان تعلق رکندڙ جيڪي ميان محمد نواز شريف ۽ شريف خاندان سان ويجهڙائي رکن ٿا جنهن جو تعداد 50ٻڌايو پيو وڃي انهن جا ڪرپشن ڪيسن جابند ٿيل فائل ٻيهر کلڻ سان معاملو وڌيڪ پيچيده ٿي ويو آهي.نيب پڪا ثبوت هٿ ڪري ورتا آهن ۽ انهن تي اربين رپين جي هيرا ڦيري ۽ قومي خزاني کي نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. قومي اداري( نيب)تي ڪجهه خدشا ٿي سگهن ٿا پر ان جو مطلب قومي اداري کي ڪڏهن به تڪراري نه بنائڻ گهرجي نه ان تي ڪنهن به قسم جي سياست نه چمڪائڻ گهرجي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف پي آئي اي جي مسئلي تي جڏهن ته نيب تي به سخت لهجو اختيار ڪيو آهي.اهو به معلوم ٿيو آهي ته نيب اڄ کان 25سال اڳ جي ڪيسن جا فائل به کولڻ جي تياري ڪري ورتي آهي جنهن سبب ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا ۾ وڏو ٿرٿلو متل آهي.مختلف ادارن ۾ ٿيل ڪرپشن جا ڪيس نيب جي زيرنگراني سماعت آهن نيب جي ڪارواين ٿيڻ کان پوءِ وڏو تعداد ڪرپٽ مافيا جو ملڪ کان فرار به ٿي چڪو آهي فرار ٿيل حڪومتي وزير بيروڪريٽ ڪامورا شاهي به شامل آهن. ڪرپٽ مافيا خلاف ڪاروائي بنا ڪنهن فرق جي سفارش ڪئي وئي آهي موجوده حالاتن ۾ سياسي ڌرين جو  نيب جي معاملي تي  لفظي جنگ ۽ گرما گرمي پڻ وڌنڌي رهي ٿي. نيب جي معاملي تي ڪرپشن ڪرپٽ مافيا خلاف نيب جون ڪاروايون اثر انداز ٿي سگهن ٿيون جيڪڏهن معاملو بهتر جي طرف وڃي رهيو آهي ته ان جي حمايت جاري رکڻ گهرجي. خدشن کي ختم ڪرڻ ۽ اصلاح جو عمل بهترين ڪرڻ لاءِ ڌرين جي سنجيدگي ضروري آهي.نيب ذريعن ٻڌايو آهي ته ماضي ۾ نيب جي ڪارڪردگي بهترين رهي آهي ڪرپشن ڪرپٽ مافيا خلاف قانون جي دائري ۾ رهي ڪري نيب ڪاروايون ڪري رهي آهي انهي جي تصديق نيب ڪيترائي ڀيرا وضاحت ڪئي آهي. نيب جي ڪارڪردگي جو  تفصيل ڪجهه هن ريت آهي ٿوقومي احتساب بيرو1999۾ وجود ۾ آيو قانون اصولن جي پاسداري نظم ضبط جو پابند بڻايو ويو.ڪرپشن جي خاتمي جي ذميواري (نيب )تي سونپي وئي نيب آرڊينس تحت1999 کان ڪم ڪرڻ لڳو آهي.قومي اداري نيب جو دائرو پوري ملڪ ۾ پکڙيل آهي ان کان سواءِ فاٽا گلگت بلستان تائين نيب جو وجود برقرار آهي. هن وقت قومي احتساب بيرو جو چيئرمين قمرزمان چوڌري آهن.نيب جو وجود اچڻ کان پوءِ ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا کان هن وقت تائين 262ارب رپيا وصول ٿي چڪا آهن. جيڪي قومي خزاني ۾ جمع ٿيا .قومي احتساب بيرو کي هن وقت تائين پهتل درخواستن جو تعداد 2لک70هزار 675آهي .ڪرپشن ڪرپٽ مافيا ۽ بدعنواني ۾ ملوث ماڻهن جي جاچ 5872 ٿي جڏهن ته 2908مليل درخواستن جي روشني ۾ جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.مختلف احتساب عدالتن ۾ 2159ريفرنس داخل ٿيا.عوام جو قومي احتساب بيرو تي 42سيڪڙو اعتماد رهيو آهي جڏهن ته حڪومت جي ٻين ادارن تي 29۽ 30 سيڪڙو رهي ٿو.ٽرانسپيرلسي انٽرنيشنل گذريل سال جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو هو ته پاڪستان ڪرپشن 175ملڪن ۾ شمار جڏهن ته هاڻي 126۾آهي .احتساب عدالتن جوو قت 10مهينا مقرر ڪيو ويوآهي جڏهن ته نيب وڌيڪ پنهنجا تفصيل به ظاهر ڪيا آهن جنهن جوپڻ ڊگهو تفصيل آهي. قومي احتساب بيرو پنهنجي فرض شناس سان ڪم ڪري رهيو آهي سنڌ ۾ جيڪڏهن نيب ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف ڪاروائي جو آغاز ٿئي ٿو ته صوبائي حڪومت مونجهاري جو شڪار رهي ٿي.ردعمل ۾بار بارنشاهدي ڪري ٿي ته سنڌ کان سواءِ ٻين صوبن ۾ به ڪرپشن ٿي رهي آهي. رڳو سنڌ کي وفاقي ادارا نشانو بڻائي رهيا آهن ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا خلاف جيڪڏهن بنا ڪنهن فرق جي عملي آغاز ٿئي رهيو آهي ته شروعات ڪهڙي به صوبي مان ٿئي ٿي ته ان جي مڪمل حمايت ۽ تائيد ڪرڻ گهرجي. ڇا سنڌ حڪومت کي اهو نظر نه اچي رهيو آهي ته 8سالن کان سنڌ جاماڻهون مسئلن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن.سنڌجا تاريخي شهر موهن جو دڙو ۾ ڪيئن بدلجي ويا. ان جو وڏو سبب ڪرپش ۽ بدعنواني آهي  حڪومتي ادارن ۾ وڌنڌڙ ڪرپشن جي ناسور ادارن جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي ادارن ۾ بهترين ڪارڪردگي ۽ اصلاح جو نشان به نظر نه اچي رهيو آهي ڪرپشن ۽ ڪرپٽ مافيا لاڳاپا سياسي ڌرين سان هجڻ ڪري هميشه محفوظ رهيا آهن سرڪاري اسپتالن جو جائزو وٺبو ته بدعنواني ڪرپشن سبب غريب عوام سستي دوابه نه ٿي ملي ميڊيڪل اسٽور کان عوام دوا خريد ڪري ٿو. سرڪاري آيل دوائون اسٽورن تي وڪرو ڪيون وينديون آهن اسپتالن جا اڪثر آلات ناڪارا ۽ ڊاڪٽر انهن کي ذاتي استعمال ۾ آڻيندا آهن. نيب جنهن جو ادارن ۾ صاف شفاف جاچ ۽ ڇاپو لڳي ٿو ته ڪروڙن جي ڪرپشن ظاهر ٿئي ٿي پوليس ٿاڻا وڪرو ٿين ته اتي انصاف جي ڪهڙي اميد ڪري سگهبي. غريب عوام جوحق سرڪاري نوڪرين جي ٻولي لکن ۾ هجي ته يقينن غريب عوام لاءِ سرڪاري نوڪريون خواب رهنديون. پوليس جي محڪمي ۾ ڪرپشن ڪنهن کان ڳجهي ۽لڪيل نه آهي لکين رپيا ڏيئي من پسندي پوسٽون ورتيون وڃن ته انهن ۾ ڪيتري عوام جي خادميت هوندي دهشتگردن ۽ ڏهارين سالاڳاپورکندڙ پوليس آفيسر عوام کي ڪيترو فائدو ڏيئي سگهن ٿا ڇا عوام کي انهن کان انصاف ملي سگهندو؟ ،جيڪڏهن سياسي ڌرين جو جائزو وٺجي ته هو ڪرپشن جي مسئلي تي هميشه خاموش تماشائي بڻيل هوندا آهن پ پ نواز ليگ تحريڪ انصاف جي يو آءِ  ايم ڪيو ايم سميت ٻيون سياسي ڌريون پنهنجي صفن کان ڪڏهن احتساب جي شروعات ڪئي آهي جنهن جو بهتر جواب عوام به ڏيئي سگهي ٿو .پ پ جي وزيرن توڙي عوامي چونڊيل نمائدن تي ڪرپشن جا الزام آهن  پ پ جا نظرياتي ڪارڪن ان جي تصديق به ڪن ٿا اهي طرح نوازليگ جي اڳواڻ تي به ڪرپشن جا پنهنجا ئي مقامي اڳواڻ ۽ ڪارڪن الزام لڳائن ٿا ته ان جو ازالو ڇو نه ٿي سگهيو آهي هن وقت تائين ڪابه اهڙي ثابتي نه ملي سگهي آهي ته پ پ نوازليگ سميت ٻئي ڪنهن ڌر ڪنهن به ڪرپشن مافيا کي پارٽي مان خارج ڪيو ويو آهي؟ سرڪاري نوڪريون وڪڻندڙن خلاف ڪاروائي ۽ لکين رپيا ڏيئي سرڪاري نوڪريو حاصل ڪندڙ کي رقم واپس ڏياري وئي؟،قومي احتساب بيرو نيب عوامي اميدن جو مرڪز آهي. ڪنهن به سياسي ڌر کي قومي احتساب بيرو نيب خلاف ڪنهن به قسم جو ثبوت آهي ته سپريم ڪورٽ جا در سڀني لاءِ کليل آهن نيب کربين رپيا واپس ڪرايا آهن جيڪي قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا.سياسي ڌرين جي ڪرپشن خلاف پاڻ مرادو ڪهڙي ڪاروائي آهي ان جي به عوام ۽ ميڊيا اڳيا کليل وضاحت ڪرڻ گهرجي. وقت جي اهم ضرورت آهي ته قومي احتساب بيرو کي وڌيڪ خودمختياربڻايو وڃي نيب جي معاملن ۾ سياست چمڪائڻ بند ڪئي وڃي حساس معاملن کي سياست جي رخ نه چاڙهيو وڃي ،قومي مفادن خاطر ڪرپشن ڪرپٽ مافيا خلاف متحد ٿي عملي ڪم جو آغاز ملڪ ۽ عوام جي خوشحالي ترقي جو فارمولو ثابت ٿيندو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *