نواز ليگ سرڪار جا ويندي ويندي کنيل عوام دشمن قدم: صاحب خان ڀٽي

احتساب عدالت جي حڪم کانپوءِ نيب ريفرنسز  ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پٽ حسين ۽ حسن نواز جي ملڪيت ضبط ڪرڻ وارو سلسلو شروع ٿي چڪوآهي، ان حوالي سان احتساب  عدالت ٻنهي ڄڻن جي ڪمپنين ۾ موجود شيئر کي ضبط ڪرڻ نيب کي حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نواز ليگ وارا چئي رهيا آهن ته کين  فيئر ٽرال ٿيندي نظر نه اچي رهيو آهي، ٻئي طرف وري حسن ۽ حسين نواز چئي رهيا آهن ته هو برطانوي شهري آهن، جنهن سبب  پاڪستان جو قانون مٿن لاڳو نه ٿو ٿئي. پر ان باوجود  عدالت  ٻنهي ڄڻن کي طلب ڪندي رهي آهي ۽ ڪيترائي ڀيرا ٻئي ڄڻا عدالتن  ۾ پيش به ٿي  چڪا آهن، جيئن ته هاڻ حالتون ٿوريون تبديل ٿي  ويون آهن، جنهن سبب نوازشريف جي اولاد کي به خدشا وڌي ويا آهن ، ان جي ڪري ئي هو ڏيهه واپس اچڻ کان  لنوائي رهيا آهن،

هونئن ته اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي گهري واري بيگم ڪلثوم نواز جي طبيعت خراب آهي، جنهن سبب نوازشريف سندس سار سنڀال لاءِ لنڊن ۾ موجود آهي، جنهن تي هر هڪ يقين به ڪري رهيو ته واقعي  هو پنهنجي گهر واري جي طبيعت خراب هجڻ سبب ڏيهه واپس نه پيو اچي،  اوچتو هو سعودي پهتو ۽ اتي ڪجهه اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ سان گڏ  عمرو ادا ڪرڻ بعد  ڏيهه اچڻ بدران اتان ئي دبئي هليو ويو هو، جنهن کان پوءِ هر هڪ پريشان ٿي ويو ته جيڪڏهن بيگم ڪلثوم نواز جي ايڏي طبيعت خراب هئي ته نوازشريف سعودي عرب ۽ پر ڏيهه واپس اچڻ بنا هليو ويو، جيڪا هن ملڪ جي عوام  کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي. ڪجهه عرصو اڳ  اڳوڻو صدر آصف علي زرداري دبئي ۾ اجلاس سڏائيندو هو ۽ طبيعت خراب هجڻ سبب ڏيهه نه ايندو هو، ڇاڪاڻ ته کيس ڊاڪٽر اجازت نه ڏئي رهيا هئا،

هاڻ وري نوازشريف لنڊن ۾ ويهي پارٽي اڳواڻن کي گهرائي مشاورت ڪري رهيو آهي، اسحاق ڊار به نيب ريفرنسز  ۾ ڦاٿل آهي، جڏهن ته نوازشريف  جي ناٺي ۽ نوازشريف جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ به جاري ٿيل آهن، ان سڄي صورتحال مان سڀ کان وڌيڪ فائدو تحريڪ انصاف کي ٿي رهيو آهي، جنهن جي هر هڪ جلسي ۾ ماڻهو وڏي تعداد ۾ پهچي وڃن ٿا، ايئن لڳي رهيو آهي ته ملڪ ۾ سڀ کان وڏي پارٽي هاڻي صرف تحريڪ انصاف ئي  بچي آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن ايم ڪيو ايم پاڪستان مان نيڪ ماڻهو پي ايس پي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، ايئن ئي پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جا نيڪ ماڻهو تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿي رهيا آهن، هونئن  ته تحريڪ انصاف سربراهه پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ تي سخت تنقيد ڪندو آهي، پر جيڪڏهن ان پارٽي  جو ڪو اهم اڳواڻ پارٽي ڇڏي سندس پارٽي ۾ اچڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته ان وقت ان شخص خلاف ڪجهه به نه چيو ويندو آهي، ان سوال بابت تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان پاڻ به وضاحت ڏئي چڪو آهي ته جيڪي ماڻهو سندس پارٽي ۾ اچي رهيا آهن، اهي فلٽر جيان صاف ٿي رهيا آهن. بهرحال هن وقت نواز ليگ جا سمورا دڳ بند ٿيندي نظر اچي رهيا آهن

جئين ته نوازشريف جو تعلق پنجاب سان آهي، جنهن سبب  ماڊل ٽائون سانحي، ڊان ليڪس ۽ ٻين ڪيسن ۾ کيس ڪا سخت سزا نه ڏني ويندي، باقي رهي ڳالهه تحريڪ انصاف جي ته  عوامي مسلم ليگ شيخ رشيد اڳ ئي اشارو ڏئي چڪو آهي ته عمران خان کي ڪنهن به ڪيس ۾ نااهل قرار نه ڏنو ويندو. پر جيئن ته هاڻ حالتن ۾ ٿوري تبديلي آئي آهي ۽ نواز ليگ عدالتن کي منهن ڏيڻ سان گڏ پارٽي ۾ پيدا ٿيل اختلافن جو مقابلو ڪري رهي آهي پر هاڻ نوازشريف کان پارٽي جا معاملا سنڀالڻ تمام گهڻو ڏکيو ٿي ويو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪجهه اڳواڻ  سندس پارٽي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري رهيا آهن، ان حوالي سان  به شيخ رشيد چيو آهي ته ڪجهه نواز ليگ جا  ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز  پارٽي ڇڏي رهيا آهن.

بهرحال  اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف  چئي رهيو آهي ته  جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، ان سندس ڪڙي نظر آهي، ايتري قدر جو نوازشريف اهو به چيو آهي ته کانئنس  ملڪ کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ جو پلاند ورتو پيو وڃي ۽ ساڻس ناانصافي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن واقعي نوازشريف سان ناانصافي ٿي آهي ۽ کانئنس انتقام ورتو پيو وڃي ته پوءِ آخر نواز ليگ ان جو پلان عوام کان ڇو وٺي رهي آهي، خاص طور تي سنڌ  کان انتقام ڇو ورتو پيو وڃي، هن وقت ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آهي ۽ ان وقت ملڪ ۾  مني بجيٽ آڻڻ ڪٿان جي عقلمندي آهي، جيئن ته ملڪ ۾ اهي افواهون هلي رهيون آهن  نواز ليگ حڪومت وڃي رهي آهي پر  ان باوجود نواز ليگ جا اڳواڻ عدليا  ۽ مقدس ادارن خلاف ڳالهائڻ کان رڪجي ئي نه رهيا آهن. هن وقت جيئن ته نواز ليگ جي واپس گهر وڃڻ  جو وقت اچي ويو آهي، تيئن ئي نوازشريف  غريب عوام تي مهانگائي جو بم ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب هاڻ سمورا ماڻهو پريشان ٿي ويا آهن، ته آخر  نوازليگ کي ڇا ٿي ويو آهي جو اڄ پيٽروليم شين ي اگهن ۾ واڌ جو قدم کنيو ويو،

ان کان علاوه وفاقي سرڪار پاران ڌارين جي لوڌ کي سنڌ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ آئين ۾ ترميم جو اعلان به ڪيو ويو آهي، جنهن تي سنڌ پاران سخت تنقيد ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ کي خبر پئجي وئي آهي ته ڪجهه ئي ڏينهن اچي سندس اقتدار ۾ اچي بچيا آهن، جنهن جو انتقام عوام کان ئي وٺجي، جنهن جي شروعات هنن سنڌ کان ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته نوازليگ چاهي ته سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ هجي سنڌي اقليت ۾ تبديل ٿي وڃن، جنهن سبب آئين ترميم ڪري بنگالين، بهارين ۽ افغانين کي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي انهن کي هن ملڪ جي شهريت ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اهو صرف ان ڪري ٿي رهيو  آهي ته سنڌ دشمن هاڻ سمجهن ٿا ته انهن سنڌ جي آواز کي هميشه دٻائي ڇڏيو آهي، پر اها انهن جي ڀُل آهي، جيڪڏهن  نوازليگ کي  مذهب جي نالي تي ڌارين کي شهريت ڏيڻ جو ايڏو شوق آهي ته پنجاب ۾ ڏئي، سنڌ ڪنهن جي  جاگير نه آهي، هن ملڪ کي ان ڪري نه ٺاهيو ويو هو جو  هن ملڪ کي مذهب جي نالي تي  عالمي يتيم خانو بڻايو وڃي.

جڏهن نوازشريف  کي نااهل ڪيو ويو هو ته ان وقت سڀ سمجهي رهيا هئا ته ساڻس ناانصافي ٿي آهي پر هاڻ جڏهن نوازشريف پنهنجو اصل چهرو عوام کي ڏيکاريو آهي، تنهن مان لڳي رهيو آهي ته عدالتون درست آهن،  ڇاڪاڻ ته ڌارين کي  شهريت ڏيڻ ۽ ۽ مهانگائي جو طوفان آڻڻ جي نواز ليگ جيڪا ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهو عدالتي فيصلن جو عوام کان انتقام آهي، جيڪي به نواز ليگ پاران فيصلا ڪيا پيا وڃن، ان سان نه عوام کي فائدو ٿيندو ۽ نه ئي ڪو نواز ليگ کي ٿيندو ، پر جيڪڏهن نواز ليگ پنهنجو قبلو درست نه ڪيو ته مائنس ون فارمولو  شايد ان تي به استعمال ٿي سگهي ٿو،  ڇاڪاڻ ته سوشل ميڊيا تي به اهو ئي بحث ٿي رهيو آهي ته ٽيڪنو ڪريٽس حڪومت اچڻ واري آهي، جڏهن  ته اهي به خبرون گردش ڪري رهيون آهن ته ڪنهن به وقت ڪا وڏي تبديلي به اچي سگهي ٿي، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال به چيو آهي ته ڪجهه ڳجها هٿ هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن. هاڻ به جيڪڏهن  نواز ليگ عوام دشمن فيصلا ڪرڻ بند نه ڪيا ته نوازشريف اڳيان هوندا  پر سندس پٺيان ڪير به نه هوندو ۽ هو اڪيلو ٿي ويندو.

sahibalisindhi@gmail.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *