نواز ليگ جون سنڌ ۾ وڌندڙ سياسي سرگرميون: صاحب خان ڀٽي

ايندڙ اليڪشن جي تياري لاءِ سمورين سياسي جماعتن ورڪ تيز ڪري ڇڏيو آهي، نواز ليگ سنڌ جو رخ ڪيو آهي ته پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پنهنجا پير ٻيهر ڄمائڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۾ مصروف آهي ۽ ٻنهي جماعتن سياسي سرگرميون تيز ڪندي عوامي ميڙاڪا ڪوٺائڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم نوازشريف به گذريل ڏينهن ٺٽي ۾ ترقياتي پيڪجن جو اعلان ڪيو آهي، جنهن کي سياسي حلقه سنڌ ۾ نواز  ليگ جي پهرين وک قرار ڏئي رهيا آهن، بهرحال هن وقت هڪ طرف آدمشماري ته ٻي طرف وري سرحدن تي ڇڪتاڻ سبب سڄي قوم ڳڻتي ۾ ورتل آهي  جنهن سبب سياسي سرگرميون اهڙي ماحول آڪسيجن طور ڪم اچي رهيون  آهن، ڇاڪاڻ ته جيڪي به اڳواڻ عوامي ميڙاڪا ڪوٺائي رهيا آهن انهن سان عوام جو به فائدو ٿي رهيو آهي، هڪ ته سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا وڃن ٿا ته مٿان وري عوام به  سياسي اڳواڻن جا اعلان ٻڌي خوش ٿي  رهيو آهي،  جنهن سان  اهو محسوس ٿي رهيو آهي ته ملڪ ۾  سياسي اڳواڻ  چاهين ته خوشگوار ماحول پيدا ٿي سگهي ٿو،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ ن ليگ هن وقت مڪمل طور مضبوط نه آهي ۽ نه ئي ڪو  اهم اڳواڻ هن وقت نواز ليگ ۾ شامل آهي.

ڪجهه عرصو اڳ لاڙڪاڻي ۾ نواز ليگ جو جهنڊو ڦڙڪائندڙ ممتاز ڀٽو هو جنهن به نواز ليگ کان عليحدگي اختيار ڪري ڇڏي آهي، باقي ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا اڳواڻ آهن جن  بابت اهو چوڻ مناسب نه ٿيندو ته نواز ليگ سنڌ مان به ڪجهه سيٺو ن ٻهاري سگهندي، هونءَ ته نواز ليگ ڪراچي سميت سڄي سنڌ  ترقياتي ڪم ڪرايا آهن پر ان باوجود عوام هن وقت به پيپلزپارٽي سان گڏ آهي، ان جو سڀ کان وڏو سبب  اهو آهي جو نواز سرڪار سنڌ جي عوام کي ڪا خاص ترجيح نه ڏني آهي، جنهن سبب نواز ليگ هن وقت تائين سنڌ ۾ پنهنجا پير مضبوط نه ڪري سگهي آهي، اهڙي طرح پيپلزپارٽي به پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ ڪا خاص ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهي آهي، جيتوڻيڪ  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنجاب سميت ٻين صوبن ۾ پيپلزپارٽي جون سرگرميون وڌائڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي پر ان باوجود اهو نه ٿو چئي سگهجي ته ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي ملڪ مان اڪثريت سان ڪامياب ٿي سگهندي، رهي ڳالهه نواز ليگ جي  ته هن حڪومت ۾ هڪ طرف ڪراچي جو امن بحال ٿيو آهي ته مٿان وري ترقياتي منصوبا به مڪمل ٿيا آهن، ڀلي کڻي اهي ڪنهن به حڪومت ۾ شروع ٿيا هجن پر انهن جو افتتاح ته نواز ليگ ئي ڪيو آهي.

جيڪڏهن نواز ليگ سنڌ مان ڪامياب نه به ٿئي پر ان  باوجود پنجاب ۾  سندس ڪاميابي جا سئو سيڪڙو امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته نواز ليگ پنجاب اندر رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ڪرڪيٽ کان ويندي گرين  بس منصوبي  سميت ٻيا کوڙ سان  منصوبا نواز سرڪار ئي ڏنا آهن، رهي ڳالهه بدامني جي ته مشرف جي حڪومت ۾ به ڊرون حملا ٿيندا هئا ۽ آپگهاتي ڌماڪا به ڪيا ويندا هئا پر هن وقت ۾ نه ته 12 مئي جهڙو سانحو پيش آيو آهي ۽ نه ئي  وري ڪراچي ۾ ڀتي خورن جو راڄ قائم ٿيو آهي، هن وقت ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال به بحال آهي، جيتوڻيڪ هن وقت سرحدن تي ڇڪتاڻ برقرار آهي ، جنهن سبب ملڪ اندر دهشتگردن خلاف ڪارروايون به جاري آهن،. بهرحال  گذريل ڏينهن وزيراعظم نوازشريف  مڪلي ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪراچي کان حيدرآباد موٽر وي  مڪمل ٿيڻ وارو آهي، حيدرآباد کان سکر تائين به موٽر وي کي جلد  ٺاهيو ويندي، ايتري قدر جو وزيراعظم نوازشريف ٺٽي ۽ سجاول ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي لاءِ 20، 20، ڪروڙ رپين جو اعلان  ڪيو.

وزيراعظم نوازشريف ٺٽي جي شاعر علي محمد اڏيراڻيءَ  جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو، جيڪو پڻ سٺو سنوڻ آهي، وزيراعظم نوازشريف شاعر جو علاج ڪرائڻ  وارو اعلان ڪندي چيو ته سندس علاج ضرور ڪرايو ويندو ڀلي کڻي مٿس لک خرچ اچن. وزيراعظم نوازشريف پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته صحت ڪارڊ جي ورهاست کان اڳ کين سروي ڪرائڻي پوندي جنهن جي لاءِ کيس ڪجهه مهينا ڏنا وڃن، ان کان پوءِ هو پاڻ اچي ڪارڊ  ورهائيندو.، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ بجلي، پاڻي ۽ گئس کان پوءِ يونيورسٽي به ايندي، ٽي ويءَ تي ٻڌي چڪو آهي ته هتان جي عوام جي ساڻس محبت آهي، بهرحال هن وقت وزيراعظم نوازشريف ته سنڌ ۾ سياسي سرگرمين جي شروعات ڪري ڇڏي آهي پر ان سان گڏ هاڻ پيپلزپارٽي کي به سنڌ ۾ پنهنجيون سرگرميون ٿوريون وڌائڻيون پونديون،  جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته  پيپلزپارٽي هونءَ ته سنڌ ۾ تمام گهڻو مضبوط آهي پر  وزيراعظم جي ٺٽي واري جلسي بعد پيپلزپارٽي کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنجاب بدران سنڌ ۾  سرگرميون  وڌائڻيون پونديو. هونءَ ته بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ ڪجهه عرصو اڳ جلسا ڪري چڪو آهي پر  ان باوجود نواز سرڪار پنجاب تمام گهڻو مضبوط آهي، تنهن جي ڀيٽ ۾ اهو چوڻ  ته  پيپلزپارٽي پنجاب ۾ پنهنجا پير مضبوط ڪري وٺندي اهو چوڻ مناسب نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته نوازسرڪار پنجاب ۾ جيڪي به منصوبا  شروع ڪيا آهن انهن کي مڪمل به ڪيو آهي،

جيڪڏهن هن وقت سنڌ ڏي نظر ڦيرائينداسين ته هتان جو وڏو وزير  سيد مراد علي شاهه به 63 اسڪيمن تي بي اعتمادي ظاهر ڪري چڪو آهي ۽ اهو  به انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي گدلو پاڻي پياريو پيو وڃي، جيڪڏهن  سنڌ جا حڪمران ئي  اهڙيون ڳالهيون ڪن ته پوءِ آخر انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ڪنهن جي ذميواري آهي، جيڪڏهن سنڌ جا زهريلو پاڻي پي رهيا آهن ته اها سنڌ حڪومت جي ئي ذميواري آهي ته انهن کي صاف پاڻي فراهم ڪري پر افسوس اڃا تائين اهڙا ڪي به خاص قدم نه کنيا ويا آهن. جنهن مان  اهو محسوس ٿئي ته  ايندڙ وقت ۾ سنڌ جي  عوام کي پيئڻ جو صاف پاڻي فراهم ٿيندو. بهرحال هن وقت ڳالهه هلي رهي آهي  سياسي سرگرمين جي  ته نوازسرڪار سنڌ ۾ دبنگ  انٽري ڪري ڇڏي آهي  جنهن جي شروعات ٺٽي شهر کان ڪئي وئي آهي ۽ ٺٽي جي عوام کي بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ سان گڏ يونيورسٽي ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو آهي، هاڻ ڏسڻو اهو آهي ته واقعي نواز سرڪار ٺٽي جي ماڻهن کي بجلي، پاڻي ۽ گيس فراهم ڪرڻ واري اعلان کي پورو ڪندي يا وري اهو اعلان صرف اعلان ئي رهجي  ويندو، جئين ماضي جي حڪومتون ڪنديون رهيون آهن، هاڻ ڀلي کڻي چونڊن ۾ ٿورو عرصو اچي بچيو آهي پر اهي اعلان هن وقت وڏي اهميت رکن ٿا ڇاڪاڻ ته سنڌ جا ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن، جيڪي بنيادي  سهولتن کان محروم آهن. پيپلزپارٽي کي به گهرجي ته پنجاب ۾ ڀلي کڻي سياسي سرگرميون جاري رکيون وڃن پر ان سان گڏ ڪراچي جي سنڌي وسندين تي به ڌيان ڏنو وڃي ته جئين ڪراچي ۾ قائم قديم سنڌي وسندين جا ماڻهو  به بنيادي سهولتن کان محروم نه رهجي وڃن.

sahibalisindhi@gmail.com

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *