نواز- اوباما ملاقات: ارشاد ڪاغذي

پاڪستان جي وزيراعظم امريڪا جي صدر بارڪ اوباما سان صدارتي محل وائيٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي گفتگو ڪئي. ٻنهي سربراهن پاران هڪ گڏيل پڌرنامو جاري ڪيو ويو آهي. گڏيل پڌرنامي ۾ پاڪ ــ امريڪا لاڳاپن جي وضاحت ڪئي وئي آهي ۽ آئنده به ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجها تعلقات رکڻ جو عزم ورجايو ويو آهي. گڏيل پڌرنامي جي شروعات ۾ اها وضاحت ڪئي وئي آهي ته امريڪي صدر جي دعوت تي پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف 20 آڪٽوبر کان 23 آڪٽوبر تائين امريڪا جو سرڪاري دورو ڪيو. ياد رهي ته امريڪا جي قومي سلامتي جي صلاحڪار سوسن رائيس آگسٽ ۾ نواز شريف کي صدر اوباما پاران امريڪا جي دوري جي دعوت ڏني هئي. رائيس، اسلام آباد ياترا جي موقعي تي تکيون مٺيون ڳالهيون ڪيون هيون.

خميس جي ڏينهن صدر اوباما، وزيراعظم نواز شريف جو وائيٽ هائوس پهچڻ تي آڌرڀاءُ ڪيو. اوول آفيس ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻن ڪلاڪن تائين گفتگو ڪئي، ڳالهين ۾ پاڪستان جا وزير به هئا. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ افغانستان ۾ امن جي قيام جي اميد ڏيکاري، هندستان سان ڪشمير سميت سڀني مسئلن ۽ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي نبيرڻ جو عزم ورجايو. ڪنٽرول لائين تي ڀارت جي اشتعال انگيزي ۽ فائرنگ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي وئي. وائيٽ هائوس پاران 14 سالن جي افغانستان جي جنگ جي خاتمي لاءِ امريڪا جي مجوزه نظرثاني واري منصوبي ۾ پاڪستان تي زور بار وڌو ويو ته هو ان سلسلي ۾ مڪمل سهڪار ڪري ۽ افغانستان جي سرڪار جي مدد سان ڳالهيون جاري رکڻ جون ڪوششون ڪري ته جيئن امن قائم ٿي سگھي. گذريل هفتي صدر اوباما اعلان ڪيو هو ته افغانستان ۾ امريڪا جي فوج اڃا وڌيڪ عرصو رهندي، جڏهن ته پهريان 2015ع تائين مڪمل انخلا جو واعدو ڪيو هو. تنهن ڪري امريڪي فوج جي رهڻ ۽ افغانستان ۾ امن جي استحڪام لاءِ پاڪستان جو رول اهميت جوڳو آهي تنهن ڪري افغان طالبان سان امن ڳالهين جي همت افزائي ۽ ڳالهيون جاري رکڻ لاءِ پاڪستان کي درخواست ڪئي وئي آهي. هن مهيني جي شروعات ۾ نواز شريف سرڪار افغان حڪومت ۽ طالبان جي نمائندن جي وچ ۾ ڳالهين جي بحاليءَ لاءِ ڪوششون ڪيون ۽ ان کان اول ڳالهيون پڻ ٿيون هيون پر افغان ۽ امريڪا جي سرڪار پاران پاڪستان تي ڊبل گيم کيڏڻ جا الزام عائد ڪيا ويا. ان ڪارڻ پاڪستان هٿ ڪڍي ويو ۽ ڳالهيون اڳتي وڌي نه سگھيون. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات ۾ ان کان علاوه اقتصادي ترقي، واپار ۽ سيڙپڪاري، سول سوسائٽي ۽ تعليم جي شعبن ۾ سهڪار، عالمي صحت کي فروغ، علائقائي سلامتي لاءِ دهشتگردي خلاف تعاون، سائبر سيڪيورٽي، جوهري سلامتي جو تحفظ وغيره جي اهم نقطن تي ڳالهيون ڪيون ويون.

امريڪا، پاڪستان جو پراڻو دوست ملڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا سرد گرم هجڻ جي باوجود امريڪا ۽ پاڪستان جا حڪمران پڪي ياري جا دعويدار آهن. صدر اوباما ۽ وزيراعظم نواز شريف جي ملاقات ۾ بظاهر ڪو بريڪ ٿرو نه ٿي سگھيو پر ٻنهي ملڪن ۾ اعتماد جي فضا ضرور بحال ٿي وئي، جيڪا گذريل مهينن کان ڪشيدگيءَ جي نظر ٿي وئي هئي. ان جا ڪيئي سبب سمجهه ۾ اچن ٿا. پاڪستان طرفان چين سان نوان معاهدا، روس سان ويجها لاڳاپا رکڻ ۽ ڳجهي نموني نيوڪليئر هٿيارن جي ترقي ۽ واڌارو ڪرڻ جي ڪري امريڪا سخت ناراضگي جو برملا اظهار ڪندو رهيو آهي.

پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف، صدر بارڪ اوباما کي هندستان جي پاڪستان ۾ دراندازي جي شڪايت ۽ ثبوت پيش ڪيا، پر ان باري ۾ امريڪا کلي ريت تبصري ڪرڻ کان لنوائي ٿو. جيتوڻيڪ اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان جان ڪيري اخباري عيوضين کي ٻڌايو ته پاڪستان پاران هندستان جي خلاف ڪي شاهديون يا ڪو دستاويز نه مليو آهي. ”اسان کي ان باري ۾ ڪا به خبر ناهي.“

پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف، امريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي ٻڌايو ته اسلام آباد پابندين کي قبول نه ڪندو ۽ خاص طور ننڍن جوهري هٿيارن جي باري ۾ ڪابه شرط ۽ پابندي پسند نه ڪندو. پاڪستان جي نمائندن ان باري ۾ ٻڌايو ته پاڙيسري نيوڪليئر ملڪ هندستان جي اوچتي حملي کي روڪڻ لاءِ ننڍا ٽيڪنيڪلي هٿيار ۽ وار هيڊس ضروري آهن ته جيئن هندستان ڪنهن به حملي کان باز رهي. اهڙي قسم جون ڳالهيون پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري اعتزاز چوڌري امريڪا ۾ ميڊيا کي ٻڌايون. پهريون دفعو پاڪستان سرڪاري طور اهڙو اظهار ڪيو آهي ۽ هندستان کي جنگ کان روڪڻ جي اها حڪمت عملي طي ڪئي وئي آهي.

پاڪستان ۽ امريڪا جي لاڳاپن کي هٿي وٺائڻ خاطر اوباما انتظاميه پاڪستان کي ايف ـ 16 ويڙهاڪ جهاز وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. امريڪي ڪانگريس به منظوري ڏني آهي ۽ اميد هئي ته اوباما ۽ نواز جي ملاقات تي اهو اعلان ڪيو ويندو پر ايئن نه ٿي سگھيو. ٻنهي اڳواڻن جي ملاقات جي ڳالهين کي ڳجهو رکيو ويو آهي ۽ ڪو به تبصرو ڪونه ڪيو ويو آهي. پر سياسي پنڊتن ۽ پارکن جو خيال آهي ته امريڪا جو افغانستان ۾ 2015ع تي انخلا وارو پروگرام ملتوي ڪرڻ ۽ وڌيڪ ٻن سالن تائين فوج کي اتي رهائڻ جي معاملي تي گھڻو فوڪس ڪيو ۽ طالبان سان ڳالهين لاءِ پاڪستان تي پريشر رکيو ويو. ان کان علاوه هندستان سان ڳالهين ۽ جوهري هٿيارن کي محدود ڪرڻ ۽ جوهري ننڍا هٿيار تيار ڪرڻ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. اوباما جو چوڻ هو ته ان سان جنگ جو انديشو وڌي سگھي ٿو.

بهرحال ملاقات مثبت ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي ۽ ان جا ڏور رس نتيجا نڪرندا ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جي پوزيشن بهتر ٿي آهي ۽ اڳتي هلي پاڪستان سان نيوڪليئر معاملي تي ڪو معاهدو ٿي سگھي ٿو، جنهن جو بنياد نواز ــ اوباما ملاقات سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿي.

پاڪستان جي پرڏيهي سيڪريٽري امريڪا ۾ ميڊيا سان جيڪي حال احوال اوريا آهن ۽ خاص ڪري نيوڪليئر هٿيارن جي حڪمت عملي بابت، تنهن تي وڌيڪ تحقيق ۽ رپورٽون شايع ٿيون آهن؛ ٻن مستند جوهري تجزئي ڪارن تجزيو ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي جوهري هٿيارن جي ذخيري کي ترقي ڏئي گھڻو وڌايو آهي، 110 کان 130 تائين نيوڪليئر هٿيار (Warheads) ۾ اضافو ڪيو آهي ۽ 2011ع ۾ 90 کان 110 تائين وار هيڊس جو تعداد وڌايو هو. تجزئي نگارن هنس ڪرسٽينسين ۽ رابرٽ نورس جي پڪي پختي راءِ آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ پاڪستان 220 کان 250 تائين وار هيڊس تيار ڪري سگھي ٿو. ان ڪارڻ امريڪا، روس، چين، فرانس کان پوءِ پاڪستان پنجون نمبر وڏي جوهري هٿيار رکندڙ رياست بنجي ويندو. امريڪا چاهي ٿو ته پاڪستان سان نيوڪليئر معاهدو ڪجي پر ان بابت وائيٽ هائوس اهڙو معاهدو تڪڙ ۾ ڪرڻ نٿو گھري. دهشتگردي جي واقعن ۾ پاڪستان جا شهري ۽ سيڪيورٽي فورسز جا هزارين جوان شهيد ٿي ويا آهن. امريڪا پاران دهشتگردي جي ويڙهه ۾ پاڪستان کي جيڪو نقصان پهتو آهي ان جو اندازو انگن اکرن مان لڳائي سگھجي ٿو. ان کان علاوه پاڪستان ۽ خطي ۾ جيڪا سياسي جاگرافي صورتحال ۾ تبديلي آئي آهي، تنهن پاڪستان کي گوڏن ڀر ڪيرائي وڌو آهي. شدت پسندن ۽ دهشتگردن سان پاڪستان جي اڳوڻي حڪمرانن ۽ خاص طرح آمر ضياءُ جا جيڪي تعلقات هئا ۽ اُن جي دور ۾ امريڪا جي چوڻ تي سوويت يونين جي خلاف جيڪي مجاهد ڀرتي ڪيا ويا ۽ ان بعد امريڪا جي افغانستان ۾ قبضي کان پوءِ جهڙي نموني طالبان جي مدد ڪئي وئي، اها ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي. پر انهن قربانين جي باوجود امريڪا، پاڪستان کي وڌيڪ ڪارروائي ڪرڻ جو زور بار وجهندو رهيو آهي ۽ هر دفعي Do more جو مطالبو ڪندو رهي ٿو. هن گڏجاڻي ۾ پاڪستان جي دهشتگردي خلاف ويڙهه کي ساراهيو ويو ۽ هلندڙ آپريشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو. ۽ پاڪستان کي مطمئن ڪيو ويو ته آئنده وڇوٽيون ڪونه وڌايون وينديون. ان سموري بحث کي سهيڙيندي اهو چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان جي پوزيشن ۽ ڳالهين کي عزت ۽ اهميت ڏئي هڪ سٺو تاثر جوڙيو ويو آهي جنهن جي ڪري ايندڙ وقت ۾ پاڪستان کي فائدو حاصل ٿيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *