نقل لاءِ به عقل کپي ؛شوڪت لوهار

سڄڻ سائين سچ پڇو ته جيئن مڇي پاڻي بنا رهي نٿي سگهي ۽ ڪي سڄڻ نسوار کانسواءِ زندگي کي جيون اجاڙ رستا سمجهن ٿا، ساڳي ريت بوريت جو آڪٽوپس ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ٿو چڪ هڻي جو جند ڇڏائڻ ڏکيو ٿي ٿو پوي.

اوهان به سوچيندا ضرور هوندا ته يار ساڳي ساڳي موضوعن تي ڳاٽي ڀڳا مضمون پڙهي پڙهي رت ٿي پيا آهيون ڪا نواڻ ئي ڪونهي، ڪا مٺاس، ڪا لڻاٺ ڪجهه به ته ڪونهي…! ڇا ڪجي جيڪو ڪُني ۾ هوندو اِهو ئي ٻاٽ ۾ پوندو. جيڪي حالات آهن مڙئي انهن جي مرمت ڪري فرض شناس ٿيڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري ويٺا ڪريون.

ڪو وقت هو جو اسان جا پوڙهڙا ڪانڀ ڪڍي ويهندا هئا ۽ هي حوال وٺي حوال سان ڳالهه چوربي هئي ۽ رات جي آخري پهرن تائين پيون ڪچهريون هلنديون هيون. وقت ائين پلٽو کاڌو آهي جيئن ڪو ملهه پهلوان پلٽو کائي بک، بيماريون، چوريون، زوريون ۽ ٻيا گهڻا ئي هم قافيا لفظ آهن جن هرڻي چيلهه ئي چٻي ڪري ڇڏي آهي. اڳي اسان جو فائنل پاس ماڻهو اعليٰ تعليم يافته ماڻهو ڪري ليکيو ويندو هو ۽ فائنل ڪرڻ سان ئي ماستري جو آرڊر هٿ ۾ هوندو هو. اڄڪلهه ته ايم اي پاس نوجوانن کي روزگار لاءِ پريشان ڏٺو آهي. وري اسين ايڏا شرميلا نوجوان جو پرنسز فلاويا بابت پڙهي پاڻ کي خوبيده دنيا ۾ گم ڪري ٿا ڇڏيون. پوءِ سيلز مين به ڪو نه ٿينداسين، دڪان وغيره کولڻ هونئن به اسان جي شان وٽان ٿورو ئي آهي. آخرڪار وڃي سگريٽ جو پاسو وٺنداسين ۽ پوءِ سگريٽ کان اڳتي سرندا سرندا وڃي وزم تائين دنگ ڪنداسين. آخر ۾ دماغ ختم، جان ختم ۽ ٻئي جهان ختم!

سدائين لکڻ ۾ اِهو پِٽڪو ته اسان جي تعليم تباهه ٿي ويئي آهي، اسان جي تعليم جي ٻيڙي ٻڏي ويئي آهي. اسان جي تعليم ختم آهي. تعليمي ميدان ۾ اسين ڪنهن کي منهن ڏيکارڻ جهڙا ڪو نه آهيون (هونئن وري ڪهڙو ٻين شعبن ۾ منهن ڏيکارڻ جوڳا آهيون). اسان کان تعليم جو حق ڦريو ويو آهي. اسان کي تعليم کان محروم ڪيو ويو آهي. گهوڙا ڙي امتحانن ۾ ڪاپي پئي ٿئي. امتحانن ۾ ڪاپي روڪرائڻ لاءِ ڪي اپاءَ وٺو، هيئن ڪيو نه ته هونئن ٿي ويندو وغيره وغيره سو ڏاها ٿيو، سياڻا ٿيو اڄ ڏينهن تائين اوهان جيترو يوناني دوائون واپرايون آهن، مختلف يوناني ڦڪيون کاڌيون آهن، ڀلي اهي ڪهڙي به ڪمزوري کي ختم ڪرڻ لاءِ ڇو نه هجن، پر جيڪڏهن يوناني دڪان تان ڦڪين جي بجاءِ ٿورو ئي سهي پر يوناني فلسفو پر چوڻ طور ئي وٺون ها ته اڄ هي ڏينهن ڏسڻا ڪو نه پون ٿا، پر نه، اسين پاڻ کي هتان جا مقامي سڪرات ۽ ارسطو سڏيون ٿا، ٻه چار ڪوڙا سوڙا حوالا ڏيو ته ماڻهو اوهان کي افلاطون جو سئوٽ سمجهڻ لڳندا. هڪ اڌ ڪو پرايو ڪتاب اٽڪل ۽ حرفت بازي ڪري لفظن جي چرٻي ۾ لاهي پنهنجي نالي تي ڇپائي پنهنجو پاڻ کي اسٽيفن ليڪاڪ ۽ چومسي جا چاچا ماما سڏائيندي دير ئي ڪو نه ٿا ڪريون. اصل ۾ اسان جو اصل مسئلو جذباتي ٿيڻ آهي. تنهن ڪري جذباتي ٿيڻ کان پهرين سوچجي ته اسين هڪ بصر آهيون، تهه کلندا ويندا ۽ اسان جو وجود ڪجهه ڪو نه وڃي بچندو. اوهان ڀلي ڳوڙها ڳاڙيو، دانهون ڪريو، احتجاج ڪريو، لانگ مارچ ڪري مائو جي روح کي راحت پهچايو پر حقيقت کان اکيون نٿا چورائي سگهو. ڀل اُٺ پکي ٿيو پر پوءِ به حقيقت کي منهن ڏيڻو پوندو.

تعليم حاصل ڪرڻ وارا آگبوٽ ذريعي بمبئي يونيورسٽي ۾ بي اي جو امتحان ناپاس ڪرڻ جي باوجود چار سئو ڪتاب لکي ويا ۽ شمس العلماءُ جا لقب ماڻيائون. اوهان نيو گليڪسي ٽچ اسڪرين سيٽ ۽ ڪنهن سيريز جون گائيڊون وٺي ”لياڪت“ کي ”ڪ“ سان لکو ٿا پر خير هونئن به اسين اجايو کڻي رڻ ٻاريو آهي تعليم حاصل ڪري اُٺ ڪتابن جا پڙهي به آخر ڇا ڪرڻو آهي. ماڻهو جو دٻدٻو ته ڊبل گهوڙا بوسڪي ۽ ٿلهن ٽائرن واري گاڏي ۾ آهي نه ڪي ڪتاب پڙهي پڙهي سلفي ٿيڻ ۾!مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن به ڪو نه ڏٺو آهي ته ڪو ڌاريو ملڪ اسان جي ملڪ تي ڪاهه ڪري آيو هجي ۽ اسان کي پڙهڻ کان روڪيو ويو هجي يا اسان جي تعليم تباهه ڪئي هجي. اسان وٽ هميشه اهو روئڻ رنو ويندو آهي ته تعليم تباهه ٿي ويئي آهي. مون کي ڏسيو ته ڪهڙي ملڪ ڊرون ڪيرائي يا مارٽر گولا هلائي اوهان جي تعليم تباهه ڪئي آهي؟ اوهان وٽ تعليم آهي ئي ڪٿي جو تباهه ٿيندي؟ تباهه ته اها شيءِ ٿيندي آهي جنهن جو وجود هجي، اسان وٽ تعليم نالي ڪا شيءِ موجود آهي ئي ڪونهي ته پوءِ تباهه ڇا ٿيو؟اسان وٽ تقريبن هر سال امتحاني موسم ۾ اِهو رينگٽ شروع ٿيندو آهي ته نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌم متل، اهلڪار پاڻ ڦرا کڻي وڃي شاگردن کي پيا پهچائيندا آهن. نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻاهرين ڪلاسن جي ذميوار بورڊن تحت ڪيل انتظاميه طرفان ڪرايل امتحانن جي نگراني کي واضح ڪيو ويندو آهي.امتحان دوران ڪاپي ڇو ٿي ٿئي؟ اِهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن تي هر سال اهڙن ئي ڏينهن ۾ اهڙن ئي پنن ۾ مون جهڙو ڪو اڌ اکريون ويٺو مضمون لکندو آهي. امتحانن ۾ ڪاپي جا ڪارڻ هي آهن هو آهن وغيره وغيره. مائٽ ذميوار آهن، شاگرد ذميوار آهن، انتظاميه ذميوار آهي وغيره وغيره شاگرد بيوس مخلوق آهي تنهن ڪري انهن جو به قصور ڪونهي ته ڪاپي اهي ڇو ٿا ڪن؟ ظاهر آهي ڪاپي ڪرڻ ڏني وڃي ٿي تڏهن ئي ته اهي ڪاپي ڪن ٿا نه. باقي انتظاميه سڳوري پيپر واري ڏينهن ڳِجهن وارا لامارا پيئي ڏيندي ته خبردار ڪاپي نه ڪريو. ضلعي جو چڱو مڙس به ڪفلنگ لڳائي انهيءَ وقت اچي وارد ٿيندو ته خبردار متا ڪاپي ڪئي اٿو؟ هائو ڀائو تون سڄو سال ڪٿي هئين؟ ڪڏهن اها توفيق ڪو نه ٿي جو اچي اسڪول ڪاليج ۾ ڇاپو هڻي پڇا ڳاڇا ڪر ته پڙهائي جو ڪهڙو حال آهي؟ ايئن ڪجي به ڇو؟ اسين هميشه لڪير جا فقير رهيا آهيون، نانگ ڀڄي وڃڻ کانپوءِ ليڪو پيا ڪٽيندا آهيون.منهنجو خيال آهي ته بورڊ انتظاميه خوامخواهه امتحان ٿي ڪرائي، انهيءَ سسٽم کي ئي ختم ڪرايو وڃي. جڏهن اوهان کي سرندي وارن کي پئسا وٺي مارڪون ڏيڻيون ئي آهن ته پوءِ اجايو امتحان ڪرائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. خوامخواهه خوار ٿيڻ، ميڊيا جي زينت بڻجڻ جو ڪهڙو شوق آهي. اوهان کي جن کي به مارڪون ڏيڻيون آهن انهن کي بورڊ ۾ گهرائي اگهه مقرر ڪري مارڪ شيٽون ڏيندا وڃو، اي ون هيتري ۾، اي گريڊ هيتري ۾ بي گريڊ هول سيل ريٽ وغيره وغيره يا وري امتحان ڀل ڪرايو پر جوابي ڪاپي ۽ سوال پيپر ماڻهن کي اڳ ئي ڏيئي ڇڏيو جيئن هڪ اهم اداري ۾ ٿي به رهيو آهي انهيءَ کانپوءِ اوهان هڪ مهيني کانپوءِ انهن کان اهو سامان واپس وٺو. گهٽ ۾ گهٽ ڏسي ڪري لکڻ سان به انهن ۾ ڪجهه نه ڪجهه ته قابليت پيدا ٿيندي بجاءِ انهيءَ جي جو هو (شاگرد) امتحاني سينٽر ۾ اچن، مائٽ امتحاني سينٽرن ٻاهران ڪرائي تي ڪو ماڻهو وٺي اچن مختلف قسمن جون گائيڊون ۽ حل ٿيل پرچا خريد ڪن وري انهن جا سوال ڳولين ۽ اهي سوال ڦاڙي پنهنجي سڪليڌي (پٽ) شاگرد تائين پهچرائين. وچ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کي خرچيون ڏين، هي ڪيڏو وڏو جهنجهٽ آهي؟ اوهان پاڻ ٻڌايو ان جو حل ڪهڙو نه سولو مون ٻڌايو آهي. جڏهن اوهان سواليه پيپر يا سوال نامو هڪ رات اڳ ۾ ليڪ ڪري ڇڏيو ٿا ته پوءِ هروڀرو مائٽن جو خرچ ڇو ٿا وڌايو يا شهر جي فوٽو اسٽيٽ مشينن سان به اوهان جو ڪو حصو پتي شامل آهي؟اصل ۾ ڪاپي ڪرڻ سان قوم تباهه ڪو نه ٿي ٿئي، قوم هونئن به هيپاٽائيٽس ۽ بنيادي سهولت جي اڻ هوند ڪري تباهه ٿي رهي آهي. رهي سهي ڪسر سنڌ جي ڪينسر جهڙي وڏيرن پوري ڪري ڇڏي آهي. اعليٰ تعليم تائين اسان جي پهچ هونئن به پوري ساري آهي .اسين ڪهڙو وڃي ناسا ۾ نوڪريون ڪنداسين. جيڪڏهن ٿورو پڙهي به وياسين ته وري ڳوٺ شهر، واهڻ واستين ۽ جنم ڀومين کي ڪهڙي ڀلائي جو دڳ ڏيکارينداسين. اسان مان جيڪي پڙهي ويا آهن انهن ڪهڙا ڦاڙها ۽ هرڻ ماريا آهن؟

تنهن ڪري جنهن کي سيڪڙي جي خبر ئي ناهي تنهن کي 80 سيڪڙو مارڪون ئي ڏيڻيون آهن ته پوءِ هي امتحاني ڌمچر ئي بند ڪريو. خاموشي سان ڪو اهڙو طريقو رائج ڪريو، جنهن سان اوهان جي ڪيل ڪارن ڪرتوتن کي قانوني حيثيت ملي سگهي. باقي هر دفعي امتحاني موسم ۾ ڪاپي جو راڳ آلاپڻ ۽ قوم جو بار کڻڻ جي ڳالهه ڪرڻ ئي اجايو آهي. قوم جو بار هاڻ ايڏو وڏو ٿي ويو آهي جو مصر جي احرامن کان به وڌيڪ ڳرو آهي. اهو ڪنهن ڪاپي زده قوم کان هونئن به ڪو نه کڻبو.

سنڌ ۾ بنيادي سهولتن جي هونئن به ڪيتري اڻاٺ آهي اهو اوهين پاڻ به اندازو لڳائي سگهو ٿا؟ ڇا اوهان جي اسڪول ۾ مقرر ٿيل استاد روزانو پنهنجي ڊيوٽي تي پهچي ٿو؟ ڇا اوهان وٽ قائم ٿيل بنيادي صحت مرڪز ۾ مقرر ڊاڪٽر صاحب حاضر آهي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ڪاپي ٿيڻ جي هيڏي واويلا ڇو؟ اهو ته سٺو آهي جو اڃا تائين اسان جي ٻارن کي گائيڊ يا پني تان ڏسي لکڻ اچي ٿو، ڊڄو انهيءَ ڏينهن کان جڏهن ڇوڪري جي بدران سندس پيءُ ويهي پيپر حل ڪندو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *