نائن اليون کانپوءِ تبديل ٿي ويل دنيا!:ارشاد ڪاغذي

11 سيپٽمبر 2001ع تي امريڪا تي حملو ڪيو ويو، جنهن جو تاريخ ۾ مثال ملڻ مشڪل آهي. امريڪا ۾ ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي خودڪش حملو ڪري تباهه ڪيو ويو. القاعده جي اُساما بن لادن سان تعلق رکندڙ 11 اسلامي شدت پسندن چئن امريڪي ڪمرشل جهازن کي اغوا ڪري مختلف هنڌن کي نشانو بڻايو. ٻن جهازن نيويارڪ جي جاڙن ٽاورن ورلڊ ٽريڊ سينٽرکي ڀڃي ڀورا ڀورا ۽ تباهه ڪيو. هڪ جهاز پينٽاگون، واشنگٽن ڏانهن ويو ۽ ٿورو گھڻو نقصان رسايو. هڪ جهاز ۾ سوار مسافرن مڙسي ڪري اغوا ڪندڙن سان وڙهي پيا، تنهن ڪري جهاز شينڪس ول، پنسلوانيا وٽ ڪري تباهه ٿي ويو. امريڪا اندر اهڙي تباهي مچائي جو ڪنهن کي به وهم ۽ گمان نه هو ته زبردست تباهي ٿيندي! امريڪا جي سرڪار، ايجنسيون، ادارا ۽ عوام سڪتي ۾ اچي ويا ۽ حيران، پريشان، خوف حراس ۾ وڪوڙجي ويا! ٻئي جاڙا ٽاور ڪجهه ڪلاڪن ۾ سڙي رک ٿي ويا. امريڪا ۽ دنيا جا ماڻهو اهو منظر اچرج سان ڏسندا رهيا. هن حادثي ۾ اٽڪل 3 هزار ماڻهو اجل جو شڪار ٿيا. امريڪا هڪ نئين جنگ ۽ خطرناڪ دشمن جي گھيري ۾ اچي ويو. امريڪا تي اوچتو خوني حملن وڏو ڏهڪاءُ پيدا ڪيو. هن ڏينهن کي دنيا ڪڏهن به وساري نٿي سگھي. امريڪي سرڪار واشنگٽن، ڊي سي ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو، فضائي ۽ سرحدي حدن کي بند ڪري ڇڏيو ۽ فوج کي الرٽ ڪيو ويو.

ڏک ۽ خوف گاڏڙ ڪيفيت ۽ صورتحال بعد امريڪا جي صدر بش ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڪانگريس جي گڏيل اجلاس ۽ قوم کي خطاب ڪيو.

”منهنجا هم وطنو! اسان جي جانين ۽ اسان جي آزادي تي دهشتگردن موتمارحملو ڪيو آهي… جهازن جو عمارتن سان ٽڪرائڻ ۽ زمين دوز ٿيڻ جو منظر سڀني ڏٺو، باهه ۽ دونهون… يقين ۾ نه اچڻ جهڙو ڀيانڪ ۽ افسوسناڪ واقعو. هي قتلام  اسان جي قوم کي ڊيڄارڻ، افراتفري ۽ پوئتي ڌڪڻ جي ڪوشش آهي، ليڪن هو ناڪام ٿيا، اسان جو ملڪ مضبوط آهي. عظيم ماڻهو عظيم قوم جي دفاع لاءِ نڪري نروار ٿيا آهن. دهشتگردي واري ڪارروائي اسان جي بلند عمارتن جي بنيادن جون پاڙون ته پٽي سگهي ٿي پر هو امريڪا جي پيڙهه کي پٽي نه ٿا سگھن. هي ڪارروايون اسٽيل کي پرزا پرزا ڪري سگھن ٿيون، ليڪن امريڪا جي مضبوط ارادي ۽ عزم کي ڌڪ رسائي نه ٿيون سگھن.“

11 سيپٽمبر جي واقعي کانپوءِ امريڪا، برطانيه ۽ آسٽريليا سان گڏجي افغانستان تي چڙهائي ڪئي. ”ديرپا ڇوٽڪاري جي ڪارروائي“ (Operation Enduring Freedom ) جي نالي سان اڳرائي ڪري جلدي افغانستان تي قبضو ڪري ورتو. ان جارحيت جي ڪري افغانستان ۾ جيڪا تباهي ۽ بربادي ٿي، جيڪا اڃا تائين جاري آهي، تنهن جي ڪري هزارين لکين ماڻهو مري ويا يا زخمي ۽ دربدر ٿيا. 2001ع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين امريڪا پنهنجي برتري ۽ خاص ڪري فوجي قوت ۾ گھڻو اضافو ڪيو ۽ هڪ نئين جنگ نئين انداز سان وڙهي، جنهن ۾ جديد هٿيارن سان گڏ جديد ٽيڪنالوجي کي استعمال ڪيو ويو.

11 سيپٽمبر جي حملي بعد دنيا جون حالتون تمام تيزيءَ سان بدلجي ويون ۽ دنيا ئي بدلجي ٻي ٿي وئي؛ جنهن ۾ بمن ۽ بارودن جي بدبوءِ هر طرف ڦهلجي وئي. امريڪا بدلي جي ساڙ ۾ دنيا جي ڪيترن ملڪن کي باهه، رت، دونهين، تباهي ۽ بربادي ۾ بدلائي ڇڏيو. پنهنجي بچاءَ ۾ ٻين کي تباهه ڪرڻ لاءِ هٿيار ٺاهڻ شروع ڪيا. جديد کان جديد تر هٿيار ٺاهي آزمايا ويا ۽ زمين کي ويران رڻ پٽ بنائڻ کان وسان ڪين گھٽايو ويو.

امريڪا ”دهشتگردي خلاف“ ويڙهه جي آڙ ۾  ڏيڍ ڏهاڪي تائين پنهنجي جنگي جنون جو بيرحمانه مظاهرو ڪندو رهي ٿو ۽ انهيءَ دوران جيڪي هولناڪيون ڪيون آهن، انهن جي فهرست ڊگھي آهي. دهشت، وحشت، ڏاڍ، ظلم ۽ بربريت جا جيڪي جُرم ڪيا، اهي اڳي نه ڏٺا ويا هئا ۽ نه ئي وري ڪڏهن ٻڌا ويا هئا! هڪ خوني ديوَ آدم بوءِ! آدم بوءِ! ڪندو ماڻهن کي ماريندو، چچريندو ۽ ساڙيندو رهيو ۽ اڃا تائين رت جي راند جاري آهي!

11 سيپٽمبر کانپوءِ امريڪا تيزي سان نوان، جديد ۽ موتمار هٿيارٺاهڻ شروع ڪيا. جديد هٿيارن جي ٽيڪنالوجي ۾ واڌارو ڪيو. جديد ترين انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ روبوٽ جي تياري ۽ روزانو انهن جي استعمال سان سندس برتري ۽ قوت ۾ گھڻو اضافو ٿيو. 11 سيپٽمبر 2001ع جي حملي امريڪا کي هڪ وجهُه ۽ مقصد مهيا ڪري ڏنو، هن کي ڄڻ ماڻهو مارڻ جو لائسنس ملي ويو، هن کي ڌرتي تي بربادي ڪرڻ جو موقعو ملي ويو ۽ گذريل 15 سالن کان امريڪا بربريت ۽ وحشت جي حد ڪري ڇڏي آهي. روزبروز بي گناهه ماڻهو ماري ۽  قتلام ڪري انسانيت جي نسل ڪشي ڪئي، تنهن جي ڪري انسانيت جو ڪنڌ شرم کان جهڪي ويو آهي!

امريڪا اڃا تائين اڳي کان اڳرو آهي، وڙهڻ لاءِ نئين نئين قسم جا هٿيار ۽ اوزار ۽ ويڙهه جو نئون انداز يا ايئن چوڻ وڌيڪ سولو ٿيندو ته نئين جنگ، جنهن ۾ موت جو راڪاس لامارا ڏيندو هڪ ئي ڌڪ سان سوين، هزارين ۽ لکين بيگناهه ماڻهن کي موت جو بک بنائي ٿو. امريڪي ڪانگريس افغانستان ۾ آپريشن اينڊيورنگ فريڊم، عراق ۾ آپريشن عراقي فريڊم ۽ آپريشن نوبل ايگل جي مد ۾ 1.3 ٽريلن ڊالرن جي رقم مختص ڪئي. ان کان علاوه اٽڪل 2 ارب ڊالر فوجي ڪمن جي تعمير واسطي خرچ ڪيا، جنهن ۾ تعمير، ترقي، ريسرچ، تشخيص، بهتر ٽيڪنالوجي ۽ جديد هٿيار فوج کي مهيا ڪري ڏنا ويا. رسد جي صلاحيتن ۽ خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ دفاع کي مضبوط بنايو ويو.

2011ع ۾ امريڪا دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 1 ٽريلن ڊالرن جي رقم رکي هئي. ان سلسلي ۾ عسڪري ماهرن هڪ ڪاٿو لڳايو هو ته هن جنگ ۾ اصل لاڳت لڳ ڀڳ 5 ٽريلن ڊالرن جيتري ٿيندي. جُون 2011ع جي انگريزي جريدي ٽائمز جي رپورٽ موجب: برائون يونيورسٽي جي برائون انسٽيٽيوٽ فار انٽرنيشنل اسٽيڊيز جي مطالعي جي آڌار تي ”افغانستان، عراق ۽ پاڪستان جي جنگ ۾ حتمي رقم 3.7 ٽريلن ڊالر جي ڪٿ ڪئي آهي، جيڪا 4.4 ٽريلن ڊالرن تائين وڃي پهچندي. تحقيق مطابق 2020ع تائين 1 ٽريلن ڊالر وڌيڪ قرض جي مد ۾ خرچ ٿي سگھن ٿا.“ ان کان علاوه ٽائمز فوتين ۽ زخمين جا انگ اکر پيش ڪيا آهن. ”225000 ماڻهو مري ويا ۽ 365000 زخمي ٿيا، جڏهن ته 8000 امريڪي فوجي اجل جو شڪار ٿيا.“

11 سيپٽمبر بعد امريڪا ۾ نئين حالتن جي پيدا ٿيڻ کانپوءِ هن پنهنجي برتري کي قائم ۽ دائم رکڻ لاءِ بهترين بندوبست ڪيو. هٿيارن جي ميدان ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو، وڏي رقم خرچ ڪري پنهنجي فوجي صلاحيت کي وڌايو ۽ پنهنجي دفاع کي گھڻو مضبوط ڪيو. جديد ٽيڪنالوجي جي ڪري دشمن کي نشانو بنائڻ ۽ نقصان پهچائڻ لاءِ جديد ٽيڪنالوجي ۽ خاص طرح هڪ اهڙو ڊرون جهاز ايجاد ڪيو جيڪو جاسوسي سان گڏ ڪنهن کي به آسانيءَ سان نشانو بنائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ڇاڪاڻ ته جديد ۽ جاسوسي ٽيڪنالوجي ۾ ڊرون جو هن وقت تائين ڪوئي مٽ ۽ ثاني ناهي.ان اڀرندڙ جديد ٽيڪنالاجي ۾ پکين وانگر اڏامندڙ بنا پائليٽ جي هوائي جهاز (عرف عام ۾ ڊرون) جنهن ۾ ليزر، انفارميشن ٽيڪنالوجي ۽ جديد سازوسامان جون مڙئي سهوليتون موجود آهن.

امريڪا ڪيئي نوان هٿيار ٺاهيا جين ليزر ميزائل جيڪي دشمن تي حملو ڪرڻ ۽ سندن ميزائل سسٽم ۽ ريڊار تي به نظر نه ٿي آيا. عراق ۽ افغانستان جي جنگين ۾ انفارميشن ٽيڪنالوجي کي وسيع معنيٰ ۾ ڪتب آندو ويو، جيڪو اڳ ۾ ڪڏهن نه ٿيو هو. ڪرس برونڪ امريڪا جو انفارميشن ٽيڪنالوجي جي ماهر ۽ اڳوڻي سفارتڪار چواڻي ته هي جنگيون پنهنجي نوعيت جي الڳ ۽ انوکي حيثيت رکن ٿيون. ”افعانستان ۽ عراق جون جنگيون تاريخ ۾ سڀ کان اول انٽرنيٽ ايج جون جنگيون آهن” امريڪا سائبر جي دنيا ۾ روايتي فوجي حڪمت عملي کي فروغ ڏنو. وڏي ڦڙتي سان حملي آور تي حملو ڪرڻ يا ان کان جلدي قلابازي کائي پاڻ بچائڻ  ۽ متحرڪ جنگ کي هڪ جاءِ تان ٻي هنڌ تبديل ڪرڻ ۽ نئون محاذ کولڻ دوکو ڏيڻ، هڪ ئي وقت ٿوري عرصي ۾ هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين هزارين ۽ لکين فوجي جوان جلدي ۾ منتقل ڪري دشمن تي چڙهائي ڪرڻ وغيره. هي سمورو انتظام وسيع ذريعن جي موجودگي بدولت ڪيو ويو ۽ ان فوقيت جي ڪري امريڪا سولائيءَ سان جلدي فتحون حاصل ڪري ٿو. آءِ ٽِي ۽ سائبر تڪرار جي اهميت کان انڪار نه ٿو ڪري سگھجي، جنهن ۾ هيڪرس جو عمل دخل تمام گھڻو آهي. هڪ قوم يا ڌر ٻي جي نيٽ ورڪ يا ڪمپيوٽر تي حملو ڪرڻ لاءِ پلان پٽاندڙ عمل ڪن ٿا ۽ اها اڄ جي دور ۾ گھڻو اثر وڌائي وئي آهي.

امريڪا ۾ 11 سيپٽمبر 2001ع جي حملي جي ڪري تمام گھڻو نقصان ۽ جانيون ضايع ٿيون. ان سبب ڪارڻ سَڪتو ڇانئجي ويو. هڪ اهڙو خوف جنهن امريڪي عوام جي ذهن کي مفلوج ڪري ڇڏيو. اوچتي حملي جي ڪري جنهن جو هو تصور به ڪري نه پئي سگھيا، تنهن جي ڪري هو هروقت اڻ ڏٺل خوف ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ اهڙي حالت جي هوندي امريڪا هڪ نئين حڪمت عملي ٺاهي ورتي، اها هئي جنگي جنون جي آڌار تي سموري دنيا ۾ پنهنجي ڌاڪ ۽ دٻدٻو قائم رکي هر هڪ کي طاقت جي ذريعي غلام رکڻ ۽ اهڙيءَ ريت افغانستان، عراق ۽ ٻين ملڪن ۾ امريڪا خوني ڪارروايون ڪندو رهيو آهي. امريڪا ۽ ان جي جوڙيوالن ۽ خاص ڪري سرمائيدارن جي ميڊيا هن جنگ کي مقدس ۽ جائز ڪوٺي ڏينهن رات افعانستان ۽ طالبان کي فساد جي جڙ ڪوٺي کين ختم ڪرڻ جا حڪم جاري ڪندا رهيا. هڪ اهڙو ماحول جوڙيو ويو، جنهن ۾ ايئن پيو لڳي ته امريڪا ۽ ان جي اتحادين جي افغانستان تي چڙهائي جائز ۽ صحيح آهي.

امريڪا پنهنجي فوجين کي موڪلڻ کان پهرين افغانستان کي هائجيڪر ۽ اساما بن لادن کي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ايئن نه ٿيڻ جي ڪري امريڪا حملو ڪري افغانستان تي قبضو ڪري ورتو. پاڪستان ۾ تڏهوڪي فوجي آمر پرويز مشرف کي ٽيليفون ڪري چيو ويو ته ڪنهن جو پاسو وٺندا؟ ڪنهن جي مدد ۽ طرفداري ڪندا؟  پرويز مشرف امريڪا جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو ۽ پاڪستان جي سرزمين امريڪا لاءِ استعمال ڪئي وئي. تنهن ڪري پرويز مشرف کي ”ٽيليفون ڪال جنرل ڪوٺيو وڃي ٿو.“

امريڪا جي هوڏ ۽ جارحيت جي خلاف سموري دنيا ۾ زبردست مظاهرا ڪيا ويا ۽ امريڪا جي ان ڪارروائي کي ننديو ويو. ان کان علاوه سموري دنيا جي سڄاڻ ڌرين، جمهوريت پسندن، روشن خيال ۽ عوام دوست حلقن ۽ جنگ سان نفرت ڪندڙ ماڻهن، جماعتن، تنظيمن، گروهن، اديبن، دانشورن، سياسي، سماجي ۽ عسڪري ماهرن ۽ پارکن امريڪا جي جارحيت جي ڀرپور مخالفت ڪئي. انهن سڄاڻ ڌرين جو موقف هو ته افغانستان جنگ جي باري ۾ ڪيترائي اعتراض ۽ سوال اٿاري سگھجن ٿا. انهن سوالن ۽ ان سان لاڳاپيل مڙني پهلوئن جي نشاندهي ڪئي وئي.

11 سيپٽمبر جي ڪارروائي جي نتيجي ۾ امريڪا جو افغانستان تي حملو ڪرڻ ۽ قبضو ڪرڻ ناجائز هو؟ امريڪا کي ڪنهن به اهو حق ڪونه سونپيو آهي ته هو افغانستان يا ڪنهن ٻي ملڪ تي حملو ڪري. هو هن دنيا جو مالڪ آهي ڇا؟ جو هو هائيجيڪرن جي ٻانهن جي عيوض رياستن کي تاراج ڪندو وتي. هن مهذب دنيا ۾ ڪنهن کي به اجازت نه ٿي ڏئي سگھجي ته هو ثبوتن يا بنا ثبوتن جي ڪنهن ملڪ جي سالميت تي وار ڪري ۽ غلام بنائي. ڀلي کڻي اُن لاءِ گڏيل قومن جي کين حمايت ۽ مدد حاصل هجي. سڄاڻ حلقا ان ڪارروائي کي هڪ اهڙو بڇڙو عمل ڪوٺي رهيا آهن، جنهن جي ڪري آزاد ملڪن جي اندروني حقن ۽ واسطن ۽ سالميت سان کلواڙ ڪيو ويو ۽ انهن کي تباهه ۽ برباد ڪري، انسانيت سوز حرڪتون ڪري نازي جُرمن جو ارتڪاب ڪيو ويو. انهن جو چوڻ آهي ته امريڪا پاران ”ديرپا امن“ ۽ ”دهشتگردي خلاف ويڙهه“ جي نالي تي جيڪا فوجي جنگاڻ ۽ ڏوهه ڪيا ويا، انهن جو حساب ڪتاب ٿيڻ گھرجي ۽ امريڪا کي نڪ ۾ ناڪيلي وجهي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاري انصاف ڪيو وڃي.

سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته امريڪا هڪ بدمست هاٿي جيان سموري دنيا کي پنهنجي پيرن جي هيٺيان چيڀاٽيندو ۽ ڪچليندو رهي ٿو. ان کان ڪير حساب ڪتاب وٺندو؟ سڄاڻ ڌريون پنهنجي عزم تي قائم آهن ته جيڪڏهن امريڪا طاقت جي نشي ۽ گھمنڊ ۾ جيڪو وڻيس سو ڪري ۽ ان کي ڪو به روڪي نه سگھي، ڪنهن کي ايتري مجال ۽ طاقت ناهي ته هن جو رستو روڪي سگھي، پر جيڪڏهن کيس ڪو للڪاري نٿو سگھي ته ان جي غلط قدمن ۽ جارحيت کي جائز قرار ڏيڻ ڪٿان جي انسانيت ۽ انصاف آهي؟ امريڪا جي ظلم ۽ ڏاڍائي کي جيڪو ندي ٿو، اهو انسانيت جو دوست ۽ جنگ جو ويري آهي.

مون آزاديءَ جي سئن هنئي

مون لاٿا طوق غلامن جا

هي گيت هئا يا جادو ها

زنجير ٽُٽا ايامن جا

سڀ موتي سمجهي چونڊين ٿا

اڄ ڳوڙها منهنجي دامن جا

مان ڏوهي هان مان ڏوهي هان

مون ڪيئي ڏوهه ڪيا آهن.

irshadkagzi@yahoo.com

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *