نئون وزيراعظم ۽ نوان چئلينج..!!: غلام مصطفيٰ جمالي

نواز شريف جي استيفيٰ کانپوءِ ماحول خاصو گرم نظر اچي رهيو آهي.پاناما ڪيس جي حوالي سان پهرين به ميان نواز شريف کان استيفيٰ جو مطالبو ڪيو پئي ويو. پر ان موقعي تي ميان نواز شريف استيفيٰ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو هو.پر جڏهن پاناما ڪيس عدالت اندر آيو ته عدالت نواز شريف کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو ته کيس وزيراعظم هائوس به  خالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو،جنهن تي عمل ڪندي ميان نواز شريف وزيراعظم هائوس به خالي ڪيو،ميان نواز شريف هاڻي پاڪستان جو وزيراعظم ناهي رهيو ۽ هن وقت پاڪستان اندر هڪ نئي وزيراعظم جو نالو به سامهون اچي ويو آهي.ن ليگ پاران 45ڏينهن لاءِ شاهد خاقان عباسي کي وزيراعظم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جنهن کانپوءِ ملڪ جو اهم وزيراعظم شهبار شريف هوندو،جڏهن ڏٺو وڃي ته هن وقت پاڪستان جي سياست اندر صرف ٻن جماعتن جي پاڻ ۾ ويڙهه هلي رهي آهي جنهن ۾ هڪ پاڪستان تحريڪ انصاف آهي ۽ ٻئي پارٽي پاڪستان مسلم ليگ ن آهي،۽ اهو به تاثر پڪو آهي ته جيڪڏهن انهن  ٻنهي پارٽين مان ڪنهن به هڪ پارٽي پاڻ کي ڪمرزو ڪيو يا پنهنجا پير ٿورا به پوئتي هٽايا ته اها پارٽِي هميشه لاءِ مليا ميٽ ٿي ويندي،۽ اها پارٽي هڪ مئل گهوڙو تصور ڪئي ويندي،جنهن ۾ ڪڏهن به ساهه نه پوندو،انڪري ٻئي جماعتون سياسي ميدان جي ڊوڙ ۾ هن وقت پاڻ کي اڳيان آڻڻ لاء ايترو ته زور لڳائي رهيون آهن جنهن جو اندازو به لڳائي نه ٿو سگهجي،اها ڳالهه پڪ سان ٻنهي سياسي جماعتن لاءِ هڪ وڏي خطري جي گهنٽي آهي،جيڪا مسلسل وڄي رهي آهي، جيڪا بند ٿيڻ جو نالو نه پئي وٺِي،مگر ڇا ٿو ڪري سگهجي سچ کي ڪيترو به لڪائڻ جي ڪوشش ڪبي آهي سچ اوترو نروار ٿيندو آهي،انڪري اها پڻ هڪ سڄي حقيقت آهي جنهن کان ڪڏهن به انڪار نه ٿو ڪري سگهي،پاناما ليڪس معاملو جهڙي ريت اڳيان وڌيو ۽ پاناما ليڪس معاملي تي جيڪو فيصلو ٿيو ان فيصلي کي نه قوم وساري سگهندي ۽ نه ئي اهي حڪمران جن جي خلاف اهو فيصلو آيو،۽ نه اهي سياسي جماعتون جن جي حق ۾ فيصلو آيو،هن وقت ن ليگ جيڪا مڪمل طور سياسي ميدان ۾ ٿڪجي پئي آهي انهي حڪومت پاڪستان لاءِ ايندڙ وقت  جي لاءِ شهباز شريف کي وزيراعظم ڪرڻ جو اعلان ته ڪيو آهي پر اتي  سوال اهو به آهي ته ڇا فوج تي سٺِو تاثر پيدا ڪندڙ ايندڙ وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفاقي حڪومت کي هلائي سگهندو.؟ اهو هڪ اهڙو سوال آهي جنهن جو جواب ماضي جي ڪتابن کان سواءِ ڪٿي به نه ملي سگهندو،ڇو ته اها هڪ سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهه آهي،ته2014ع کان شروع ٿيڻ واري مهم ۾ اصل ٽارگيٽ صرف هڪ نواز شريف نه هو پر ان جي سموري ٽِيم هئي ۽ ان سان گڏ صوبو پنجاب به هوُ،انڪري جيڪڏهن انهي پارٽي خلاف اهڙي مهم هلندي رهي ته اها هڪ نه هڪ ڏينهن زمين تي پنهنجا پيررکي نه سگهندي،ڇو ته اڃان ڪيترائي اهڙا منصوبا پيل آهن جن تي ميان نواز شريف وڏيون وڏيون تقريرون ته ڪيون پر انهي منصوبو تي ڪم نه ٿي سگهيو آهي،جنهن منصوبي اندر سرفهرت بجلي جو منصوبو آهي جيڪو ميان نواز شريف اقتدار ايندي ئي اعلان ڪيو هو ته هو ملڪ مان بجلي جو بحران ختم ڪندو پر ميان صاحب جي وزيراعظم وارو عهدو ختم ٿيو ۽ ملڪ مان لوڊيشنگ ختم نه ٿي سگهي،ملڪي جي ٻهراڙين کان ويندي وڏا وڏا شهر اڃان به ڪارين راتين جي اونداهين ۾ پنهنجون راتيون ڪٽي رهيا آهن،ان کان علاوا ميان نواز ميگا ترقياتي منصوبا جوڙيا جيڪي به پنهنجي اختتام تي پهچي نه سگهيا آهن،انڪري اڃان به ڪيترائي منصوبا آهن جن جو ذڪر ڪنداسين ته ڪالم پورو ٿي ويندو، مطلب ته ميان صاحب پنهجي اقتدار جي چار سالن اندر اهڙو ڪو به ڪم  نه ڪري سگهيو جنهن سان ائين کڻي چئجي ته ان ملڪ اندر ڪا وڏي تبديلي آندي.جڏهن ته پاڪ چين اقتصادي منصوبي جي ڳالهه ڪجي ته اهو پاڪستان تي چين جو ٿورو آهي جنهن پاڪستان سان اهڙو معاهدو ڪيو جنهن کي پاڪ چين اقتصادي راهداري جو نالو ڏنو ويو،ميان نواز شريف جي استيفيٰ کانپوِءِ چيني حڪومت پاران به اهڙو بيان منظرعام تي آيو هو ته ميان نواز جي نااهلي سان پاڪ چين اقتصادي راهداري تي ڪو به اثر نه پوندو،ها اڃان هڪ اهو به سوال به باقي رهي ٿو ته ڇا جيڪڏهن ميان نواز شريف کي 2018 ع ۾ اقتدار ملي ٿو ته ڇا هوُ انهي منصوبن تي شروع کان ڪم ڪندو.؟جڏهن ته اها به ڳالهه عام آهي پاڪستان مسلم ليگ ن جي پويان اپوزيشن پارٽيون ايتريون ته پويان پئجي ويون هنيون جن مان جان ڇڏائڻ ميان صاحب کي مشڪل لڳي رهيو هوُ،تنهن ڪري ملڪ جا ڪيترائي تجزيڪار اهو بيان ڏئي رهيا هئا ته ميان نواز شريف پاڻ مرادو عهدو ڇڏي وڃي هان ته وڌيڪ بهتر هو،پر ميان نواز شريف ان وقت تائين ڪرسي مان هٿ نه ڪڍيو جيستائين کيس هٽايو نه ويو،جڏهن ته اپوزِيشن پارٽيون به اهو چاهين ٿيو ته ن ليگ کي ايترو ته ڪمزور ڪيو وڃِي جو ايندڙ الڪيشن ۾ هڪ عام ۽ سادي پارٽي جي صورت ۾ سامهون اچي، جنهن جي ملڪ اندر ڪا به اهميت نه هجي،اوهان کي ياد هوندو ته اهڙو پلان پاشا خان جي دور ۾ به ڪيو ويو هو،انڪري مان سمجهان ٿو ته ايتري وڏي پارٽي کي ڪمزور ڪرڻ تمام گهڻيو ڏکيو ضرور هوندو،2014ع جا ڌرڻا،2016جا لاڪ ڊائون جنهن کانپوءِ 2017 ۾ پاناما ليڪس جو شور انڪري اها ته پڪي ڳالهه آهي ته ڪيترائي سال اقتدار ۾ ايندڙ ميان نواز شريف کي جيڪڏهن جماعتون گڏجي ڪري نااهل ڪري سگهن ٿيون ته اهي شهباز شريف کي سُک جو ساهه کڻڻ ڪئين ڏينديون،انڪري نيڪ نيت ۽ صادق امين جو تصور به اجايو آهي،سوچڻ جهڙِي ڳالهه ته اها آهي ته ٻئي جماعتون هن وقت هڪ ٻئي لاءِ آزمائش جو وڏي ۾ وڏو سبب آهن،سپريم ڪورٽ آف پاڪستان نواز شريف جي سموري خاندان کي فارغ ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي ڪري اها ڳالهه ضرور آهي ته تلوار شهباز شريف جي سر تي به لٽڪي رهي آهي،ان ڪري سوال اهو به آهي ته ڇا پنج ڇهه مهينن کانپوءِ شهباز شريف کي به نااهل قرار ڏنو ويندو،؟ان کان پهرين ڇا ان جي خلاف ڌرڻا لڳندا،جڏهن ته ان کان اعلاو هڪ ٻيو به آپشن موجود آهي ماڊل ٽائون واقعو جنهن جي رپورٽ جسٽس علي باقر نجفي وٽ آهي،جنهن کي بار بار دهرايو پيو وڃِي.انڪري اها به ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته جيڪڏهن اها رپورٽ کلي ته اها شريف خاندان جي لاءِ ڦاهي جو ڦندو نه ثابت ٿي،پرائين ٿيندو يا نه ٿيندو اهو ايندڙ وقت ٻڌائيندو،انڪري حڪومت لاءِ اهو سٺو موقعو آهي ته سموري معلومات کي عام ڪري ڇڏي.جيڪي ثبوت سان گڏ قومي ادارن وٽ محفوظ آهن،مثال طور سرڪاري ادارن تي حملا ڪنهن ڪرايا،ماڻهن مارائڻ جو منصوبو ڪنهن جو هو،۽ ماڊل ٽائون واقعي جو فائدو سڀ کان گهڻو ڪنهن ورتو،۽ انهي سموري معاملي تي اسڪرپٽ رائيٽر ڪيرهو.؟ڇو ته اها ڳالهه به لڪيل ته نه آهي،ڇو ته ماضي ۾ مشاهدالله بي بي سي جي انٽريو ۾ ڪجهه حوالا ڏيندي چيو ته وسيع طور قومي محاذ) ۾ ان کان استيفيٰ ورتي وئي هئي.هاڻ ڪنهن کان استيفيٰ وٺڻي آهي،جڏهن ته حالتون اهڙي موڙ طرف وڃي رهيو آهن،جنهن اندر ڪيڏي به مهل به ڪجهه ٿي سگهي ٿو،جنهن ماحول اندر ٿوري به هيرا ڦيري ٿي ته شريف خاندان کي جيل موڪلڻ واري سازش جي باهه کي وڌيڪ ڀڙڪايو ويندو،جڏهن ته اڃان به ن ليگ جي پارٽي ميان نواز شريف جي اناهلي قبول نه ڪري رهي آهي ۽ سندن بيان اهو آهي ته اها سموري سازش اسٽيبلمينٽ جي آهي،ڇو معاملو ايترو سادو ناهي جيترو سمجهيو پيو ويو جيڪڏهن سادو آهي ته ان اندر گهر جا چور به ضرور شامل آهن،۽ جلد سندس نالا به سامهون اچي ويندا،پر فيصلو عدالت جو آهي سندس مرضي آهي ته وڻي جنهن جي خلاف فيصلو ڏي وڻي ته جنهن کي به نااهل قرار ڏي،جيڪڏهن ڏسجي ته عدالت سڳوري قانون جا سمورا تقاضا سامهون رکي ڪري اهو فيصلو ڪيو هوندو،ائين ته بنا ڪنهن ڏوهه جي پاڪستان جي ايڏي وٺي سپريم ڪورٽ  ڪنهن کي سزا ڪئين ٿي ڏئي سهگي،انهي سموري ڳالهين کي سامهون رکندي ملڪ اندر اهڙو ماحول نظر اچي رهيو آهي جنهن اندر وڏي گرما گرمي نظر اچي رهي آهي،جنهن گرما گرمي اندر ڪجهه به ٿي سگهي ٿو،ڪي جيل وڃن سگهن ٿا ڪن جا ڪيس ڪورٽ ۾ اچي سگهن ٿا ۽ ڪي وري صاف ۽ اڇا اجرا ٿي ملڪ هلائيندا….

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *