مڪاني چونڊون ،ڪراچي سياستدانن جي گهري هيٺ.!!: غلام مصطفيٰ جمالي

مڪاني چونڊن ۾ باقي ٽي ڏينهن بچيا آهن.پاڪستان جي سموري قيادت ڪراچي ۾ پهتل آهي.پ پ پاران بلاول ڀٽو رزادي لياري سيمت ملير ۾ اليڪشن مهم هلائي رهيو آهي.جڏهن ته ايم ڪيوايم جيڪا ڪراچي کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ٿي.اها ايم ڪيو ايم بنا ڪنهن خوب ۽ ڊپ جي ڪراچي اندر اليڪشن مهم جاري رکيو اچي.جڏهن ته شهر قائد اندر تحريڪ انصاف عمران خان صاحب ۽ سراج الحق دراني صاحب پڻ اتحادي بڻجي ڪري .انهي ايم ڪيو ايم سان مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهن.جڏهن ته مان سمجهان ٿو ته اها خوشي جهڙي ڳالهه آهي ته پاڪستان اندر اهڙي سياسي ماحول ۾ جتي ايم ڪيو ايم پاڻ کي ڪراچي جي مالڪ سمجهندي آهي.جنهن سان اڄ تائين ڪراچي ۾ ڪير مقابلو ناهي ڪري سگهيو۽ اڄ تائين انهي ايم ڪيو ايم کي ڪراچي ۾ ڪير اليڪشن اندر به چلئج به ڏئي نه سگهيو.اهڙي ماحول اندر تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان صاحب ۽ جماعت اسلامي جي امير سراج الحق دراني ڪراچي اندر ايم ڪيو ايم کي انهي مڪاني ايڪشن اندر چلئنج ڪري گهٽ ۾ گهٽ ايم ڪيو ايم کي ايترو ضرور احساس ڏياريو آهي ته ڪراچي سندن  ملڪيت ناهي.جڏهن ته ڪراچي سنڌ جو هڪ اهڙو حسين شهڪار۽ خوبصورت شهر آهي.جنهن تي پاڪستاني جي پوري عوام جو هڪ سريڪو حق آهي.پر ڪراچي جي سڃاڻپ سنڌ سان آهي ڪراچي سنڌ جو شهر آهي ۽ سنڌ جو ئي شهر رهندو.

جڏهن ته ڪراچي کي حصن ۾ ورهائڻ ۽ سنڌ جي ٽوڙڻ جون سازشون ته ڪيتري ئي عرصي کان ٿي رهيون هنيون.پر انهي سازشن کي ايم ڪيو ايم هڪ واضع شڪل ڏني جڏهن ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻئي سموري قيادت اهو مطالبوڪيو ته کين ڪراچي سنڌ کان ٽوڙي کيس الڳ صوبي ڪري ڏنو وڃي.جڏهن ته انهي مطالبي کي سامهون رکي ڪري نه رڳو ايم ڪيو ايم شهر بند ڪرايا پر روڊ رستن تي ٽائر پڻ ساڙي احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا.پر سنڌ جي هر ننڍي ٻار توري مرد عورتن يعني سموري سنڌ واسين ايم ڪيو ايم جي اهڙي مطالبي کي نه رڳو رد ڪيو پر انهي مطالبي جي سخت لفظن ۾ مذمت پڻ ڪئي.پر پوءِ به ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف پنهنجي مطالبي کان نه مڙيو هيٺ ڪراچي سنڌ کان ٽوڙڻ جي ڳالهه ڇڏي ڪري سنڌ ون ۽ سنڌ ٽو جي مطالبي جي گهر ڪرڻ لڳو.پر اها سندس ئي سياست هئي جو هو سنڌين کي بيقوف بڻائڻ لاءِ ايترا مطالبا ڪندو رهيو،پر سنڌ جي ماڻهن انهي مطالبي جي ايتري به مخالف ڪئي جو نيٺ ايم ڪيو ايم کي پنهنجي مطالبي کان پاسو ڪرڻو پيو.اڄ مڪاني چونڊن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن ۽ ميمبرن جو هڪ عجيب قسم جي رويو مختلف ٽيليوزن تي ڏيکاريو پيو وڃي.جنهن ۾ ايم ڪيو ايم ڪارڪنن توڙي اميدوار پرجوش ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.جن کي ڏسي ڪري اهين لڳي رهيو آهي ڄڻ ته اليڪشن جا پهرين ايم ڪيو ايم ڪراچي اندر سليڪشن ڪري ڇڏي هجي.جڏهن ته ڪراچي پاڪستان توڙي دنيا جي وڏن شهر طور سڃاتو وڃي ٿو جنهن اندر هر قوم سان تعلق رکندڙ ماڻهو رهي ٿو.جڏهن ته ڪراچي ۾ اڪثر سنڌ جي اهي به خاندان مختلف علائقن ۾ رهن ٿا جيڪي سنڌ جي ٻهراين جي علائقن اندر معيشت نه هجڻ ڪري.ڪراچي ۾ اچي مقيم ٿيا آهن.جن ۾ اڪثريت سنڌي قوم جي آهي اتر توڙي لاڙ ڪاڇي ٿر سان تعلق رکندڙ آهن.

ڪراچي اندر اها به ڳالهه حيقيت تي ٻڌل ته آهي ته ڪراچي اندر ايم ڪيوايم جا ڪارڪنن توڙي عوام وڏي اڪثريت سان رهندڙ آهي پر ضروري ناهي ته سموري ايم ڪيم ايم پنهنجي جماعت سان مصلق هجي.ظاهري آهي ته رنجشون ضرور ٿينديون آهن،اهڙي ريت اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ايم ڪيو ايم جا ڪيترائي ڪارڪنن به ايم ڪيو ايم کان ڪن ڳاليهن سبب ناراض آهن.جن جي انڊرگرائونڊ پرچايو پيو وڃي.جڏهن ته ڪراچي اندر مڪاني چونڊن تي سلسلي ۾ پ پ جي نواجوان قيادت بلاول ڀٽي پڻ ڪراچي ۾ هڪ شاندار جسلو ڪيو.جنهن ۾ بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان جي عوام جي ميٽرو بس سرورس جو خواب ڏيکاري بيوقوف بڻايو پيو وڃي.جڏهن ته عمران خان ڪراچي اندر ٻئي ايم ڪيو ايم ٿيڻ ٿو چاهي.جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪراچي اندر هميشه دهشتگدري ڪئي آهي.پنهنجي ناني ذولفقار علي ڀٽي ۽ منهنجي شهيد امڙ محترمه بينظيرڀٽو هميشه لاءِ ملڪ مٿان پنهنجو جانيون قربان ڪيون آهن.جڏهن ته بلاول جهموريت جي به ڳالهه ڪئي ته پاڪستان اندر جمهوريت جي بچائڻ مشڪل آهي ۽ هو جمهوريت جو حامي آهي.ڪراچي اندر مڪاني چونڊون عوام لاءِ هڪ وڏو درس آهي ته ڪالهه جتي ڪراچي اندر قتل سري عام ڪيو پئي ويو.جتي ڪو به شهري محفوظ نه هو اڄ انهي ڪراچي اندر ڪيترو امن آهي،ڇا اهو امن ڪنهن سياسي حڪمران ۽ جو ڪم آهي يا اهو ڪارنامو پاڪ فوج يا رينجرز ڏانهن ٿو وڃي.ڇو ته اها ڳالهه به صاف آهي ته اگر ايم ڪيو ايم چاهي هان ته ڪراچي اندر امن بحال ڪرائي پئي سگهي.پر ايم ڪيو ايم جي عسڪري ونگ ڪراچي اندر جيڪا دهشتگردي پکيڙي انهي ڪراچي جي سموري زمين جا ٽانڊو ڪري ڇڏيو جتي پير رکڻ ڪنهن به انساني زندگي جي وس جي ڳالهه نه هئي.

هن وقت ايم ڪيو ايم جيڪڏهن ماٺ ۾ آهي ته انهي جو مقصد اهو ناهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ امن پرستي جي حامي آهي.پر انهي امن پرستي واري گس تي کيس فوج ۽ ريجنرز لٺ جي زور تي آندو آهي.مڪاني چونڊن ۾ عمران خان ۽ سلاج الحق دراني ۾ شامل آهن.پر اها به حقيقت آهي ته سراج الحق ۽ عمران خان سياسي ماحول ۾ ڀلي ڪئين به هجن ڪنهن سياستدان سان ڪيترا به اختلاف ڇو نه رکندا هجن.پر هو امن جي هر حالت ۾ امن پرستي ئي چاهين ٿا.۽ اهو به هجڻ گهرجي ته هر پاڪستاني سياستدان جي دل اند ملڪ لاءِ محبت ۽ امن پرستي هجڻ ضروري آهي.مڪاني چونڊن اندر ڪراچي جي 200کان وڌيڪ پولنگ اسٽيشن جي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.جنهن تي 7400سڪيورٽي اهلڪار ڊيوٽي ڪندا جن لاءِ ڏهه ڪمپنيون مقرر ڪيون ويون آهن.پر سوال وري به اهو آهي ته ڪراچي اندر جيڪي به پولينگون حساس آهن اهي ايم ڪيوايم جي علائقن سان تعلق رکندڙ آهن،انهي ڪري حڪومت جتي فوج مقرر ڪئي آهي اتي هو ايم ڪيو ايم جي رهنمائن کي پڻ هدايت ڪري ته هو پنهنجي ڪارڪنن ۽ اميدوارن جي اهڙي تاڪيد ضرور ڪن جن سان ڪا افراتفري پيدا نه ٿي.برحال اليڪشن ۾ باقي ٽي ڏينهن بچيا آهن ۽ ڪراچي سموري سياستدان جي گهيري ۾ آهي.اهڙي ماحول اندر جتي هر پارٽي جيت جي اميد کڻي اچي ڪراچي ۾ لٿي آهي اتي ڏسجي ته سوڀارو ڪير تو ٿي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *