مڇن کي وٽ ڪنهن لاءِ ؟ :وسعت الله خان

پاڪستان اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل جي ميمبرن کي ڀارتي ايجنسي را جي مداخلت جي باري ۾ ٺوسُ معلومات ۽ ثبوتن تي ٻڌل جيڪي ٽي دستاويز  فراهم ڪيا آهن ڇا اِهي دستاويز ”ملزم“ کي به ڪنهن سفارتي ”بيلف“ ذريعي موڪليا ويا؟ يا وري اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل کي انهن دستاويزن  جو مهربند اضافي لفافو ڏنو ويو، جنهن تي لکيل هجي ته”براءِ ملاحظه وزيراعظم شري نريندر مودي معرفت بان ڪي مون ٽپال گهر خاص نئين دهلي“ .

جيڪڏهن ائين نه ٿيو آهي ته پوءِ هن دستاويز جي مشقت جو مقصد ان کانسواءِ ٻيو ڇا  هي ته ملزم جي علم ۾ فردِ جرم آڻڻ بنا جيوري کي چيو وڃي ته فيصلو ٻڌايو. ۽ اها ڪهڙي مصلحت آهي، جنهن تحت پاڪستاني عوام ۽ ميڊيا کي انهن دستاويزن جي تفصيلن کان پري رکيو پيو وڃي. ڀارت ته دوست ملڪ به ناهي. جنهن جي باري  ۾ ”حساس“ معلومات عامُ ڪرڻ سان تعلقات خراب ٿي ويندا.

مون جهڙا ته اهو سمجھڻ کان به قاصر آهن ته ڀارتي وزيراعظم جي آمريڪي دوري دوران ٽيويهين سيپٽمبر تي جاري ٿيل گڏيل پڌرنامو پاڪستاني ميڊيا جي نگاهه کان ڪيئن اوجھل  ٿي ويو، جنهن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير جان ڪيري ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير سشما سوراج وچن ڪيو ته

(الف) اوباما-مودي ويزن مطابق آمريڪا-ڀارت لاڳاپن کي ايڪيهين صديءَ ۾ دهشت گرديءَ جي روڪ ٿام واري ڀائيواري (پارٽنر شپ) ۾ تبديل ڪيو ويندو.

(ب) ٻئي ملڪ متفق آهن ته القاعده ۽ ان جون ساٿاري لشڪر طيبه، جيش محمد، ڊي ڪمپني (يعني دائود ابراهيم) ، حقاني نيٽ ورڪ ۽ ٻيا علائقائي گروهه ڏکڻ ايشيا جي استحڪام لاءِ خطرو آهن.

(پ) ڌريون مطالبو ڪن ٿيون ته پاڪستاني ٻه هزار اَٺَ وارن ممبئي حملن جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٺهڙي ۾ آڻي.

(ت) ٻئي ملڪ ستاويهين سيپٽمبر تي گرداسپور ۽ پنج آگسٽ تي اڌمپور ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيل دهشت گرد حملن جي مذمت ڪن  ٿا.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وزيراعظم نواز شريف سلامتي ڪائونسل جي هڪ مستقل ميمبر آمريڪا جي باضابطا سرڪاري دوري تي روانو ٿي رهيو آهي.سلامتي ڪائونسل جي هن مستقل ميمبر کي اقوام متحده ۾ پاڪستان جي سفير ڊاڪٽر مليحا لوڌي ڀارتي مداخلت متعلق ٽيئي دستاويز اڳ ئي فراهم ڪري چُڪي آهي. نيو يارڪ ۾ وزيراعظم نواز شريف جان ڪيريءَ سان اڳ ئي چوويهه منٽ ملاقات ڪري چُڪو آهي. ٿي سگهي ٿو هن آمريڪا-ڀارت گڏيل پڌرنامي بابت پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو به هجي.

ڪجهه ڏينهن کانپوءِ جڏهن نواز شريف واشنگٽن ۾ اوباما ۽سندس ٽيم سان اجتماعي ۽ انفراندي طور ملندو ته ان کانپوءِ گڏيل پڌرنامو به جاري ٿيندو. ڇا ان پڌرنامي ۾ هي هوندو:

(الف) اوباما-شريف ويزن مطابق آمريڪا-پاڪستان تعلقات کي ايڪيهين صديءَ ۾ دهشت گردي جي روڪٿام واري ڀائيواري (پارٽنر شپ) ۾ تبديل ڪيو وڃي.

(ب) آمريڪا ۽ پاڪستان متفق آهن ته حساس ڀارتي ادارن طرفان پاڪستان جي اندروني معاملن ۾ مداخلت ڏکڻ ايشيا جي استحڪام جي منافي آهي ۽ ان کي فوري طور روڪيو وڃي.

(پ) ڌريون مطالبو ڪن ٿيون ته نواز شريف ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي قيام لاءِ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ جيڪو چار نقاطي فارمولا پيش ڪيو آهي، ان جي روشنيءَ ۾ ڀارت ۽ پاڪستان ڳالهين جو ٻه طرفو عمل بحال ڪن.

(ت) آمريڪا ۽ پاڪستان سمجھن ٿا ته ڪشمير مسئلي جو جلد کان جلد پرامن حل نڪري ته جيئن ڏکڻ ايشيا جي عوام لاءِ ترقيءَ جا دَرَ کُلي سگهن ۽  علائقي ۾ ايٽمي ۽ غير ايٽمي هٿيارن جي ڊوڙ ختم ٿي سگهي.

جيڪڏهن اهڙو يا ان جو به اڌ پڌرنامو جاري ٿي نه ٿو سگهي ته پوءِ ايتري ڀڄ ڍُڪ ۽ وٺُ وٺان ڇاجي لاءِ؟ جڏهن صاحبَ ماڻهو (عالمي برادري) ئي مُڇن جي تعريف نه ڪري ته پوءِ پنهنجي ڊرائيور، مالي، چوڪيدار ۽ آئيني اڳيان پنهنجي مُڇن کي وَٽُ ڏيڻ جو فائدو؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *