مير انسانيت جو علمبردار هو: ساٿي محمد صالح ڪاتيار

دنيا ۾ مقصدي جنگيون وڙهي قومن کي غلامي ۽ ظلم مان نجات ڏياري تاريخ جي ورقن تي پنهنجو نالو روشن ڪيو، اهڙا بهادر انسان هميشه دلين تي راڄ ڪن ٿا  ۽ سندس ڇڏيل مشن جو دڳ هر نسل لاءِ راهه مثل اڄ به آهي، سندس ڇڏيل رستو تبديلي آڻي ظلم مان ڇوٽڪارو ۽ هر نسل جي خوشحالي جي ضمانت آهي. سورهيه اڳواڻ خدمت جي جذبي سان ظالماڻي نظام جو خاتمو ۽ تعليمي سجاڳي جو سڏ جا خواها هوندا آهن انهن جي مقصدي جدوجهدآخري دم تائين جاري رهي آهي، پاڻ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندا آهن اهي منزل تي پهچڻ لاءِ وڏي کان وڏي جان جي قرباني ڏيئي هڪ دنيا آڏو مثال ٿي ويندا آهن، اهڙن بهادرن جي سچائي ويڙهه جي ڪري قومن ۾ هڪ گڏيل طاقت جو جذبو پيدا ٿي ويندو آهي ان بعد ظالماڻي نطام جو خاتمو آڻي فتح حاصل ڪئي ويندي آهي، سورهيه هميشه ٻين جي زندگي بهتر خاطر قرباني ڏيڻ ٿا ۽ سرمائيندارن ۽ جاگيردارن کي مات ڏئي ملڪ کي خوشحال ڪري اڳڀرو ڪندا آهن آيا آهن . سندن جدوجهد رنگ لاتو ته نسلن جو مستقبل سنوارجي ويندو آهي، جن قومن تعليم حاصل ڪري سورهيه اڳواڻن جي رهبري ۾ اڳتي قدم رکيا آهن، اهي اڄ دنيا ۾ قومون ترقي يافته ملڪن ۾ شمار آهن جيڪي بهادر سر جو سانگهو لاهي مقصدي جنگ ۾ سچائي سان اڳتي قدم رکن ٿا، انهن جي فتح يقيني آهي جيڪي جنگجو راهه ۾ ماريا به وڃن ٿا، اهي ڪڏهن به موت کان نه ڊڄندا آهن اهي شهادت ماڻي سرخرو ٿين ٿا، اهڙي پوئتي موٽڻ کي مهڻو سمجهندا آهن، انهن کي پنهنجي زندگي جو فڪر نه هوندو آهي ۽ اهي ٻين لاءِ قرباني ڏيئي دڳ ڇڏي ويندا آهن.

سورهيه مري سوڀ کي دل جا وهم وسار

هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين آڏي ڍال ۾ ڍار

متان تيخ ترار، مار ته متارو ٿئين. (شاهه)

اسان جي سنڌ ۾ اهرا بهادر پيدا ٿيا آهن، جن موت قبولي شهادت ماڻي آهي، ظالم جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو ۽ ڪنڌ ڪپايو آهي، انهن جا نالا دنيا جي بهادرن سان تاريخي مثال بڻيا آهن، فخر ايشيا ذوالفقار علي ڀٽو دنيا جو بهادر انسان جنهن اسلامي ڪاز لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ ملڪ کي شعوري طور اڀاري نالو روشن ڪيو، اهڙي بهادر انسان جا ٻه فرزند شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿي ڀاءُ شهيد شاهنواز ڀٽو به شهادت ماڻي نوجوانن جي دلين ۾ سمايل آهن، اڄ اهي کڻي جسماني طور تي اسان سان ناهن پر روحاني طور تي گڏ آهن . ميرمرتضيٰ ڀٽو 5 هزار سال موهن جي دڙي تهذيب جي شاهڪار علائقي لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ سنڌ ڌرتي جو املهه ماڻڪ 20 سيپٽمبر تي پوليس هٿان شهيد ٿي ويو، سندس ڀاءُ شاهنواز ڀٽي کي پئرس ۾ سندس پيءُ ذلفي جي خون جي پياسي آمر ضياءُ سازش طور زهر ڏياري مارائي ڇڏيو ان بعد شهيد مرتضيٰ ڀٽو ساٿين سميت جيڪا قرباني ڏيئي هڪ تاريخي مثال ڇڏيو آهي، اهڙا سورهيه مرڻ کان پوءِ زنده هوندا آهن، سندس ڇڏيل دڳ هر ظلم ڪندڙ لاءِ موت هوندو آهي، اڄ مير مرتضيٰ موجود نه آهي، پر سندس تبديلي مشن جو ڏهڪاءُ هر ظلم ڪندڙ جي دماغ ۾ ڪو ڪو لڳل آهي. مير انسانيت جو علمبردار غريب پرور، مظلومن جو ساٿي، ساٿين جو ساٿي هو، اڄ به ملڪ جا مظلوم طبقا کيس مثالي قرباني تي سرخ سلام پيش ڪن ٿا، نوجوان سندس جدوجهد واري مشن تي فخر ڪري سندس دڳ تي هلندي ظالماڻي نظام جي خاتمي ۾ شامل عمل آهن. سنڌس پيءُ کي آمر ضياءُ الحق قيد ڪري تشدد ڪرائي مارائي ڦاسي جو ڊرامو رچايو، پاڻ پنهنجي پيءُ جي چوڻ تي ٻاهرين دنيا روانا ٿيا ۽ جلاوطني قبول ڪئي، ٻاهر رهي اسلامي ڪاز لاءِ ٻين تنظيمن سان جنگ ۾ حصو وٺي دنيا جي ليڊرن وٽ پاڻ مڃرايو، انهي ڪري سڀني ملڪن جي سربراهن سندس جدوجهد تي کين مان ڏنو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏسي کين شاباس ڏني، مير پنهنجي پيءُ کي قيد ۾ ۽ مظلوم ماڻهن تي آمر ظلم جي انتها تي هن للڪار ڪندي تنظيم ٺاهي، اعلان ڪيو ته تشدد جو جواب تشدد سان ڏنو ويندو، آمر جي اڳيان مصلحت نه ڪبي، هر ظلم ڪندڙ کان پلاند ورتو ويندو، جي ماريا وياسين پوءِ به ڪردار وارو مثال هميشه زنده رهندو، اسان جو رستو ظلم مان نجات، عذار ۽ ظلم ڪندڙ لاءِ موت هوندو، مقصدي جنگ :طم خلاف فتح حق ۽ سچ جي ٿيندي، نيٺ ته صبح ٿيندو، انڌيري رات هميشه رهڻي ناهي.

سوڀون سر گهرن ٿيون، سر ڏيڻ بهادرن جو رتبو آهي، پتنگ باهه ڏسي نه موٽندا آهن، مير جي مثالي جدوجهد نوجوانن لاءِ راهه مثل بڻيل آهي. مير بابا ملڪ ۾ وڏي تبديلي ٿي چاهي، جيڪا غريبن جي سوچن جي تعبير هئي، ان ۾ انصاف يقيني هو، پاڻ غريبن جو همدرد رهيا پنهنجي پيءُ جي فڪر جيڪو غريبن جي جيئڻ جو پورائو ۽ زندگي هو، ان جي پاسداري ۽ اسلام جي سربلندي لاءِ جاکوڙ سنڌ جي هيري جو وڌيڪ دنيا ۾ نالو روشن ڪيو هن مساوات ٿي چاهي، پاڻ اهڙا مثال غريبن وٽ وڃي اختيار ڪيا، غريبن جي دل جي چاهت ٿي ويو، انقلابي جدوجهد ۾ وقت درڪار هوندو آهي پوءِ جيڪا تبديلي ايندي آهي جيڪا معاشري کي سنواري، ظلمت جو خاتمو آڻي انصاف مهيا ڪندي آهي

**********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *