ميان صاحب هڪ دفعو وري مزاحمت جي موڊ ۾.: شفيق شاڪر

ڪيترن ئي ڏينهن کان ملڪ ۾ پکڙيل سياسي انتشار، غيريقيني ۽ ڇڪتاڻ واري ڪيفيت ۾ جڏهن وزيراعظم ميان نوازشريف جي قوم کي خطاب ڪرڻ واري خبر سامهون آئي هئي ته ملڪ جي ساڃاه وند ڌرين ۾ اها اميد ڪئي پئي ويئي ته ميان صاحب ڪنهن سياسي بصيرت جو مظاهرو ڪندي اهڙو واضح ۽ چٽو اعلان ڪندو جنهن سان پاناما ليڪس وارو معاملو ڪنهن مناسب ۽ باوقار طريقي سان حل ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿيندو ۽ عوام توڙي ٻين سياسي ڌرين جي اطيمينان جو ڪو سامان پيدا ٿي پوندو پر هتي ته معاملو ئي ابتڙ نڪتو! ميان صاحب جي تقرير جيڪا اڃا تائين ته گھڻن جي سمجھ ۾ نه آئي آهي تنهن هيڪاري معاملن کي وڌيڪ منجھائي ۽ سياسي گرميء ۾ اضافو ڪري وڌو آهي.خبر ناهي ميان صاحب جي جن صلاحڪارن کيس “عظيم سياسي بصيرت”  سان لبريز اها تقرير لکي ڏني هئي تن جو ميان صاحب تي ڪهڙو پراڻو پلاند رهيل هو جيڪو وٺڻ جي هنن ڪوشش ڪئي آهي.

هونئن ميان صاحب جي پنهن جي ماضيء جي تاريخ به سندس انهن “شاندار سياسي بصيرتن” سان لبريز رهي آهي. ستل نانگ تي لت ڏيڻ، رستي تي پيل بم کي ٿڏو هڻڻ،ککرن ۾ کڙا هڻڻ، خطرن سان کيڏڻ ۽ مهمجوئين  جا مقابلا ڪرڻ ميان صاحب جو محبوب مشغلو ۽ شاندار شوق رهيو آهي. سندس شان حڪمرانيء جي ڪتاب جا ورق ورائي ڏسو ته خبر پوندي ته ميان صاحب سدائين “اصولن جي صاف سٿري” سياست ڪندي ڪنهن به آرمي چيف سان نه ٺهيو سواء پاڪستاني تاريخ جي بدترين آمر جنرل ضياء جي. اهڙيء طرح هو ڪنهن به صدر سان مفاهمت وارو رويو اختيار نه ڪري سگھيو سواء رفيق تارڙ ۽ ممنون حسين جي.سپريم ڪورٽ جي ڪنهن به چيف جسٽس سان نه ٺهيو سواء چوڌري افتخار حسين جي.حزب اختلاف جي ڪنهن به ليڊر سان سندس تعلقات ڪڏهن به صحيح نه رهيا سواء سيد خورشيد شاه جي.سو ماضيء جي ان تاريخي آئيني ۾ ڏسجي ٿو ته صرف زورآزمائي،مزاحمت،مقابلو،هوڏ،انا،ضد،تڪبر۽ آمراڻو طرزعمل ئي نظر اچي ٿو.جن دانشورن ۽ صحافين يا عوام کي جيڪر اڄ به اها خوشفهمي آهي ته ميان صاحب بدلجي چڪو آهي،يا سندس سوچ يا روين ۾ ڪا تبديلي آئي آهي يا جمهوريت جي ديويء کيس پالش ڪري باقائدي هڪ جمهوري ليڊر بنائي ڇڏيو آهي يا وقت جي وهڪرن کيس ڪو سياسي سبق سيکاريو آهي ته اهڙن ماڻهن جي ساده دليء تي صرف ماتم ئي ڪري سگھجي ٿو.ميان صاحب ڪجھ به نه بدليو آهي نه سندس سوچون ۽ نه ئي سندس انداز حڪمراني! هو اڄ به ٺيٺ واپاري آهي جنهن کي طاقت جي نشي وڌيڪ آمر،هٺيلو،ضديلو ۽ لالچي بنائي ڇڏيو آهي.سو ان پس منظر کي سامهون رکندي اهو اندازو لڳائڻ بلڪل مشڪل ناهي ته ميان صاحب هن معاملي ۾ به پنهن جي هوڏ ۽ ضد تان نه لهندو بلڪه هن جي تقرير مان صاف ظاهر آهي ته هن ان معاملي کي جمهوري انداز ۾ باوقار طريقي سان منهن ڏيڻ بدران جھيڙي وارو رستو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.جن اڪابرن کي ميان صاحب طرفان سپريم ڪورٽ ذريعي جوڊيشل ڪميشن جو اعلان مثبت ۽ نتيجاخيز نظر اچي رهيو آهي انهن کي ايندڙ چند ڏينهن ۾ سخت مايوسي ٿيندي جو ڪميشن ٺاهڻ جو اهو اعلان ، معاملو حل ڪرڻ لاء نه پر معاملي کي وڌيڪ منجھائڻ لاء ڪيو ويو آهي جنهن طرف ان ڪميشن جا ٽي آر اوز واضح نموني اشارو ڪري رهيا آهن.سو پهرين ڳالھ اها ته ان ڪميشن تي نه ته حڪومت مخالف سياسي ڌريون ئي متفق ٿينديون ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ اهڙن منجھيل ۽ تڪراري ٽي آر اوز تحت ڪا جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ قبول ڪندي.

سڄو جھيڙو پاناما ليڪس تي متل آهي پر جوڊيشل ڪميشن 1857ع جي ايڪٽ تحت ٺاهي ان کي 1947ع کان ٿيندڙ هر ڪرپشن جي جاچ ڪرڻ جي صلاح ڏني پيئي وڃي.يعني پاڪستان جو هر اهو ماڻهو جنهن ڪٿي به ۽ ڪڏهن به ڪا ڪرپشن ڪئي هجي ،ڪڻڪ جون ٻوريون لڪايون هجن،مسجد مان جوتا چوراياهجن،اسڪول ٺاهڻ وقت سيمنٽ صحيح استعمال نه ڪيو هجي ،پهرين انهن سڀني جو احتساب ٿيندو۽جڏهن ڪميشن ان سموري ڪم کان واندي ٿئي ته پوء ڀلي پاناما ليڪس واري معاملي جي به تحقيقات ڪري!انهيء کان وڌ ٻي قوم سان ڪهڙي مذاق ٿي سگھي ٿي.

هاڻي ٿورو ذڪر وزيراعظم جي تقرير جو ڪيون جيڪا مختلف سوالن،مطالبن، الزامن،طعنن، مهڻن، شڪايتن،روڄ راڙي ، پنهن جي آتم ڪهاڻي ۽ پنهن جي خاندان جي پارسائي،پنهن جي مٿان ٿيل ظلمن ۽ ستمن،ڏوراپن ۽ آخر ۾ ڌمڪين جو مرڪب هئي.خبر ناهي ان سموري فضول گفتگوء مان ميان صاحب ڇا حاصل ڪرڻ گھريو ٿي ۽ هن ڇا حاصل ڪيو؟

پنهن جي جمهوري جدوجهد،سياسي جرئت ، قيد بند ۽ جلاوطنيء جا داستان ٻڌائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي پر جيڪر اهو داستان ٻڌائڻ ايترو ئي ضروري هو ته پوء ميان صاحب قوم کي اهو سچ به ته ٻڌائي ها ته هن ان وقت جي آمر سان معاهدو ڪري مقدس ملڪ جو گس ڇو ورتو ۽ وقت جي ان آمر سان حساب ڪتاب ڪرڻ کان سندس طاقتور حڪومت کي ڪنهن روڪيو هو؟ اهو به ٻڌائڻ کپندو هو ته مشرف کي ڪنهن سازش ڪري جهاز ۾ ويهڻ ڏنو. اهو به ته ان ئي آمر جا اڪثر وزير ۽ مشير اڄ ميان صاحب جي حڪومت جو اهم حصو ڪنهن بڻايا؟

هاڻي اچو ميان صاحب جي انهن مطالبن جي فهرست تي جيڪي هن تقرير دوران ڪيا. ان کان وڌيڪ عجيب ڳالھ ٻي ڪهڙي ٿي سگھي ٿي جو ميان صاحب پاڻ وزيراعظم هوندي ٻين کان احتساب جا مطالبا ڪري رهيو آهي.حڪومت اهو احتساب ڪري ڇونٿي، آخر حڪومت کي ڪنهن روڪيو آهي؟

سازشن جا حوالا به ڏنا ويا،ميڊيا،مخالف ڌر ۽ مقتدر ادارن کي به تنقيد جو نشانو بنايو ويو،پنهن جي پارسائيء جا قصا به ٻڌايا ويا،مظلوميت جا داستان به بيان ٿيا،عوامي حمايت جون دعوائون به ڪيون وييون پر ان سڄي لاحاصل گفتگوء مان ڪابه شيء حاصل نه ٿيندي سواء ان جي ته ميان صاحب کي اڄ نه ته سڀاڻي احتساب جي ان بيرحم عمل مان گذرڻو ضرور پوندو جو اهو معاملو ايترو آسانيء سان ماضيء جيان ڪنهن سردخاني ۾ دفن ٿي نه سگھندو.

*********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *