مونکي شان جاقاتل ڳولهي ڏيو؛فوزيا ڏهر /باڊهه

اسان جو جنهن معاشري سان تعلق آهي اتي جون ڌيئر، ڀيڻيون يا نياڻيون بازارين ۾ ناهين اينديون، اگر اينديون به آهن ته ان مان اهو سمجهيو ويندو آهي ته ڪا مصيبت ان نياڻي کي بازار ۾ آندو آهي مونسان به ائين آهي هوئين به بازار ۾ اچي پنهجي ڀاءُ جي حق جي فرياد ڪرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي بازار ۾ اچڻ ” سنتِ زينب“ آهي يزيد هجي يا يزيدي ذهن هڪ ظالم قاتل بي حسيءِ جا سمورا رڪارڊ توڙي ڇڏيا آهن منهنجي خاندان جو اڪيلو/ آخري مرد هو منهنجو ڀاءُ ”شان“ اسان کان انهيءِ جو به سايو کسيو ويو، مان اڄ به مجبور ٿي توهان ڀائرن جي آڏو فرياد کڻي آئي آهيان ته منهنجو ساٿ ڏيو ۽ مونکان ٻڌو ته ان رات 1 جنوري 2014 جي رات منهنجي ڀاءُ شان ڏهر سان ڇا ٿيو

هڪ بيگناهه جي قتل تي ايتري خاموشي آخر ڇو!!؟ باڊهه جا چڱا مڙس ڪٿي آهن؟ باضمير ۽ با شعور ماڻهن پنهنجي زبانن تي تالا ڇولڳائي ڇڏيا آهن!شهيد شان ڏهر چوڪ/ قاتل پاڙو جنهن کي اڳ چنه محله يا بدر چوڪ چوندا هئا انهن گهٽين مان اگر ڪوئي لنگهندو آ ته انهن ڀوتارن کي گهر ويٺي خبر پوندي آهي پر انهن جي گهرن اڳيان هڪ بيگناهه انسان قتل ٿي ٿو وڃي پر انهن کي خبر ئي نٿي پئي!! اهو ڪيئن ممڪن آ؟ پر جي خاموش آهن ته ڇو آهن؟ يا اهو خاندان جن جو جوان فائرنگ جي الزام ۾ هن مهل تائين دنيا ۽ قانون جي سامهون بقول پوليس جي ته شان ڏهر کي مبينه نصرالله تنيو جي گولي لڳي آهي انهن به خاموشي اختيار ڪئي آهي آخر ڇو؟ ڇا نصرالله تنيو واقعي ڏوهي آ؟ اگر نه ته انهن کي پنهنجي بي ڏوهي هجڻ ثابت ڪرڻ گهرجي يا زهري برادري شان ڏهر دنيا مان رخصت ٿيندي چئي ويو ته مونکي ”زهرين جي گولي لڳي آهي“ منهنجي محترم زهري ڀائرن کي اها ڳالهه خراب لڳي ته اسان جي ساک خراب ڪئي پئي وڃي ادا ائين ناهي اسان جي توهان سان ڪا به دشمني ڪانهي نه توهان کي سڃاڻو ته توهان آهيو ڪير پروردگار توهان جي عزتون برقرار رکي اگر ڪنهن توهان جي عزت/ساک خراب ڪئي ۽ اسان کي يتيم ڪيو ته پوءِ اچو مون نڌڻڪي نياڻي سان ساٿ ڏيو ۽ ان قاتل ڱي وائکو ڪيو غيرتمند ڀائرو نياڻين کي ته اڪيلو ناهي ڇڏبو توهان ڪيئن ٿا مونکي اڪيلو ڪيو،

توهان کي اهو به ٻڌائيندي هلان ته ان رات باڊهه جي سٽي بلاڪ ( جيڪو ميڊيڪل سينٽر آ) اتي منهنجي ڀاءُ جو علاج نه ٿيو ڊاڪٽر غفار ڪانڌڙو جيڪو انهي ميڊيڪل سينٽر جو ايم ايس هو ( جيڪو هاڻي شان ڏهر جي قتل ڪيس ۾ معطل آهي) ان رات شان ڪجهه ماڻهن جي مدد ڪرڻ لاءِ اتي بيٺو ۽ ڊاڪٽر غفار کي زبردستي غريب مريضن عورتن جي مدد/ علاج ڪرڻ لاءِ فون ڪئي ڊاڪٽر ان رات دوستن جي شراب جي محفل ۾ مصروف هو ڀاءُ شان ميڊيڪل اسٽور به فون ڪري کولرايو ۽ رڪارڊنگ به ڪئي اندر هاسپٽل جي رڪارڊنگ ڪئي جنهن تي ڊاڪٽر غفار ڪانڌڙو ۽ ميڊيڪل اسٽاف اعتراض ڪيو اها رڪارڊنگ 11:23 کان 12:12 تائين جي آهي شان پنهنجي ڪم ۾ مصروف رهيو ۽ ٻاهر نئين سال جي فائرنگ ٿئي ٿي ۽ ڪجهه ٽائيم بعد نئين سال جي خوشين واري فائرنگ ختم به ٿي وئي شان کي ڌمڪايو به ويو ته تو رڪارڊنگ ڪري سٺو نه ڪيو آ( توکي ڏسون ٿا) شان واپس ڪئميرا بند ڪري اچي ذوالفقار ڀٽي جي اسٽور تي  بيٺو يا شان کي مني ڪانڌڙي جيڪو ان هاسپٽل جو چوڪيدار هو اچي اسٽور تي بيهاريو ته پويان گولي لڳي،

تنهن کان پوءِ شان کي زخمي حالت ۾ کڻي هاسپٽل جي ڪمري ۾ ڪلاڪ ڏيڊ رکيو ويو ان جي ڍيٽا ( ڇو ته شان وٽ ليپ ٽاپ ۽ ڪئميرا هئي) ڊليٽ ڪرڻ لاءِ گهران ڇوڪرو گهرايو ويو جنهن کي شان ڏسي ورتو هاڻ اهو علاج جيڪو ڊاڪٽر غفار ڪيو هو هڪ پهو جنهن تي صرف پايوڊين  لڳائي وئي ۽ گولي جي سوراخ تي رکيو ويو ۽ بس ٻيو ڪجهه به علاج نه ڪيو ويو ،

شان جو خون ضايع ٿيندو رهيو _ باڊهه کان لاڙڪاڻي تائين پهچندي اهو به لهي ويو چرڻ پرڻ سان سخت سرد رات ۾ شان جي مٿان ڪو ڪمبل يا سوڙ يا ڪو ٻيو گرم ڪپڙو نه وڌو ويو نتيجو اهو ٿيو جو جڏهن لاڙڪاڻي پهتو ته ان جون رڳون سيز ٿي چڪيون جو ڪا ڪينولا لڳائڻ به ممڪن نه رهيو. سوال آ ته ڊاڪٽر غفار اها لاپرواهي ڇو ڪئي هو ته شان جي فيملي کي چڱي طرح سڃاڻي پيو ڀينرن کي واقعي متعلق فون ڇو نه ڪئي جڏهن ته شان جي موبائيل فون ۽ ليپ ٽاپ سڄي رات ڊاڪٽر صاحب وٽ هئا شان جي فون مان اسان کي ڪال ڪري وٺي هان ته ڪو هرج ڪونه هو باڊهه وارن کي سجاڳ ڪرڻ شان جي ڀينرن جو ڪم هو ۽ زخمي ڀاءُ کي لاڙڪاڻي تائين بر وقت ڪير نه کڻائي وڃي هان؟ بعد ۾ ڊاڪٽر چيو ته مون وٽ ڪو گرم ڪپڙو نه هو شان جيڪا رڪارڊنگ ڪئي انهن ۾ 11:06 منٽن تي ڊاڪٽر غفار جي آرام جو ڪمرو هو ان ۾ ڪمبل ۽ سوڙ رڪارڊنگ دوران پڻ نظر آيو اگر ڪنهن کي ڏسڻي هجي ته وچ شهر ۾ اسڪرين ۽ پروجيڪٽر جو مان بندو بست ڪري دنيا ۽ ڊاڪٽر صاحب کي ڏيکارڻ لاءِ تيار آهيان هن اها لاپرواهي ڇو ڪئي وچ شهر ۾ اچي ڊاڪٽر جواب ڏي اصل ۾ ڊاڪٽر غفار ڪانڌڙي کي شان مان ڪا تڪليف هئي ڇو ته ان کي خبر هئي ته شان هاسپٽل جي دوائن تي ڪم ڪري رهيو هو شان کي سرڪاري دوائن جي وڪري بابت رپورٽ ٺاهيو رهيو هو.  اگر اهو سڀ ڪجهه ميڊيا تي اچي ويو ته ڊاڪٽر لاءِ مسئلو ٿي ويندو ڊاڪٽر صاحب تون ته مسيحا آهين تون ڪيئن ٿو اهڙو ڪڌو ڪم ڪري سگھين سرڪاري دوائون وڪرو ڪري ھوٽلن تي ويھي چيڪ ٿو وٺي يا سردي ۾ ٿو مارائين؟ پر جيڪڏهن تون بي ڏوھي آھين ۽ اسان وارث غلط ٿا سمجھون ته پاڻ کي ھڪ سال گذرڻ باوجود بيگناھه ثابت ڇو نه ڪري سگھيوآھين.  تو وٽ ته پيسا به آهن هٿيار به آهن طاقت به آهي اچ ۽ منهنجو ساٿ ڏي ۽ انهن سمورين شين جي صحيح استعمال ڪري پاڻ تان قتل جهڙو لعنتاڻو لاهه اصل قاتل کي وائکو ڪرڻ ۾ مدد ڪر مونکي  ڌمڪاءِ نه،

يا اگر ڪو باڊهه واسي مون تي ثابت ڪري ته انهن جو شان ڏوهي هو ته مان به وڏي واڪي معاف ڪرڻ لاءِ تيار آهيان نه ته  او قاتل تنهنجو هي عمل معاف ڪرڻ جوڳو نه آهي تون اچي منهنجي گهر جي شامِ غريبان ته ڏس جتي اونداهي رات ٽڪي پئي آهي منهنجي گهر جي سونهن اجڙي وئي آهي ويران گهر ٻه ضعيف امڙِيون 80 سالن جي ماسي 75 سالن جي ماءُ ٻه نڌڻڪيون ڀينر ۽ ٻه معصوم نياڻيون 6 عورتن جو اڪيلو وارث تنهنجي گولي جو کاڄ بڻجي ويو شان جي امڙ دل جي مريض ۽ اکين کان به هاڻ ڏسي نٿي سگهي شان ڀينرن جي غير موجودگي ۾ امڙين کي اٿاريندو ويهاريندو هو هاڻ امڙ نظر نه اچڻ سبب زخمي ٿي چڪي آهي ڇو ته انهن کي ڪو اٿارڻ ويهارڻ وارو نه رهيو آهي او قاتل تون جيڪڏهن منهنجي ڀاءُ شان جي سيني تي گولي هلائين ها ته مان توکي بهادر سمجهان ها تون هڪ غريب اڪيلي هر طرح جي هٿيار کان هٿ خالي جنهن وٽ صرف صحافت جو سامان قلم،ڪاغذ ۽ ڪئميرا هئي تنهن کي تون رات جي اونداهي ۾ پٺ تي گولي هلائي تون سمجهين ٿو ته ڪو وڏو ڪارنامو ڪيو آ!!

قاتل کي سمجھڻ گهرجي ته رڳو مان نه پر ٻچو ٻچو رهندي دنيا تائين تنهنجي بزدلي تي لعنت وسائيندو رهندو هڪ ڏينهن ضرور ايندو جو تون قانون جي گرفت ۾ ايندين تون مون کان ته لِڪيل آهين پر منهنجي پروردگار کان لِڪيل ناهين اهو ئي تنهنجو پردو فاش ڪندو ۽ بهترين انصاف ڪرڻ واري جيڪا ذات آ نه وسار ته ان کي (رب) چئبو آ.

*******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *