منيٰ سانحي ۾ ايران جا پاسداران انقلاب ملوث آهن: سيف الله خالد

منيٰ وارو حادثو حاجين جي بدنظمي جي ڪري پيش نه آيو هو پر اها ڀاڄ ايران جي سپاهه پاسدران انقلاب جو پلان ”بي“ هو. ڄاڻو ذريعن موجب سعودي عملدارن وٽ ان حوالي سان آڊيو ۽ وڊيو ثبوت به موجود آهن انهن ذريعن جو اهو چوڻ آهي ته پاسدران انقلاب جو اصل منصوبو ڪعبي جي طواف دوران وڏي پئماني تي هنگامو ڪرڻ هو ان کانپوءِ تهران پاران حرمين شريفين جا انتظام سعودي حڪومت کان وٺڻ جو مطالبو ڪيو وڃي ها بهرحال منصوبي جي کڙڪ پوڻ تي سعودي سيڪيورٽي فورسز بروقت قدم کڻندي سازش ناڪام بڻائي ڇڏي. ذريعن موجب ايران ان منصوبي تي عملدآمد خاطر وڏي تعداد ۾ پاسداران انقلاب جي ڪمانڊرن کي ڪوڙن دستاويزن ذريعي حجاز مقدس اماڻيو هو. هاڻي ايران پاران چيو پيو وڃي ته ان جي اهم ذميوارن مان ڪجهه سانحي ۾ مارجي چڪا آهن ۽ ڪجهه زخمي آهن. جڏهن ته وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي گم ٿيڻ جا يا گرفتار ٿيڻ جو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

بهرحال اڃا تائين رڳو چئن ماڻهن جي گرفتار هجڻ جي تصديق ٿي سگهي آهي. ٻئي طرف سعودي عملدارن جي دعويٰ آهي ته انهن ڪنهن ايراني کي گرفتار ناهي ڪيو، جن گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا لاءِ ايراني حڪومت چئي رهي آهي انهن جو نالو حج واري فهرست ۾ ئي نه آهي. ميڊيا کي هڪ سعودي ذميوار ٻڌايو ته ان وٽ ان حوالي سان آڊيو وڊيو ثبوت موجود آهن جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته منيٰ سانحي جي ذميواري ايران تي لاڳو ٿئي ٿي. ذريعن موجب ثبوت موجود هجڻ باوجود سعودي حڪومت ان سانحي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال  پئي ڪري حرمين شريفين جو تقدس مجروح نه ڪندي پر پهرين ترجيح طور اهڙن قدمن تي زور ڏنو پيو وڃي ته آئنده اهڙي سازش ڪامياب نه ٿي سگهي. هڪ  ٻئي ذريعي ٻڌايو ته ثبوت مڪمل آهن پر سعودي حڪومت الزام لڳائڻ واري راند ۾ حصيدار بڻجي حرمين جي دشمنن جي راند ۾ شريڪ نه ٿيندي ان معاملي ۾ خاموشي ان لاءِ اختيار ڪئي وئي آهي ته جلدي ئي  سانحي ۾ ملوث ڪردار پاڻ ئي ذميواري قبول ڪندا نظر ايندا.

ٻئي طرف سعودي پرڏيهي وزارت جي هڪ ذريعي دعويٰ ڪئي آهي ته جيڪڏهن منيٰ حادثي جي ذميوارن ملڪ دشمن سازشون بند نه ڪيون ته سعودي حڪومت سڀئي آڊيو وڊيو ثبوت منظر عام تي آڻڻ جو فيصلو به ڪري سگهي ٿي. حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته حادثي جي فورن بعد سعودي حڪومت تي الزام هڻندڙ ايراني حڪومت جي صحت جو وزير حسن هاشمي 30 سيپٽمبر تي جده پهتو جنهن نه رڳو سعودي حڪومت جي انتظامن جي تعريف ڪئي پر ان حادثي کي انساني غلطي قرار ڏئي سعودي حڪومت جي انتظامن کي مثالي قرار ڏنو. هن پنهنجن گم ٿيل  ماڻهن جو معاملو پهريون ڀيرو ميڊيا جي سامهون کنيو تنهن هوندي به هن سڀني گم ٿيل  ماڻهن لاءِ اڳوڻا سفارتڪار جو لفظ استعمال ڪيو پر انهن جي هاڻوڪين ذميوارين بابت ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ۽ جن گم ٿيل ماڻهن بابت هن اعتراف ڪيو  ته انهن جو تعلق پاسداران انقلاب سان آهي انهن جا نالا گول ڪري ويو. ان حوالي سان ايراني ميڊيا به دٻيل  لفظن ۾ اصل داستان بيان ڪندي نظر اچي رهي آهي خود ايراني نيوز ايجنسيون جن ۾ پارس ۽ تسنيم سر فهرست آهن انهن  انقلابين کي خراج تحسين پيش ڪري رهيون آهن جن عظيم ايراني منصوبي کي عملي  جامو پهرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. مليل معلومات ۾ ڄاڻايو ويو ته ايراني حڪومت منصوبي تحت طواف دوران هنگامو ڪرائي اهو مطالبو رکڻ چاهيندي هئي ته حرمين شريفين کي سعودي حڪومت جي ڪنٽرول کان وٺي ان کي اوپن سٽي قرار ڏنو وڃي پر انهن جو منصوبو ذوالحج کان اڳي  ئي بينقاب ٿي ويو جنهن ڪري انهن پلان ”بي“  تي عمل ڪيو واقف ذريعن جي دعويٰ آهي ته پلان بي جو مقصد به عالمي سطح تي سعودي حڪومت کي حج انتظامن لاءِ نااهل قرار ڏيندي حرمين کي اوپن سٽي قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪرڻ هو. پر جيئن ئي کين معلوم ٿيو ته انهن جا ماڻهو گم يا گرفتار ٿي چڪا آهن تڏهن انهن پنهنجو رويو تبديل ڪيو ۽ کين گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي جو فڪر ٿي پيو. جن کي عالمي ميڊيا تي آڻي سعودي حڪومت ايران جو منصوبو انهن تي الٽو ڪري سگهي ٿي. ڄاڻو ذريعن موجب اصل  منصوبو جنهن  ۾ طواف دوران هنگامو ڪرڻو هو لبنان ۾ حزب الله جي زير نگراني ٺاهيو ويو هو پر جڏهن اهو منصوبو سعودي حڪومت جي ڄاڻ ۾ اچي ويو تڏهن ان جو متبادل پلان بي ايراني اڳواڻ آيت الله خامنائي جي آفيس ۾ اعليٰ قيادت جي نگراني هيٺ تيار ٿيو ان جي ذميواري خامنائي جي آفيس جي ڊائريڪٽر پروٽوڪول ۽ ڊگهي عرصي تائين لبنان ۾ ايراني سفير جي حيثيت سان حزب الله جي سرپرستي ڪندڙ غضنفر کي سونپي وئي جيڪو صحت جي ايراني وزير هاشمي جي بقول منيٰ حادثي کانپوءِ گم آهي جڏهن ته ايراني نيوز ايجنسي موجب اهو حراست ۾ به ٿي سگهي ٿو. هن سان گڏ هڪ  صاحب جنهن جو  ايراني وزير صحت اڳوڻو سفارتڪار چئي تعرف ڪرائي رهيو آهي اهو پاسداران انقلاب ايران جي ڊائريڪٽر اسٽريٽجڪ اسٽڊي علي اصغر فولادگر آهي جيڪو ان منصوبي ۾ غضنفر جي نائب جي حيثيت سان ڪم  ڪري رهيو هو. هن جي ٻين ساٿين ۾ پاسداران انقلاب جا اعليٰ عهديدار حسن دانش، فواد مفلي، عمار مير انصاري ۽ حسين حسني به شامل آهن. ٻئي طرف پاسداران انقلاب جي ويجهو رهندڙ ايراني نيوز ايجنسي تسنيم اها ڳالهه قبولي آهي ته اهي تبديل ٿيل جعلي شناخت تي حج ۾ شريڪ  هئا ۽ انهن ماڻهن جي گرفتار هجڻ جو به خدشو ڏيکاريو پيو وڃي. غضنفر لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهو حزب الله کي نه رڳو ايراني هٿيارن جي فراهمي جو ذميوار هو پر ايرانين ميزائلن جي پروگرام کان به  لاڳاپيل رهيو آهي غضنفر 9 ذوالحج تي به هڪ شرارت ڪئي ۽ ايراني حاجين جي ڪئمپ ۾ آيت الله خامنائي پاران مشرڪين سان اعلان برات جي نالي سان خطبو پڙهي ٻڌايو ذريعن جي دعويٰ آهي ته اهو خطبو ئي اصل ۾ ايندڙ ڏينهن حادثي لاءِ تيارين جو پهريون مرحلو قرار ڏنو پيو وڃي. ايران قبول ڪيو آهي ته ان حادثي ۾ ان جا چار سفارتڪار به مارجي ويا آهن پر ان جي موجوده ذميوارن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهن ۾ وزارت خارجه جو ڊپٽي ڊائريڪٽر پروٽوڪول احمد فهميا ڊائريڪٽر انسپيڪشن اينڊ سريولينس اڳوڻو سفارتڪار ٻڌايو پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *