منهنجو مامو سڪندر علي ساريو، هيو غريبن جو سهارو: ماما محمد رمضان ساريو، سماجي ورڪر

ماما سڪندر علي ساريو جي مون سان ملاقات 1972ع ۾ پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي ۾ٿي، درگاهه ملوڪ شاهه بخاري تي درگاهه جي گادي نشين قربان علي ٻگهيو فقيرن سميت مهمان زائرين کي هڪ پيالو چانهه جو پياريو، بعد ۾ ماما سڪندر علي ساريو سان گڏ ٻيا دوست به هئا، جن ۾ مامو غوث بخش ساريو، ماما محمد يوسف ساريو، ماما نياز حسين ساريو، محمد هاشم ساريو جيڪي ڳوٺ ليماڻي ساريه ۽ برادي ساريه جا رهاڪو هيا کي پنهنجي اوطاق تي وٺي آيس، سڀني عزيزن دوستن کي ماني کارائي بعد ۾ سڀني گڏجي چانهه پيتي، بعد ۾ ٻيا دوست ٽولن جي صورت ۾ آيا، مان انهن کي نمبر وار ماني کارائي ۽ چانهه به پياري ماما سڪندر علي ساريو مون کي ڏسي حيرت ۾ اچي ويو، انهيءَ جا لفظ ته اوهان کي ايتري آمدني به نه آهي، هن ننڍڙي دڪان تي اوهان هي وڏي عبادت ڪري رهيا آهيو ۽ اوهان کي منهنجي طرفان جس هجي جو اوهان اڪيلا ٿي انسان ذات جي خدمت ڪئي آهي، انهيءَ ڏينهن کان پوءِ ماما سڪندر علي ساريو منهنجي ملاقات ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ڪنهن نه ڪنهن آفيس ۾ ٿيندي هئي ۽ انتهائي خوشيءَ سان ماما چئي ڀاڪر پائي ملندو هيو ۽ حال حوال سماجي ڪم ڪرڻ بابت صلاح مشورو به ٿيندو هيو انهيءَ وچ ۾ چانهه يا وري مشروب به ٿيندو هيو بل ڏيڻ تي مون کي ماما سڪندر علي ساريو روڪيندو هيو ۽ بل جي ادئگي پاڻ ڪندو هيو، جڏهن اتان واپسي ٿيندي هئي ته مون کي پهريان ضرورو معلوم ڪندو هيو ته ماما ڪنهن آفيس ۾ اوهان جو ڪم مان چوندس ها ڪم آهي پوءِ اتي ٻئي گڏ هونداسون، آخر ۾ سڀئي ڪم ختم ڪرڻ کان پوءِ ماما سڪندرعلي ساريو پنهنجي موٽر سائيڪل جيڪا انتهائي پراڻي هوندي هيس، تي ٻئي گڏ ايندا هئاسون ۽ مان ڏوڪري لهندو هيس، لهڻ کان پهريان ماما سڪندر کي چانهه ٿڌي جي لاءِ زور ڀريندو هيس، پر پنهنجي طرفان ڪڏهن به چانهه ٿڌو شربت نه پيتو ۽ چوندو هيو ته اسان تي فرض آهي ته هن ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪيون. پوءِ مون کان موڪلائي ڳوٺ ڏانهن روانو ٿيندو هيو، مان پنهنجو رهيل ڪم عوام جا ڊوميسائيل، پي-آر-سي جي رپورٽ مختيارڪار تعلقه ڏوڪري مان ڪرائي پيسيون کڻي گھرائيندو هيس ته اهڙي طريقي سان اسان جي پاڻ ۾ ويجھڙائپ ٿي وئي پنهنجي برادرين جا ڪافي فيصلا به ڪيائين، اهڙي طريقي ان ٻين ڳوٺن برادرين جا به فيصلا هن وٽ ايندا هيا جو ايمانداري سان ٻنهي ڌرين جون ڳالهيون ٻڌي قرآن پاڪ تي ٺاهه ڪري ڇڏيندو هيو ۽ انهن کي پنهنجي اوطاق ۾ ماني کارائي ۽ چانهه پياري بعد ۾ سڀني ڌرين کان موڪلائيندو هيو.

ماما سڪندرعلي ساريو غلام قادر ساريو جي گھر ۾ (1953-11-10) جنم ورتو، جڏهن سندس جي عمر(5) سال ٿي ته والدين پنهنجي ڳوٺ گُند جي پرائمري اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني، جنهن کان بعد پرائمري جا پنج درجا پاس ڪري نڪتو، ماما سڪندر علي ساريو کي انگريزي پڙهڻ جو گھڻو شوق ٿي پيو ۽ والدين باڊهه شهر جي هڪ اسڪول ۾ داخلا وٺي ڏني، هن سان گڏ 2 دوست ڪلاس ۾ گڏ هئا، ماما محمد خان چنو، ماما قمرالدين شيخ، ٽئي هڪ ٻئي کان وڏيڪ هوشيار هوندا هئا، جنهن کان پوءِ هرڪوئي دوست روزگار سان لڳي ويو، ماما سڪندر علي ساريو کي (1972) ۾ منصوبابندي ۾ نوڪري ملي، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جيڪا ايمانداري سان ڪئي، بعد ۾ (1978) ۾ پاڻ رضا خوشي سان نوڪري ڇڏي ڏني جنهن کان پوءِ هن ڳوٺ ۽ پسگردائي ۾ سماجي ڪمن ۾ لڳي ويو، ماما سڪندر ساريو (1979) ۾ مڪاني چونڊن ۾ حصو ورتو جنهن ۾ عوام کيس گھڻي کان گھڻا ووٽ ڏئي ڪاميابي ڪيو، ڪاميابي ماڻڻ بعد ڪائونسلر ٿيو جنهن کانپوءِ ماما سڪندر علي ساريو کي ڪم ڪرڻ جو جذبو وڌي ويو، ۽ (2001) ۾ وري بلدياتي اليڪشن ٿي جنهن ۾ ماما سڪندر علي ساريو جنرل ڪائونسلر تي فارم ڀرايو، وري به عوام گھڻي کا ن گھڻا ووٽ ڏئي کيس سوڀارو ڪيو ۽ جنرل ڪائونسلر ٿي ويو، سندس مٿان عوام جو ذميواريون ويتر وڌي ويون، ماما سڪندر علي ساريو ڏانهن اسان هوندي ضلعي لاڙڪاڻي يا وري تعلقي ڏوڪري ڪنهن به آفيس ۾ عوامي ماڻهو ڪم لاءِ ايندو هيو ته ان کي فورن ڪم ڪرائي ڏيندو هيو، جنهن به دوست سان عوامي ڪم جو واعدو ڪندو هيو انهن دوستن کان اڳ ۾ ماما سڪندر علي ساريو آفيسن جا چڪر ڪاٽيندو هيو،

ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سب نه هنج

ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه اچي بوءِ بهار جي

2005 ۾ بلدياتي اليڪشن ايندي ماما سڪندر علي ساريو باڊهه 2 تي ناظم ٿيڻ لاءِ فارم ڀرايو، جنهن کان پوءِ ورڪ مهم شروع ڪيائين، باڊهه 2 جي عوام پنهنجي جوش جذبي سان گھڻي کان گھڻا ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو جنهن کان پوءِ ناظم جي سيٽ سنڀالي، ايمانداريءَ سان آفيس ۾ ويهي ڪم ڪندو هيو، انهن ڏينهن ۾ شهر جي مختلف محلن مان صفائي ڪرائي ٽريڪٽر ٽرالي تي گند ڪچرو ڦٽو ڪرائيدو هيو، پنهنجي طرفان باڊهه شهر جي مختلف اسڪولن ۾ تعليم جي حوالي سان پروگرام به ڪرائيدو هيو، انهن کي انعام به ڏيندو هيو، جيڪو شاگرد پوزريشن کڻي اچي.

ماما سڪندرعلي ساريو باڊهه شهر ۾ عيد شو جھڙا پروگرام به ڪرايا هيا، جنهن ۾ سياسي، سماجي ، ليکڪ ۽ اديب شامل هئا. جن عوام جي اڳيان خيالن جو اظهار ڪيو، آخر ۾ صوفياڻو راڳ جي محفل ڪرائيندو هيو، پنهنجي يوسي باڊهه 2 جو ماڻهو ڪنهن به ڪم لاءِ آفيس ۾ ايندو هيو ته ان کي فورن ڪم ڪري ڏيندو هيو، ته جيئن انهيءَ دوست جو ٽائيم بچي سگھي ڪم ڪار جي حوالي سان جنهن به دوست سان ملندو هيو ته انهيءَ جو احترام سان نالو وٺي ڀاڪر پائي ملندو هيو، اهو دوست عمر ۾ ننڍو هجي يا وڏو هجي ماما سڪندرعلي ساريو هر ڪنهن ماڻهو کي عزت محبت ڏيندڙ هيو، (2005-06-14) مان مختلف ڪمن سان پهريان واپڊا آفيس ويس، اتي ايس-ڊي-او سان ملاقات ٿي، ڪم جي حوالي سان انهيءَ سان موڪلائي پيادل روڊ سان پنهنجي هٿ تي اچي رهيس ته آبپاشي کاتي جي آفيس ۾ ماما سڪندر علي ساريو ۽ ماما غلام نبي ساريو تي منهنجي نظر پئي، انهن سان گڏ پنهنجي برادري جا ماڻهن کا علاوه چنه لوهر، گوپانگ، ساريه، ٻگھيا، ڳوٺ الهيار ساريو، ڳوٺ غلام حسين ٻٽ جا رهواسي به ساڻس گڏ هئا، سڀني دوستن عزيزن سان مليس، سڪندرعلي ساريو کي مون چيو ته هتي آفيس ۾ ڪو به آفيسر نه آهي، بهتر اهو آهي ته سڀئي هلون ٿا پريس ڪلب ڏوڪري تي احتجاج ڪيون ٿا،

ماما سڪندر علي ساريو منهنجي صلاح تي راضي ٿيو، جنهن کان پوءِ ٽن ڳوٺن جي عوام احتجاج ڪرڻ ۾ حصو ورتو، سڀني چينلن تي خبرون هليون ۽ سڀني اخبارن ۾ تصويرون سان گڏ خبرون آيون، جنهن کان پوءِ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري نوٽيس ورتو هڪ ڳوٺاڻو بااثر ماڻهو هيو جنهن ساريه برادريءَ جي زرعي زمين جي مهاڳن تي ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضو ڪيو ۽ پاڻي به پنهنجي طاقت تي چوري ڪري پنهنجي قبضي واري زرعي زمين آباد ڪري پيو ، جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين جو فيصلو سرفراز خان ٻگھيو پنهنجي رهائشگاهه نئين گڏ تي ڪيو، ۽ ٻنهي ڌرين کي قرآن پاڪ تي ڳالهيون ٻڌي ٺاهه ڪيو ۽ ٻئي ڌريون راضي ٿي ويون،

ماما سڪندر علي ساريو سياست جي حوالي سان پنهنجي سڄي ڄمار پيپلز پارٽيءِ سان نڀايو، ڪمن وٺڻ جي حوالي سان پنهنجي تڪ جي اميدوار ايم-اين-اي ۽ ايم-پي-اي ڏانهن ڪم کڻي ويندو هيو، ته اگر جيڪڏهن چونڊيل نمائندي ڪم نه ڪيو ته انهيءَ کي آخري الوداع ڪندو هيو، ڀلي ڪيتري به سياست جي حوالي سان تڪليف اچي پر ماما سڪندر علي ساريو انهيءَ جي اڳيان ڪڏهن به جھڪيو نه انتهائي بهادر ماڻهو هوندو هيو، چورن جي خلاف هيو، پنهنجي ڳوٺ گند جي روڊ سان هن ڪافي ڏوهاري ڏوهن سان پڪڙيا ۽ انهن جي طرفان ماما سڪندر علي ساريو کي ڪافي ڌمڪيون مليون پر هي بهادر اڳواڻ چوندو رهيو ته منهنجي ڳوٺ جي ٻاهران گھر آهي، اچو ڏوهاري مونکي پنهنجي طاقت سان زور آزمايو ۽ خبر پوي ته ڪير بهادر آهي پر ڪنهن کي به جرئت نه هئي جو ماما سڪندر علي ساريو جي اڳيان ڪير اچي سگھي هن ڪافي ڏوهارين کي قانوني طور طريقي سان مختلف ڪيسن ۾ چالان ڪرائي ڇڏيندو هيو ته جيئن اهو ڏوهاري ٻيهر ڪنهن غريب مسڪين کي ڪا تڪليف نه ڏئي سگھي،

ماما سڪندر علي ساريو کي (2009) ۾ فالج ٿي پيو، جنهن کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ جا هر محلي مان ماڻهو پنهنجي اوطاق تي گھرائي انهن جي سامهون مخاطب ٿيو، انهن دوستن عزيزن کي چيائين ته هاڻي اوهان جي ڏک سک جو ساٿي منهنجو پٽ امداد علي ساريو هوندو، جيڪو انشاالله اوهان سان گڏ هوندو، ان کان پوءِ عوام جي ساٿ لاءِ ماما امداد ساريو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مون سان ڪنهن نه ڪنهن آفيس ۾ ملاقات ٿيندي هئي، ماما امداد علي ساريو جي پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ گُند ۾ ٿي، انگريزي تعليم شهر باڊهه ۾ ڪيائين بعد ۾ تعلقه ڏوڪري ۾ انٽر پاس ڪري بعد ۾ بي-ايس-سي زيڊ- اي- ڀٽو لاڙڪاڻو مان تعليم حاصل ڪئي آخر ۾ ٽنڊو ڄام ايگريڪلچر ۾ داخلا ورتي، پنهنجي مرضيءَ سان شوق ۽ جذبي سان تعليم حاصل ڪئي،

ماما امداد علي ساريو کي اولاد 3 نياڻيون ۽ 2 پُٽ آهن، ۽ پنهنجي اولاد کي مرحلي وار تعليم ڏياري رهيو آهي، منهنجون دعائون آهن ماما جي اولاد کي پنهنجو قيمتي وقت ڪڍي تعليم تي ڌيان ڏين ۽ تعيلم حاصل ڪن ته مون کي انتهائي خوشي ٿيندي، تعليم کام سواءِ ڪجھ به نه آهي تعليم اسان جو هٿيار ۽ حق وٺڻ آهي، ماما سڪندر علي ساريو جن (2015) بلدياٿي اليڪشن ۾ پنهنجي پُٽ ماما امداد علي ساريو کي ضلع ڪاونسل ميمبر جو فارم ڀرايو جنهن کي يو-سي دڙا جي مختلف ڳوٺن جي عوام جوش ۽ جذبي سان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو. 1400 سَو وڌيڪ ووٽ ماما امداد علي ساريو کي مليا، ۽ ڪاميابي ماڻي، مان پنهنجي ڳوٺ ٻلهڙيجي انور پيرزادو لائبريري ۾ دوستن سان ويٺو هيس، ته اوچتو ماما عبدالقادر ساريو فون تي ٻڌايو ته ماما رمضان ڪٿي آهيو؟ مان ان کي چيو ته مان ڳوٺ آهيان، اوهان کي خبر پئي آهي يا نه، مان حيران ٿي ويس، ۽ مان انهيءَ وقت هن کان پڇيو ته ماما ٻڌايو، چيائين ته اوهان جو ماما سڪندر علي ساريو هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري ويو آهي، پوءِ مون کي ان وقت انتهائي صدمو پهتو، جمعي جي ڏينهن 2001-01-19 تي شام جو 30؛04 بجي مان پنهنجن دوست کان موڪلائي گهر آيس شام جي ٽائيم جو سردي به تمام گھڻي هئي، مان وڃي نه سگھيس، رات جو پنهنجي ڀاڻج صاحب خان ابڙو کي گھرايو انهيءَ کي عرض ڪيم ته ماما سڪندر علي ساريو وفات ڪري ويو آهي، مون کي پنهنجي موٽر سائيڪل تي کڻي هلون ته آخري ديدار آهي ۽ جنازي جي نماز ۾ شريڪ ٿيون، بعد ۾ ماما عبدالقادر ساريو سان رات جو 8 بجي فون تي رابطو ڪري جنازي نماز جو ٽائيم ورتو جنهن ٻڌايو آهي ته ڇنڇر جي ڏينهن (2) بجي باڊهه جي شهر ۾ قبرستان درگاهه تي جنازي جي نماز پڙهائي ويندي، رات خير سان گذاري صبح جو ڪوهيڙو ايترو هيو جو اسان ڳوٺ ٻلهڙيجي مان هڪ بجي نڪتاسون، قبرستان درگاهه تي پهتاسون آهستي آهستي ماڻهن جو اچڻ شرع ٿي ويو، اتي ڪافي باڊهه شهر جا دوست مليا، جنهن ۾ (سيد علي گوهر شاهه) دودو ديشي ۽ غلام محمد ڀٽي، ماما محمد عالم ساريو، ماما شمس الدين ساريو، ماما علي گوهر ساريو، ماما پريل ساريو، مامو منٺار ساريو ۽ ٻيا دوست عزيز سڀئي مليا،جنازي جي نماز سائين منظور علي مشوري جن پڙهائي جنازي جي نماز ۾ هزراين ماڻهو گڏ هئا،

تعلقي ڏوڪري ۾ ساريه برادري جا 12 ڳوٺ آهن جن ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجي، (2) ڳوٺ امام بخش ساريو،(3) ڳوٺ الهيار ساريو، (4) ڳوٺ غلام محمد ساريو، (5) ڳوٺ برادي ساريه، (6)۽ ڳوٺ ليماڻي ساريه، (7) ڳوٺ گلڻ واهڻ، (8) ڳوٺ ٻنڊي، (9) ڳوٺ مُلا سرايه، (10) شهر باڊهه،(11) ڳوٺ پياروساريو، (12) ڳوٺ گند ساريو انهن سان گڏ تعلقه رتوديرو جا ساريه ضلع دادو جا ساريه ضلع حيدرآباد ٺٽو، جي مختلف ڳوٺن ۽ شهرن جو عوام هن ڏک جي گهڙِ ۾ موجود هيو، تدفين ٿيڻ کان پوءِ ڳوٺ گند آياسون، اتي دعا ۾ شريڪ ٿياسون، آخر ۾ ماما امداد ۽ سندس جي عزيزن کان موڪلائي ڳوٺ آياسون، ٽيجھي تي ماما ڪامريڊ ٺارو خان ماڇي ۽ ماما مختيار علي ماڇي موٽر سائيڪل تي گند آياسون، ڪافي مهمان هيا، جنهن ۾ ماما ڊاڪٽر اعجاز علي ساريو به هيو، جيڪو احترام ۽ پيار سان مليو، هن تڏي تي سياسي سماجي ليکڪ اديب گھڻي تعداد ۾ هئا، جنهن ۾ درگاهه قاسميه شريف جو گادي نشين منظور علي مشوري ، حزب الله خان ٻگھيو، طارق سيال، عادل انڙ، زيب انڙ، حاجي منور عباسي، امداد علي چولياڻي موجود هئا،جن فوتي جي وارثن سان تعزيت ڪئي.

اسان دعاگون آهيون ته ماما سڪندر علي ساريو جي اولاد به سندس نقش قدم تي هلندي پنهنجي ڳوٺ ۽ پسگردائي وارن ڳوٺن جي غريب عوام جي بي لوس خدمت ڪري سندس مشن کي جاري رکندي.

******

 

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *