منشياتي دهشتگردن هٿان يرغمال بڻيل سماج: شفيق شاڪر

اسان جي نام نهاد قومي ميڊيا جا به پنهن جا ئي شان ۽ انداز آهن.ڪنهن نان اشوء کي وڏي ڏانء سان اشو بنائڻ ۽ ڪنهن اشوء کي نان اشو جي ٽوڪريء ۾ ڦٽو ڪرڻ ته ڪو وٽانئن سکي.خاص طور تي پاڪستان جي پيڙهيل طبقن ۽ محروم قومن جي حوالي سان سچ لکڻ تي ته ڄڻ کين نانگ سونگھيو وڃي.البته جتي کين چٿر جو موقعو ملي ٿو اتي اخبارن ۾ وڏيون وڏيون شه سرخيون ۽ اٺ جي آندي جيڏا ڪالم به پڙهڻ لاء ملندا. 22 مارچ تي دنيا ۾ ٻه وڏا بدنصيب واقعا ٿيا.هڪڙو بيلجيم جي شهر برسلز ۾ ۽ ٻيو پاڪستان جي شهر ٽنڊو محمد خان ۾ جن مان هر واقعي ۾ اٽڪل پنجاه جي قريب ماڻهو موت جو شڪار ٿي ويا.برسلز واري واقعي کي ته قومي ميڊيا ۾ سرموڙ خبر جو درجو مليو ۽ سڄي دنيا ۾ ممڻ مچي ويو پر ٽنڊي محمد خان وارو واقعو ان انداز ۾ پيش ڪيو ويو ڄڻ ته انسان نه پر ڪي جانور مري ويا هجن.جڏهن موتن جو تعداد وڌڻ لڳو ته ننڊ پيل قانون به اکيون مهٽي سجاڳ ٿيو،اقليتي معاملن جي صوبائي وزير جنهن کي ايڪسائيز سان گڏ ٻيا به ڪيئي کاتا عنايت ٿيل آهن ،تنهن به پريس ڪانفرنس جي ذريعي پنهن جي موجودگيء جو احساس ڏياريو.واقعي تي رسمي افسوس جو اظهار ڪيو ويو۽ عوام جي تحفظ جا سمورا حق ادا ڪري هرڪو وڃي گھر سمهي پيو.

هاڻي ٿيڻو ڇا آهي؟ ڪجھ ڏينهن لاء گٽڪي،مين پڙي ۽ ڪچي شراب جي وڪري خلاف وٺ پڪڙ ٿيندي،پوليس جا وارا نيارا ٿي ويندا،ڪجھ گنهگار ۽ بي گناه گڏي پڪڙي انهن جا خيسا خالي ڪيا ويندا،منٿلين ۾ اضافو ڪيو ويندو۽ وري ساڳي ڪاتي ساڳي وڍڻ جي وار جاري رهندي جو منٿلين جو اهو سلسلو هيٺان کان مٿي تائين وڃي ٿو،ڪيترن ئي شرفا جي محلن جا خرچ انهيء ئي ڪمائيء جي برڪت سان هلن ٿا. سنڌ جو اهو ڪهڙو ڳوٺ يا شهر آهي جتي ڪچو توڙي ولايتي شراب، چرس، ڀنگ ۽ ٻيون منشيات سر عام نه هلنديون هجن ۽ اتان جي پوليس کي انهيء جي پوري ڄاڻ نه هجي.شايد اسين اهڙي سماج ۾ پهچي چڪا آهيون جتي انسان،انسانيت،جذبا۽احساس سڀ پئسي جي هيٺان دٻجي دفن ٿي چڪا آهن.جنهن کي ڏسو،ان پئسي جي ڊوڙ ۾ ايترو ته انڌو ٿي چڪو آهي جو اهو هرقيمت تي ان کي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.

آهي اسلامي جمهوريه پاڪستان پر شراب تي ڪا قانوني پابندي ڪانهي،جواز اهو ٿو ڄاڻايو وڃي ته غيرمسلمن جو اهو حق آهي ته کين سندن مذهب مطابق  رياست کين شراب مهيا ڪري ڏئي. غير مسلمن کي ٻيا سڀ سندن حق رياست ڏيئي چڪي باقي شراب جو حق ئي رهجي ويو هوجيڪو انهن کي مهيا ڪري ڏنو ويو آهي.پهرين ڳالھ اها ته اهو مذهب جي نالي تي سراسر بهتان آهي،دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ شراب جهڙي پليد شيء استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويئي آهي. ٻي ڳالھ  اها ته غيرمسلمن کان وڌيڪ مسلمان اهو شراب استعمال ڪن ٿا.اصل پئسي ڪمائڻ جو مسئلو آهي جو ان گندي ڪاروبار ذريعي ڪيترائي ڪک پتي  رات وچ ۾ لک پتي بڻجي ويا.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪر سڀاڻي ڪنهن به مذهب سان تعلق رکندڙ اهو چوي ته سندس مذهب ۾ ماڻهن کي ڪهڻ جائز آهي ته ڇا رياست ان جو اهڙو مطالبو مڃي وٺندي؟ اڄ جيڪي انتها پسند ماڻهن کي بمن سان اڏائي رهيا آهن انهن جي نزديڪ به سندن هٿ ٺوڪي مذهبي تشريح موجب اهو ڪم مذهب مطابق آهي.حڪومت کي واقعي عوام جي زندگين جو ڪو فڪر آهي ته سڀ کان پهرين ولايتي شراب جي انهن سمورن گھتن کي بند ڪري ڏيکاري.انهن گھتن مان ڪيترا گھتا خود وزيرن ۽ سياسي اڳواڻن جا آهن.وري جڏهن اهڙو ڪو ڪٺور واقعو ٿئي ٿو ته اهي وزير،مشير ۽ پوليس عملدار اهڙي ته سادگيء سان اچي بيان ڏين ٿا ڄڻ ته انهن کي انهن گندن ڪاروبارن جي باري ۾ اڳ ۾ ڪا خبر ئي نه هئي.

روزانو اخبارن ۾ عوام طرفان اهڙن سماج دشمن ڪاروبارن جي باري ۾ رڙيون ڪيون وڃن ٿيون،اخبارون اداريا لکي لاڳاپيل عملدارن جو ڌيان انهن معاملن ڏانهن ڇڪائينديون رهن ٿيون،ڪيترن ئي هنڌن تي ماڻهن طرفان مظاهرا به ڪيا وڃن ٿا پر ڪنهن جي ڪن تي جون نٿي سري جو يا ته اهي عملدار خود انهي ڪڌي ڪاروبار جا سرپرست آهن يا وري اها مافيا ايترو ته مضبوط آهي جو انهن جي خلاف قانون جا پير ڏڪڻ لڳن ٿا.سالن کان اهي منشياتي دهشتگرد نوجوان نسل جون زندگيون برباد ڪندا ۽ ڪيترائي گھر اجاڙيندا رهيا آهن پر نه ته انهن جي خلاف ڪڏهن ڪو آپريشن ٿئي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن کي پڪڙيو وڃي ٿو ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪا سزا اچي ٿي.جيڪو به انساني جانين سان کيڏي ٿواهو دهشتگرد ئي آهي پوء انهن منشياتي دهشتگردن سان ايڏو مهربانيء وارو سلوڪ آخر ڇو؟ جيڪر ڪنهن علائقي جي ايس ايڇ او کي اهو پتو ئي ناهي ته سندس علائقي ۾ ڪهڙا ڪهڙا ڏوهاري ماڻهو ۽ ڪهڙا ڪهڙا سماج دشمن ڏوھ ٿي رهيا آهن ته پوء اهڙي ايس ايڇ او کي نوڪري ڇڏي وڃي پڪوڙا کپائڻ گھرجن.پر ايئن هوندو ناهي،هر ايس ايڇ او کي پوري پوري خبر هوندي آهي،جڏهن ڪو نئون ايس ايڇ او ايندو آهي ته سڀ کان پهريائين ٿاڻي تي انهي جي سامهون ڏوهن ۽ ڏوهارين جي لسٽ ئي سامهون رکبي آهي ته جيئن سائين جن پنهن جي ذاتي بجيٽ انهي حساب سان ٺاهي سگھن.

نئين آئي جي پوليس جي اچڻ سان سنڌ جي ساڃاه وند ڌرين ۽ خاص طور تي ڪمزور شهرين ۾ خوشيء ۽ اميد جي هڪ لهر پيدا ٿي هئي،پر گھوٽڪي ۽ ٽنڊي محمد خان واري واقعي نئين آئي جي جي ساک تي به ڪيترائي سواليه نشان پيدا ڪري ڇڏيا آهن.خاص طور تي اهڙو المناڪ واقعو جيڪو سمجھو ته هن جي پنهن جي اباڻي ضلعي ۾ پيش آيو هجي. جڏهن ڪو واقعي ايماندار ۽ ديانتدار پوليس آفيسر چارج سنڀاليندو آهي ته سندس نالو ٻڌندي ئي ڏوهارين ۾ ڦڙڦوٽ پئجي ويندي آهي ۽ اهي ايڏي ديده دليريء سان پنهن جون سرگرميون جاري نه رکي سگھندا آهن پر هتي ته اهڙو ڪجھ به ڏسڻ ۾ نه آيو آهي. يا ته سنڌ پوليس جي اڳواڻ کي اهو مڃڻ گھرجي ته سندس پوليس نااهل،نڪمي ۽ ڪرپٽ آهي جيڪا ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ کان لاچار آهي يا وري اهو تسليم ڪرڻو پوندو ته آئي جي صاحب به ان اسٽيٽس ڪو جو حصو آهي جنهن ۾ قدم قدم تي مصلحت ۽ منافقت کان ڪم وٺڻو ٿو پوي ۽ جنهن ۾ چهرا بدلڻ سان ڪوبه فرق نٿو پوي ان ڪري عوام منجھائس اجايون اميدون نه رکي!

***********

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *