مملڪت اي مملڪت اچو، سنڌ کي ٻيهر علم سان سنواريون: محمود شام

تمام گهڻا مهرباني سنڌو نديءَ جي امرت پيئڻ وارن جي. ايترو سرور، ايترو ڪيف، اسان دل کولي رکي. اوهان به دل جون ڳالهيون ڪيون. مون کي يقين ٿيڻ لڳو آهي ته اسان سڀ گڏجي هڪ مثالي صوبو بڻائي سگهون ٿا. اهي حڪمران به اسان مان ئي آهن، جڏهن اوهان ۽ اسان سڀ گڏجي اُنهن تي زور وجهنداسين ته، هي سڀئي سائين، مخدوم، زردار، پير، سيد، جاگيردار، زميندار، سردار مجبور ٿي ويندا. آخر اُنهن کي رهڻو ته هتي ئي آهي. اُنهن جي اولاد کي به پنهنجي ٻنين، ڪيٽين، ٻيلن، جهنگن ۽ ڳوٺن جي زندگي گذارڻي آهي. اسان تعليم جي موضوع تي ڪجهه هفتا خيالن جي ڏي وٺ ڪنداسين. اُن جي سُٺائين ۽ خرابين تي ڳالهائڻو آهي. سنڌ سدائين علم ۽ ادب جو مرڪز رهي آهي. شاهه لطيف، سچل سرمست، شهباز قلندر ۽ ٻيون درگاهون اسان کي اهو ئي پيغام ڏين ٿيون ته علم هن ڌرتيءَ جو زيور آهي. علم، جيڪو دلين کي روشن ڪري ٿو، جيڪو روح کي تازگي بخشي ٿو. مرزا قليچ بيگ، آءِ آءِ قاضي، پير علي محمد راشدي، پير حسام الدين راشدي، هن ئي سرزمين جا فرزند آهن ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو، جنهن پنهنجي زندگيءَ ۾ قابليت ۽ بهادريءَ جو سڪو، آمريڪا، چين، هندستان ۽ يورپ ۾ مڃرايو. پوءِ جنهن سڀني مسلمان سربراهن کي لاهور ۾ گڏ ڪيو. ڪيڏا نه وڏا وڏا ماڻهو، شاهه فيصل، معمر قذافي، انور سادات، بومحي الدين، ياسر عرفات؛ ڪيترائي ستارا لاهور ۾ چمڪيا. شهيد ڀُٽو به سنڌ جو قابلِ فخر فرزند هو. پوءِ شهيد محترمه بينظير ڀُٽو. سڀني سنڌو درياهه جو پاڻي پيتو هو. جي ايم سيد کي ڪير ڪيئن ٿو وساري سگهي، سياسي نظرياتي اختلاف پنهنجي جڳهه تي. پر اي ڪي بروهي کي به فراموش نٿو ڪري سگهجي. ايوب کهڙو، عبدالستار پيرزادو، عبدالحفيظ پيرزادو، اُهي سڀ سنڌ جي اسڪولن، ڪاليجن مان ئي پڙهي اڳيان آيا هُئا. شيخ اياز جي لازوال شاعري ڪهڙو پيغام ڏي ٿي، امر جليل جون ڪهاڻيون ۽ ڪالم ڪهڙو سنيهو ڏئي رهيا آهن. تعليم، تهذيب جو بنياد آهي، اها درسگاهن ۾ پرورش وٺي ٿي. شهيد ذوالفقار علي ڀُٽو انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي (زيبسٽ) لاڙڪاڻي ۾ امريڪا جي نامور صدر ابراهيم لنڪن جو هڪ خط لڳل آهي، جيڪو هُن پنهنجي پُٽ جي استاد کي لکيو هو. هڪ صدرِ مملڪت، پنهنجي پُٽ جي تربيت، روشن مستقبل جي لاءِ اُن ٽيچر کي ڪهڙي نموني گذارشون ڪيون.

اڄ جي حڪمرانن کي اُن مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪري سگهن. منهنجي پڙهندڙن، پنهنجي پنهنجي علائقن ۾ تعليم جا مسئلا اُٿاريا آهن. اُهي ڪالم جي آخر ۾ پڙهجو. مان اهو عرض ڪرڻ چاهيندس ته اسان وٽ انگريز جي اچڻ کان پهريان ديني مدرسا هُئا، خانقاهون هيون، نهايت وسيع ويڪرا، جتي انسانن جا ذهن کُلندا هُئا. استادن جون جُتيون سڌيون ڪندي شاگرد گهڻو ڪجهه سکندا هُئا. انگريزن جيڪي سرڪاري اسڪول، يونيورسٽيون قائم ڪيون، اُنهن ۾ به وسعتن جو خيال رکيو ويندو هو. وڏا وڏا ڪلاس روم، اسيمبلي جو کليل ميدان، فٽ بال، هاڪي، ڪرڪيٽ، والي بال جا گرائونڊ، ڊوڙڻ جي لاءِ کليل ٽريڪ، جمنازيم، اهڙن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ تعليم حاصل ڪرڻ وارن جا ذهن به تمام گهڻا وسيع هوندا هُئا. هاڻ تعليم کاتو رشوتون وٺي ننڍن ننڍن بنگلن ۾ پرائيويٽ اسڪول کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندو آهي. اهڙن ننڍن ننڍن گهرن ۾ شاگردن جا روح قيد ٿي ويندا آهن.

گلا تو گهونٽ ديا اهلِ مدرسه ني ترا،

ڪهان سي آئي صدا لااله الاالله.

ايندڙ هفتي اسڪولن جي بلڊنگن کي موضوع بڻائينداسين. اوهان جي مدد جي ضرورت آهي. اوهان جا ٻار ڪٿي پڙهي رهيا آهن؟ پڙهائي ڪيئن ٿي رهي آهي؟ مان والدين سان گڏ ٽيچرز کي به گذارش ڪندس ته هو پنهنجا تجربا ٻُڌائين. تجويزون ڏين. اهڙي نموني تعليم کاتي جي اڳوڻن اعليٰ آفيسرن کي به درخواست آهي ته اُهي به پنهنجا قيمتي مشورا ڏين. هُنن کي پنهنجي ملازمت جي زماني ۾ وزيرن جون ڪهڙيون ڪهڙيون غلط فرمائشون پوريون ڪرڻيون پيون، اُهي ٻڌائين. سنڌ جو تعليمي منظر صاف ڪرڻ سان ئي سنڌ کي مثالي بڻائي سگهجي ٿو.

هاڻ اچو پڙهندڙن جي پيغامن ڏانهن. تمام گهڻيون شڪايتون آهن. منهنجو عرض اهو هوندو ته پنهنجو ۽ پنهنجي شهر جو نالو ضرور لکو ته جيئن مسئلو حل ڪرڻ ۾ آساني ٿئي. هڪ ڀيرو ٻيهر اها درخواست آهي ته هن ڀيري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي بلڊنگن تي معلومات ۽ راءِ ڏيو.

ترقياتي ڪم صرف ڪاغذن ۾ ٿي رهيا آهن. اسڪول اوطاقون بڻيل آهن. شهر جو ۽ پنهنجو نالو ناهي لکيو. قاضي شمس الدين مڱريو لکي ٿو، مُلڪ ۾ ڪرپشن، دهشتگردي عروج تي آهي، تعليم ئي اُن مسئلي جو حل آهي. سنڌ جي قديم ترين پڪي کان اسد ميراڻي اِهو فخر ظاهر ڪيو آهي ته 1974 کان چانهه پيئڻ سبب مشهور آهي. هُن جي چانهه ايتري مشهور آهي جو پري پري کان نوجوان موٽر سائيڪلن ۽ چنگچين تي چانهه پيئڻ ايندا آهن.

ممتاز علي جمالي دادو کان لکي ٿو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي حلقي سنڌ اسيمبلي جي 73 جي آءِ يو سي چني ۾ حڪومت جا 33 پرائمري اسڪول آهن، جن مان 10 اسڪول هلن ٿا باقي بند آهن. حلقه 73 ۾ هڪ به سرڪاري اسپتال ناهي. ايمبولينس سروس به ناهي. غريب ماڻهن کي بيماريءَ جي حالت ۾ تڙپندي ڪنهن ويجهي شهر جي وڏي اسپتال ۾ کڻي وڃڻو پوندو آهي. مراد علي شاهه پنهنجي حلقي تي توجه ڏي. ضلعي خيرپور تعلقي ڪوٽڏجي کان بشير احمد ملاح لکي ٿو ته سنڌ ۾ گڊ گورننس (سُٺي حڪمراني) نالي ڪا شيءِ ناهي. علي حسن رحيمون ننگرپارڪر کان چئي رهيو آهي ته سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه سُٺي سوچ ۽ تبديلي کڻي ميدان ۾ لٿو آهي، پر جيستائين اسان جي تعليم جي صورتحال بهتر نه ٿيندي، تيستائين ڪجهه به بهتر نه ٿيندو. پوءِ به اسان کي وڏي وزير مان تمام گهڻيون اُميدون آهن. مشتاق احمد هوتاڻي پي پي پي (شهيد ڀُٽو) تعلقه سانگهڙ کان هڪ سُٺو جملو لکيو آهي ته ”رستي تي پٿريون هُجن ته سُٺو جوتو پائي هلي سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن سُٺي جوتي اندر ڪا پٿري هُجي ته پوءِ سُٺي ۽ صاف رستي تي به هلڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.“ انسان ٻاهر جي مشڪلاتن کان نه بلڪه پنهنجي اندر جي ڪمزورين کان هارائيندو آهي. تمام سٺي ڳالهه مشتاق احمد صاحب. جاويد مهر سنڌ پبلڪ لائبرري گلستان جوهر ڪراچي کان لکي ٿو، سُٺا ماڻهو اُن روشنيءَ جيان هوندا آهن، جيڪي فاصلا گهٽ ته ناهن ڪري سگهندا، پر منزل آسان ضرور بڻائيندا آهن. بدرالنساء دايو حيدرآباد مان توجه ڏياري ٿي ته ڪاپي ڪلچر تي وڌيڪ لکو، اهو ڪلچر تعليمي نظام کي اڏوهيءَ جيان کائي رهيو آهي. تمام گهڻي مهرباني. سينئر صحافي غلام رسول بروهي شادي لارج مٺي تعلقي بدين مان لکي ٿو ته سنڌ جي ٻهراڙيءَ وارن علائقن ۾ ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ميسر ناهي. منڇر ڍنڍ ۾ ٽيهه سالن کان اسپري ناهي ٿيو. غريب ماڻهو پنهنجي اولاد کي تعليم ڏياري نٿا سگهن. ’عبرت‘ ۾ اسان جو رفيق ڪار بخت علي بوزدار پنهنجي شهر گهوٽڪي جي باري ۾ لکي ٿو، اسان جي ڳوٺ ۾ صرف هڪ پرائمري اسڪول آهي. پرائمري اسڪول الله بخش ڪلادي، اُتي صرف هڪ استاد رکيل آهي، جيڪو پهرين کان پنجين درجي تائين پڙهائيندو آهي سو به صرف سنڌي ۾. گهوٽڪي ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻُڏل آهي، حالانڪه تعليم وارو وزير گهوٽڪيءَ جو آهي.مان تمام گهڻو ٿورائتو آهيان اُنهن سڀني جواب ڏيندڙن جو. هاڻ انتظار آهي،

اوهان جي تبصرن جو، اسڪول ۽ ڪاليجن جي بلڊنگز متعلق. ڀلي سرڪاري هُجن يا پرائيويٽ. پنهنجي دوست ساٿين، مٽن مائٽن کي به چئو ته هن نيڪ ڪم ۾ حصو وٺن. پنهنجي آس پاس وارن اسڪولن جي باري ۾ تفصيل ضرور ٻُڌائين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *