ملڪ جي تبديل ٿيندڙ سياسي اٿل پٿل : صاحب خان ڀٽي

هڪ دفعو ٻيهر پرويز مشرف جو چرچو ملڪ اندر وڏي زور شور سان ٿي رهيو آهي، ڪجهه پارٽيون ته پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن. ڪجهه ساڃاهه وند ته پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ جو الزام وفاقي حڪومت تي لڳائي رهيا آهن. جن جو چوڻ آهي ته پرويز مشرف وفاق جي آشيرواد سان دبئي ويو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هي اهو ئي پرويز مشرف آهي، جنهن وزيراعظم ميان محمد نوازشريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هو ۽کيس جيل ۾ وڌو هو، ته پوءِ اهو ڪهڙي طرح ان شخص کي اجازت ڏئي سگهي پيو، جنهن مٿان غداري سميت ٻيا ڪيس هلندا هجن. پرويز مشرف ته عدالت کان بيماري جو بهانو ڪري پرڏيهه هليو ويو پر سياسي تنظيمن ۾ هڪ دفعو ٻيهر ان معاملي تي ويڇا وڌندي نظر اچي رهيا آهن. نواز ليگ جا اڳواڻ پرويز مشرف جي پرڏيهه وڃڻ واري معاملي تي ميڊيا سان ڳالهائندي به پريشان نظر اچي رهيا آهن، جنهن مان لڳي پيو ته ان معاملي سندن مٿان ڪيترو پريشر وڌو آهي. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به ملڪ کان علاج لاءِ ٻاهر آهي ته ٻي طرف وري پيپلزپارٽي جا ڪجهه اڳواڻ به پرڏيهه ويل آهن. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو ويجهو ساٿي نثار مورائي ته گرفتار ٿيل آهي. جنهن تي پڻ ڪيترائي الزام لڳايا پيا وڃن. ڊاڪٽر عاصم وارو معاملو اڃان ختم ئي نه ٿيو هو ته مٿان وري نثار مورائي ۽ عزير بلوچ جي گرفتاري به سامهون آئي، جن وڏا انڪشاف به ڪيا آهن، جيڪي اڳتي هلي پيپلزپارٽي لاءِ مشڪلاتون کڙيون ڪندا. پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ته مشرف جي پرڏيهه وڃڻ خلاف ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرن جو اعلان ڪيو ۽ لاهور ۾ احتجاج به رڪارڊ ڪرايو ويو. پيپلزپارٽي وارن جنهن ڏينهن کان احتجاج ڪيو آهي تنهن ڏينهن کانئن تمام گهڻا سوال ڪيا پيا وڃن، جن جو جواب ڏيڻ سندن لاءِ وڏو چيلينج بڻجي ويو آهي. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار به اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي گاڊ آف آنر بابت بيان ڏنو ويو. پر افسوس جي ڳالهه آهي ته پرويز مشرف کي پرڏيهه تمام گهڻو وقت گذري چڪو آهي پر اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو هن وقت تائين ڪو به بيان ناهي اچي سگهيو، صرف بلاول طرفان بيان جاري ڪيا پيا وڃن.

مارچ مهيني جون جيڪي ڪيتريون ئي اڳڪٿيون ڪيون ويون ، جن مان اهو اندازو لڳايو ويو هو ته شايد انهن جو اشارو جمهوريت جي ريل کي پٽڙي تان لاهڻ ڏانهن هجي. پر اڃا اهو نظر نه پيو اچي، پر شايد اڳتي هلي اهڙيون پيدا ٿي وڃن، جنهن بابت چوڻ وقت کان اڳ هوندو. پر ماضي ۾ وزيراعظم نوازشريف جي اهڙي حالت ٿي وئي هو جو هو عمران خان جي ڌرڻي کان به گهٻرائجي ويو هو ۽ پريشان نظر اچي رهيو هو، تنهن وقت به پيپلزپارٽي طرفان اها خاطري ڪرائي وئي ته ڪجهه به ٿي پئي هو جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نه ڏيندا. پيپلزپارٽي طرفان اهو بيان به ڏنو ويو هو ته هو نواز ليگ جي حڪومت نه پر جمهوريت کي بچائي رهيا آهن. ڪجهه عرصي کان پو ءِ عمران خان جو ڌرڻو شادي تي وڃي ختم ٿيو ۽ اها شادي به گهڻو دير تائين قائم نه رهي سگهي ۽ عمران خان اڀرندڙ پارٽي کي به ٿوري بريڪ لڳي وئي جيڪا هن وقت تائين لڳل آهي. عمران خان جي اها ڪوشش آهي ته هڪ دفعو ٻيهر وري پارٽي کي اڀارڻ لاءِ قدم کڻي پر شايد اهو هاڻ ممڪن نه ٿي سگهي.

ملڪ ۾ ڪهڙي مانڌاڻ هلي رهي آهي، جنهن بابت هن وقت صرف تجزيو ئي ڪري سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن وقت سڄي قوم ڪرڪيٽ جي ڌن ۾ گم آهي، هر طرف ڪرڪيٽ جو ذڪر آهي، پرويز مشرف جو معاملو هجي يا وري ايم ڪيو ايم ۾ پيدا ٿيل ڏڦيڙ، عوام جو سمورو ڌيان ڪرڪيٽ تي آهي. هر هڪ جي وات مان اهو ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته ڌوني ڪئين کيڏندو، ٽي ٽوئينٽي ورلڊ ڪپ ڪير کٽندو، بس هر طرف ڪرڪيٽ جا مداح نظر اچي رهيا آهن، ڪنهن کي به ملڪي سياست ۾ ٿيل تبديلين بابت ڪو به فڪر ناهي. ڇو ته گذريل ڪيتري عرصي کان بدامني جي ور چڙهيل هئي جنهن هاڻ وڃي سک جو ساهه کنيو آهي. ڪرڪيٽ راند ۾ گم ٿي ويل عوام کي شايد تڏهن ملڪي سياست ڏانهن ڌيان ٿيندو،جڏهن ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پڄاڻي تي پهچندو ۽ تڏهن ئي ملڪ ۾ ايتري تبديلي اچي چڪي هوندي جنهن بابت ڪنهن شايد سوچيو ئي نه هوندو. هر ٽي وي چنيل ۽ هر هڪ اخبار صرف پرويز مشرف واري مامري تي ڀري پئي آهي. جنهن ۾ پرويز مشرف جا سمورا ڪرتوت لکيا پيا هئا. سندس غداري ڪيس کان ويندي ٻين ڪيترن ئي ڪيسن بابت به وڏا وڏا آرٽيڪل لکيل هئا. ٻڌڻ ۾ آيو ته پرويز مشرف رات جي اونداهي ۾ جڏهن دبئي وڃي رهيو هو ته کيس چيلهه جي به تڪليف وسري وئي هئي ۽ هن دبئي پهچندي ئي پنهنجي پارٽي جو اجلاس سڏايو هو. جنهن ۾ پارٽي پاليسين سميت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو. ڀلي کڻي پرويز مشرف پارٽي جا اجلاس گهرائي پر کيس پنهنجي صحت تي به ڌيان ڏيڻ گهرجي.ڪجهه ماڻهن کي اهو اعتراض آهي ته پرويز مشرف عدالتن ۾ اڄ تائين پيش ناهي ٿيو پر هو ملڪ جي مختلف شهرن ڏانهن سفر ڪندو رهندو آهي. شايد انهن ماڻهن کي اها خبر ئي ناهي ته پرويز مشرف ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته هو ڪنهن کان به ڊڄڻ وارو ناهي، سندس طبيعت خراب آهي جنهن سبب هو صرف عدالت کانسواءِ هر هنڌ وڃي سگهي ٿو. ماڻهن جو اعتراض پنهنجي جڳهه ته پر شابس هجي پرويز مشرف جي وڪيل کي جيڪو عدالتن کي منهن ڏئي ويٺو آهي ۽ ججن کي ايترو ته مطئمن ڪري ڇڏيو اٿس جو هو پرويز مشرف جي پيشي بابت پڇندا ئي ناهن ڀلي کڻي ڪهڙو ڪيس هجي. جن ڪيسن مان پرويز مشرف آجو ٿي چڪو آهي انهن ڪيسن جي ٻڌڻي به شايد ئي پرويز مشرف ويو هجي. يا وري ائين به ٿي سگهي ٿو ته ڊاڪٽرن کيس عدالتن کان وڃڻ کان روڪي هجي ۽ اهو مشورو ڏنو هجي ته ڪجهه به ٿي پئي هو عدالت نه وڃي نه ته سندس حالت اڃا وڌيڪ خراب ٿي ويندي؟ پرويز مشرف جو احتساب ته الائي ٿي يا نه پر هڪ ڳالهه صاف ظاهر آهي ته پيپلزپارٽي جو احتساب سنڌ ۾ نيب چڱي ريت ڪري رهي آهي. اهڙو احتساب نه شايد ئي ڪڏهن ڏٺو يا وري ٻڌو هجي. ڊاڪٽرعاصم سميت آصف علي زرداري جي ويجهن دوستن جي گرفتاري بعد جنهن ريت احتساب ٿي رهيو آهي شايد اهڙو احستاب اسان کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ڏسڻ وٽان ملي، ڇو ته انهن صوبن ۾ ته سمورا چوڌري ۽ خان صاحب کير سان ڌوتل آهن ۽ انهن ڪک به ڪنهن جو نه کنيو هوندو. نيب ۽ ايف آءِ کي به گهرجي ته پ پ سان گڏ نواز ليگ جي ڪرپٽ وزيرن خلاف پنجاب ۾ ڪارروايون ڪري ته جئين ڪا گلا شڪوا رهجي نه وڃي.

ماضي ۾ اهي چوٻول هئا ته پرويز مشرف ايم ڪيو ايم کي سنڀالڻ وارو آهي، جنهن تي هڪ ٽي وي چينل جي اينڪر پرسن اڳوڻي صدر پرويز مشرف کان انٽرويو به ورتو هو ۽ جنهن ۾ هن مشرف کان سوال ڪيو هو ، جنهن تي مشرف کيس کلي اهو جواب ڏنو هو ته اهي صرف افواهون آهن. ان ڳالهه کي به تمام گهڻو وقت گذري چڪو آهي، هاڻ جڏهن ايم ڪيو ايم ڏڦيڙ پئجي ويو آهي ۽ سينيئر اڳواڻ به پارٽي ڇڏي رهيا آهن، ڪجهه ته ملڪ کان ٻاهر هليا ويا آهن، جن جي ڏيهه اچڻ جا ڪي به آثار نظر نه پيا اچن. پرويز مشرف به ملڪ کان ٻاهر هليو ويو آهي ۽ اهو ٻاهر وڃي ڪهڙي کچڙي ته پچائي اهو وقت ئي ٻڌائندو ، رهي ڳالهه ايم ڪيو ايم جي ته متحده سربراهه تاسيسي ڏهاڙي تي پنهنجو آواز فون تي ڪارڪنن کي ٻڌائي انهن کي تمام گهڻو خوش ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ڪارڪنن هڪ دفعو ٻيهر ساهه پئجي رهيو آهي. انيس قائم خاني به پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته هو روز پريس ڪانفرنسون ڪندا پر وڪيٽون روز نٿا ڪرائي سگهن. تنهن ڪري وڪيٽون آهستي آهستي ڪرنديون. هڪ طرف فاروق ستار ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي اڪيلو سر سنڀالي رهيو آهي ته ٻي طرف وري مصطفيٰ ڪمال به پنهنجا ڪمال ڏيکارڻ کان رڪجي ناهي رهيو، راءِ جا الزام ته ايم ڪيو ايم تي اڳ لڳائي چڪو آهي ۽ جلد سنڌ جي دوري تي به نڪرندو، مشرف جو پرڏيهه وڃڻ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڏڦيڙ به هڪ سڪي جا 2 پاسا لڳي رهيا آهن، هر هڪ اهو سوچڻ تي مجبور آهي ته ڇا پرويز مشرف ڏيهه اچي پنهنجي پارٽي اي پي ايم ايل کي سنڀاليندو يا وري ڏيهه ۾ رهي ٻين سياستدانن وانگر بيان پيو جاري ڪندو. آرمي چيف جي رٽائمينٽ ۾ اچي ڪجهه مهينا بچيا آهن، شايد ان کان اڳ سمورا مسئلا حل ٿي وڃن، جيڪڏهن مسئلا حل نه به ٿيا ته اهو سوال هر هڪ جي ذهنن تي آهي ته مستقبل ۾ ڇا ٿيندو؟ جنهن بابت شايد ڪنهن کي به خبر نه هجي. آرمي چيف جنرل راحيل شريف اڳ ئي اهو اعلان ڪري چڪو آهي ته هو رٽائرمينٽ جي مدي ۾ واڌ نه ڪرائندو. رهي ڳالهه ايم ڪيو ايم جي ته ان تي به تمام گهڻا بحث ڇڙي ويا آهن. هڪ طرف ايم ڪيو ايم قيادت تي راءِ جو ايجنٽ هجڻ جو الزام آهي ته ٻي طرف وري دهشتگرد تنظيم جو ليبل به لڳائڻ جي ڪوششن ۾ سندس پارٽي جا باغي اڳواڻ رڌل آهن. مصطفيٰ ڪمال ۽ انيس قائم خاني ته دهشتگردي ۾ ملوث ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي عام معافي جو به مطالبو ڪري چڪا آهن. ايم ڪيو ايم قيادت به گذريل ڏينهنپنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. جنهن مان لڳي پيو ته مصطفيٰ ڪمال کي وڪيٽون ڪرائڻ ۾ اڃا وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *