مستونگ سانحو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي پروپئگنڊا؛جاويد ابڙو

بلوچستان جي علائقي مستونگ ڀرسان کڏ ڪوچا واري علائقي ۾دهشتگردن هڪ ڀيرو ٻيهر قهري ڪارروائي ڪندي پشين کان ڪراچي ويندڙ مسافر بسن کي روڪي انهن ۾ سوار ٿيل 21 مسافرن کي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻين مسافرن کي اغوا ڪري جابلو علائقن طرف وٺي وڃي کين قيد ڪيو ويو، انهن مغوين جو انگ پڻ ايترو ئي ٻڌايو وڃي ٿو، اهو به چيو وڃي ٿو ته مسافرن کي قتل ۽  اغوا ڪندڙ شرپسندن جو انگ 20 کان 25 هو، جيڪي سيڪيورٽي فورسز جي وردي ۾ آيا هئا. هٿياربندن گاڏين ۾ سوار ٿيل مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا ۽ بعد ۾ 21  ڄڻن کي خون سان وهنجاري ڇڏيو ۽ باقي ٻين مسافرن کي گاڏين مان لاهي پاڻ سان گڏ کڻي ويا. هڪ طرف مستونگ ۾ دهشتگردن بسن ۾ سوار مسافرن کي گولين جو کاڄ بڻايو ته ٻئي طرف ساڳي رات لاهور ۾ قذافي اسٽيڊيم ۾ زمبابوي ۽ قومي ڪرڪيٽ ٽيم وچ ۾ مئچ جاري هو ته اسٽيڊيم ڀرسان ڌماڪو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽرئفڪ وارڊن سميت 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ علائقي ۾ ٿرٿلو مچي ويو، پر واقعي واري هنڌ ميڊيا جي رسائي روڪي وئي، ڇو ته ان ۾ئي بهتري سمجهي وئي، ڇو ته ڌماڪي واري خبر قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏندڙ پرڏيهي ٽيم جي ڪنن تائين پهچي ها ته يقينن خوف ۽ ڏهڪاءُ واري فضا برپا ٿئي ها.اسين بغور مطالعو ڪريون ته يقيني طور تي اها ڳالهه سامهون اچي ٿي ته آپريشن ضرب عضب مان بچي ويل ڪيترن دهشتگردن افغانستان ۽ ٻين وري بلوچستان جي جابلو علائقن جو رُخ ڪيو هوندو، آپريشن ضرب عضب، خيبر آپريشن ۽ ڪراچي آپريشن شروع ٿيڻ کانپوءِ مجموعي طور تي حالتون امن طرف وڌن پيون ۽ ملڪ ۾ لڳاتار دهشتگردي جي واقعن جو سلسلو گهڻي ڀاڱي رڪجي ويو هو، پر گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ڏسون ٿا ته ڪراچي ۾ اسماعيلي برادري جي ماڻهن کي قتل ڪرڻ کانپوءِ مستونگ واقعو وڏي دهشتگردي آهي، ضرب عضب آپريشن سان دهشتگردن جي نه رڳو ٺڪاڻن ۽ تربيتي مرڪزن کي تباهه ڪيو ويو آهي، پر اتي وڏي تعداد ۾ هٿ ايندڙ آپگهاتي جيڪيٽن، هٿيار  ۽ بارود ٺاهيندڙ فيڪٽرين کي پڻ تباهه ڪيو ويو آهي، جتان سکيا وٺندڙ دهشتگردن ۽ هٿيار سڄي ملڪ ۾ سپلائي ڪيا ويندا هئا، خيبرايجنسي ۾ به دهشتگردن جا وڏا ٺڪاڻا هئا، جتي پڻ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي تباهه ڪيو ويو آهي.اولهه قوتون پنهنجي خاص ايجنڊا تحت هن خطي ۾ موجود آهن، جيڪي آمريڪا جي سرپرستي ۾ پنهنجي مقصدن لا ءِ ڪم ڪري رهيون آهن، انهن ۾ ڀارت به شامل آهي، هونئن به وڏي عرصي کان پاڪستان وڏي واڪي چوندو رهيو آهي ته بلوچستان ۾ افغان رستي ڀارت مداخلت ڪري رهيو آهي، ان ڪري ئي دهشتگردي جا وڏا واقعا جنم وٺن ٿا، اهي ڳالهيون رڳو بيانن تائين محدود ناهن، پر ان جا ثبوت به مليا آهن، پر افسوس آهي ته عالمي برادري پاڪستان جي انهيءَ بيان جي اڃا تائين مثبت موٽ ناهي ڏني، ڪجهه هفتا اڳ ڪراچي ۾ صفوران چورنگي وارو سانحو پيش آيو، جنهن ۾ پڻ ڀارتي ايجنسي ”را“ جي ملوث هجڻ جا ثبوت مليا آهن، نه رڳو وفاقي گهرو وزارت پر عسڪري قيادت به اهو چئي چڪي آهي ته ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ پرڏيهي هٿ ملوث آهن،ڏٺو وڃي ته آمريڪا ڪڏهن به خطي ۾ خاص طور تي مسلم ملڪن ۾ استحڪام پيدا ٿيڻ ناهي ڏنو، اهو سبب آهي ته خطي جا ڪيترائي اهڙا ملڪ آهن، جن جي اندروني معاملن ۾ آمريڪا مداخلت ڪندو رهيو آهي ۽ اڄ انهن جو حشر اسين اکين ڏسي رهيا آهيون، اهو به واضح آهي ته آمريڪا خطي جي مختلف ملڪن ۾ مداخلت ڪري پنهنجا مفاد حاصل ڪندو رهيو آهي، عراق جو حال ڏسو ته رڳو بربادي ئي بربادي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، آفريڪا جي خوشحال ملڪ ليبيا کي غيرمستحڪم بڻايو ويو، اولهه قوتن بارود جي جنگ ڇيڙي افغانستان کي تورا بورا بڻائي ڇڏيو، هاڻي وري پاڪستان کي فرقيواريت جي جنگ ۾ ڌڪي ناڪام رياست بڻائڻ جي پوري پوري سازش ڪئي پئي وڃي، پر ملڪي قيادت دشمن عنصرن جي پروپيگنڊا کي ڪامياب ٿيڻ ناهي ڏنو.

گذريل ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارتي وزير دفاع هڪ بيان ڏنو، جنهن ۾ هن پاڻ اعتراف ڪيو ته دهشتگردي کي دهشتگردي سان منهن ڏنو ويندو، سندس اهڙي بيان مان واضح ٿي چڪو آهي ته اهي عنصر جيڪي پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهن، انهن جو لنڪ ڀارت سان ئي ملي ٿو، ڇو ته صفوران سانحي ۾ جيڪي جوابدار گرفتار ڪيا ويا، انهن مان هڪ ٻن دهشتگردن اهو ئي اعتراف ڪيو هو ته انهن ڀارت ۾ دهشتگردي جي تربيت حاصل ڪئي ۽ کين دهشتگردي ڪرڻ لاءِ پاڪستان موڪليو ويو. ڀارت جي دهشتگردي ۾ ملوث هجڻ جا چٽا ۽ واضح ثبوت ملڻ بعد قومي قيادت کي اهو مسئلو عالمي سطح تي کڻڻ گهرجي، مستونگ ۾ بس مسافرن کي ٽارگيٽ ڪلنگ جو نشانو بڻائڻ ڪو پهريون واقعو ناهي، اهڙي قسم جا پهرين به سانحا ٿي چڪا آهن، جن جو مقصد صرف ۽ صرف پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي سازش آهي، بهرحال، اهڙي قسم جي واقعن کان بچڻ ۽ مستونگ رستي ايندڙ ويندڙ مسافرن جي تحفظ لاءِ به هنگامي بنيادن تي قدم کڻڻ گهرجن.

فرقيواريت اهڙي بيماري آهي، جنهن مان نه رڳو پرڏيهي قوتون مستفيد ٿي رهيون آهن، پر ملڪ ۾ موجود ملڪ دشمن عنصر به ان مان ڀرپور فائدو کڻي رهيا آهن، جنهن سبب مستونگ ۽ صفوران سانحي جهڙا واقعا اسان جي ملڪ ۾ جنم وٺي رهيا آهن، ڪجهه ڏوهه ماضي ۾ اقتدار تي ويٺل اسان جي حڪمرانن جا پڻ آهن، جن ڊالرن عيوض آمريڪا جي مفادن خاطر ڪم ڪيو ۽ ان جو نتيجو اڄ به عوام ڀوڳي رهيو آهي. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت کي هڪ ٿي اهي هٿ ڪٽڻا پوندا، جيڪي ملڪ ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ملوث آهن، پاڪستاني قوم کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته غيرملڪي قوتون اسان کي هر طرح سان پاڻ ۾ ويڙهائڻ جي منصوبن تي عمل پيرا آهن، انهن غير رياستي عنصرن فرقيواريت جو رستو اختيار ڪري نه رڳو پاڪستان ۾ انتشار ۽ انارڪي پکيڙڻ جي سازش ڪئي آهي، پر ڪيترن ئي موقعن تي دهشتگردي جي وڏن واقعن ذريعي قوم جو خون وهايو آهي، فرقيواريت اهڙي لعنت آهي، جيڪا فڪري، نظرياتي ۽ اخلاقي وجود کي اڏوهي وانگر کائي رهي آهي، فرقيواريت کان بچڻ لاءِ قرآن پاڪ ۾ پڻ حڪم ڏنل آهي ته ” پاڻ ۾ تفرقو پيدا نه ڪريو“. اها ڳالهه طئي ڪرڻ گهرجي ته فرقيواريت جو علاج بهتر تعليم سان ئي ڪري سگهجي ٿو، باقي رهيو دهشتگردي جو مسئلو ته انهن شرپسندن جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکڻي پوندي، ان جنگ ۾ نه رڳو حڪومت، فوج، انٽيليجنس، قانون لاڳو ڪندڙن ادارن، عدليا، مذهبي عالمن کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، پر ان سان گڏوگڏ ميڊيا کي به اڳتي اچڻو پوندو.

ملڪ ۾ جيڪي به دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن انهن مان اها ئي ثابتي ملي ٿي ته دهشتگرد پرڏيهي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيا آهن، اسلام جي نالي تي معصوم ماڻهن جو رت وهائي ملڪ دشمن عنصر دنيا کي ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا؟ اها به حقيقت واضح آهي ته دهشتگرد دنيا ۾ پاڪستان جو اميج خراب ڪرڻ چاهين ٿا، لاهور ۾ سخت سيڪيورٽي باوجود ڌماڪو ڪيو ويو آهي، ان جي هر رُخ کان جاچ ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ان وقت ڌماڪو ٿيڻ، جڏهن پرڏيهي ٽيم گهڻي وقت کان پوءِ پاڪستان آيل آهي ۽ عالمي ڪرڪيٽ بحال ٿيڻ جون اميدون پيدا ٿيون آهن ته اهڙي قسم جا واقعا ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. يقينن پاڪ فوج ۽ ملڪ جي سمورا سيڪيورٽي ادارا دهشتگردن جو خاتمو آڻي ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي عزم تحت جنگ وڙهي رهيا آهن، ڇو ته پرامن ۽ محفوظ پاڪستان ئي خوشحال پاڪستان جي ضمانت آهي، آپريشن ضرب عضب جي ڪاميابي سان شهري علائقن ۾دهشتگردن خلاف فيصلائتي ڪارروائي لاءِ راهه هموار ٿي آهي، دهشتگردن خلاف جنگ ۾ ڪاميابي لاءِ ملڪي سيڪيورٽي ادارن سان گڏوگڏ قوم جو مڪمل سهڪار به ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *