مرويسون مرويسون سنڌ نه ڏيسون؛ سيد يار محمد شاهه

                         اوطاق ۾ اڄ هڪ ملنگ سنگت کي سوڙهو ڪيو ويٺو هو، چي “بابلا… جن پهرين محرم الحرام تي هڙتالون ڪرائي، امام جي مجلسن ۽ عزادارن کي پريشان ڪيو، ان سان لکين ماڻهو مجلسن ۾ نه وڃي سگهيا، درود پاڪ جيڪي ڪروڙن جي تعداد ۾ پڙهيا وڃن ها انهن کي به روڪيو ويو، ڪيترائي عزادار امام جي غم ۾ لڙڪ وهائين ها انهن لڙڪن کي ۽ غم حسين جي  مجلسن کي پهرين تاريخ تي ئي هنن جي رڪاوٽ وجهڻ کانپوءِ هاڻ منهنجو ايمان آهي، ته هيءَ تنظيم هاڻ ٻيو محرم نه ڏسي سگهندي. هن ڌرتيءَ تي اسلام نالي پناهه لاءِ ايندڙن کي، اسلام ۽ دين جي نالي ۾ هندن جون ڇڏيل ڪروڙن جون عمارتون ۽ زمينون جيڪي پهريون نمبر هيون، ڇو ته سنڌ ۾ هندو ئي ته خوشحال هوندا هئا، جن جا عاليشان وڏا محل ۽ مضبوط عمارتون  اڄ به ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ ٺاهرايل موجود آهن. وڏيرن جيڪي جاگيرون انگريزن جي غلاميءَ جي عيوض حاصل ڪيون اهي ئي انهن واڻين کي وڪرو ڪري ڏنيون ته، انهن کي زرخيز بنائڻ لاءِ به ته واڻيا سيٺ ئي ڏوڪڙ ڏيندا هئا، يعني سنڌين کي جيڪي سک هئا، جيڪا ڌرتيءَ جي سونهن شهرن ۾ بلڊنگون ۽ اندرين  سنڌ جي زراعت ۾ باغ هئا، ۽ اها خوشحالي سنڌ جي سرزمين جي پورهيت جي پورهئي سان سنڌ ڌرتيءَ جي خوشحال مالڪن ماڻي، اهي سمورا خوبصورت محل، زمينون ۽ جاگيرون مسلمان ڀائرن کي مفت ۾ هڪ “خطوني” جي چوٿي پني جي عيوض ڏيئي ڇڏيا، جن سندن موڪيلندڙن کين هتي قبضو ڪرائيندڙن، هاڻ انهن جي نسل جي واڌ ويجهه کي بارود ڏيئي باقي بچيل سنڌ ۽ وڪائو سنڌين کي به عهدا ۽ ڌمڪيون ڏيئي هاڻ هو سموري سنڌ تي قبضو ڪرڻ ٿا چاهين، کلم کلايو اسان کان پنهنجي ڌرتي ٿا ڦرين… سو امامن جي ڏينهن جي بي حرمتي ڪري، وري ٻئي ڏينهن پنهنجي خريديل مجبور سنڌين جي ڪانفرنس ڪوٺائي، انهن کي ڪوڙا دليل ٻڌائي، سنڌ جي ورهاست واري سازش کي تيز ڪري ٻن اکرن سان معذرت ڪري ڦٽن تي لوڻ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آهي. حالانڪه ميڊيا کي غور سان ڏسڻ وارن ڏٺو ته هو وڃي نوازشريف وٽ گوڏا کوڙي ويٺا ۽ پ پ ۽ زرداري جون کوڙ غلائون ڪيائون پر نواز شريف جيڪو ميثاق جمهوريت جي معاهدي ۾ زرداري سان ڦاٿل آهي تنهن پڻ چين ته وڃي زرداري کي راضي ڪريو.”

تڏهن مواليءَ آيل مواليءَ جي ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو ته “سنڌين کي ايڏو ڪمزور نه سمجهه، جڏهن پاڪستان ٺاهڻ لاءِ قائداعظم کي مليل انگريزن طرفان فائدن جي لسٽ سائين جي ايم سيد سورهيه بادشاهه کي ڏيکاريندي چيو ته انگريزن سان معاهدو ٿيندو ته سنڌ کي هي فائدا ملندا. تڏهن سائين جي ايم سيد کي سورهيه بادشاهه مرڪي چيو ته سيد بادشاهه ڪيڏا نه ساداماڻهو آهيو، انگريز ان جي عيوض ڌاريا هتي آڻي، وسائي، توهانکي اقليت ۾ آڻيندا اها سازش اوهانکي سمجهه ۾ نه ٿي اچي…؟؟؟ اها ڳالهه سائين کي ڏاڍي دير سان سمجهه ۾ آئي، جڏهن پاڪستان ٺهيو، ٺهراءُ پاڻ پيش ڪيائون، پر وزارتن جي اختلاف کانپوءِ سائين پاڪستان جي مخالفت ۾ جيڪي به تحريڪون هلايون، انهن ۾ ڪٿي به اهو نعرو نه لڳو ته “هي واپس وڃن  ۽ هو واپس اچن…” پر هنن جو اصلي پروگرام جڏهن واضع ٿيو آهي ته پوءِ اڄ ڪلهه ٻڌڻ ۾ آهي ته هندو واپس اچڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ لڏي ويل سنڌين کي جيڪي هاڻ ڪروڙن جي تعداد ۾ ارب پتي ٿي ويا آهن، پر وطن ڪونه اٿن، هاڻ هو پنهنجو ناڻو کڻي، اچي پنهنجي وطن سنڌ ۾ لڳائڻ ٿا چاهين، سنڌ جي پنهنجي ڇڏيل شهرن ۽ وسندين کي آباد ڪرڻ ٿا چاهين، ته پوءِ اسانجي قوم پرست تنظيمن جو به فرض آهي ته هو مالڪن جي موٽڻ ۾ ڀرپور مدد ڪن ۽ آيلن جا انگ اکر ۽ ڪوڙيون “خطونيون” حاصل ڪري، هندوستان وڃي “روانگي ڀيٽ” ڪن ۽ تصديق ڪن ته ڪهڙا اصلي ۽ ڪهڙا ڏوهاري موڪليا ويا هئا، جن هتي امن جي ڌرتيءَ وارن کي ايڏا ڏک ڏنا آهن جو هاڻ سنڌ جو ٻچو ٻچو ٿو چوي ته “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون”. جڏهن بلاول اهو نعرو هنيو ته سڄي ملڪ ۾ واهه واهه ٿي ويئي ۽ هنن جي پڇ کي تيلي اچي ويئي، جو خورشيد شاهه جي ڳالهه کي به هنن اشو بڻائي ڇڏيو، ٻئي طرف بلاول وري ڪشمير جي مسئلي لاءِ برطانيه ۾ جلوس ڪڍيو ته وري ان اشو کي دٻائڻ لاءِ عمران خان ۽ ٻين ادارن جي ڇاڙتن انهن ڪشميرين جي احتجاج جي خلاف حملا ڪيا، يعني هي قوتون سنڌين جي وجود جون ايڏيون دشمن آهن جو بلاول ڀٽو زرداري هاڻ سنڌ کانپوءِ ملڪي ۽ دنيا جي سطح تي اڀرندو ڏسي کيس سنڌي هئڻ جي سزا ملي رهي آهي، ته پوءِ هن به چيو هو ته اسانجي منزل آزاد سنڌ ۽ پاڪستان ۽ ڪشمير لاءِ شهادت ماڻڻ آهي، ۽ هاڻ وري دنيا جون منفي طاقتون بلاول کي برداشت نه ڪنديون، ان ڪري هاڻ سڀ شهيدن جي مهيني ۾ حق کي بچائڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ شهادت جي تياري ڪن.”

جهوني جوڳيءَ ٽهڪ ڏيندي چيو ته “ادا… هي سڀ هڪ سڪي جا ٻه پاسا آهن، ۽ هاڻ لوڪل باڊيز جي اليڪشن کي روڪرائڻ لاءِ هي اهو اهڙو ماحول  پيدا ڪري رهيا آهن، تازو بل جيڪو تڪڙ ۾ پ پ پاس ڪرايو آهي، ڪاش ان تي هنگامي بنياد تي عمل به ٿي وڃي ۽ سنڌين جي آدمشماري جيڪا سچي آهي، سا داخل ڪرائي پوءِ لوڪل باڊيز اليڪشن ڪرائجي، ڇو ته هن وقت صرف مهاجرن جي سپريم ڪورٽ جي چوڻ تي ڪراچيءَ ۾ سندن دٻاءُ تحت ٺاهيل آدمشماري موجود آهي، جنهن جي لاءِ هو چاهيندا ته ان تحت چونڊ ٿئي،

جنهن ۾ هنن جي ڄاڻايل ڪوڙن انگن اکرن موجب، اسان جا وڌيڪ شهر ۽ يونين ڪائونسلون به هو کڻي وڃڻ ٿا چاهين. ڌرڻا موومينٽ ناڪام ٿيڻ کانپوءِ قادري ته ڀڄي ويو پر عمران خان هڪ ته پٺاڻ ٻيو قد جو ڊگهو، الله عقل به زياده ڏنو اٿس، اهو چوي ٿو ته هاڻ اليڪشن ڪميشن جي آڏو خميس کان ڌرڻو شروع ڪندو. ڏيهي پرڏيهي دشمن قوتون ڪراچي ۾ داعيش جي چاڪنگ ڪري ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جون بحث مباحتن ۾ جهيڙو ڪرائي ماحول کي تيز گرم ڪندا اچن ۽ حلقه حلقه بلاسٽ به شروع ٿي ويا آهن.

خدا خير ڪري هڪ طرف محرم جو امن و امان ٻئي طرف نيلوفر سر تي بيٺي آهي جنهن جي سراج درانيءَ کي سمجهه ئي نه آئي ته اها مائي آهي يا ايندڙ طوفان… ملڪ کي ن ليگ جي پنجابي هئڻ مان جيڪو هن دور ۾ فائدو پهچي رهيو آهي، ڪاش قوم پرست ان مان فائدو وٺي سگهن، ڇو ته هاڻ پستول ڪلچر مهاجرن جي نوجوان نسل کان تعليم ڦري ڇڏي آهي، ۽ سنڌي نوجوان وڏيرن جي پٺيان ڊوڙي ڊوڙي ۽ ڪوٽا سسٽم جي آسري تي رهي رهي هاڻ بي حال ٿي، قلم کڻڻ تي مجبور ٿي پيو آهي، سو هاڻ پارٽي پرستي ۽ قوم پرستي اها آهي، ته اچو ته سنڌ بچايون، سنڌين جو نسل ۽ مستقبل بچائڻ لاءِ هر ضلعي ۾ بند پيل اسڪول کولرايون، استادن ۽ شاگردن جي حاضري يقيني بڻايون، هر ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ان ضلعي جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي ۽ ڊي او ايجوڪيشن کي منٿ ميڙ ڪري، بند پيل اسڪول کولرايون ۽ هاڻ هر گهر ۾ قائد اعظم، ذوالفقار علي ڀٽو، بي نظير ڀٽو، جي ايم سيد، سورهيه بادشاهه، بشير خان قريشي، دودا ۽ دولهه پيدا ڪريون. آصف ۽ ن ليگ، ايم ڪيو ايم ۽ ٻين پارٽين کي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مرضيءَ سان پئي هيٺ مٿي ڪندي، ڀلي زرداري صاحب خورشيد شاهه کي هٽائي اپوزيشن جي اڳواڻيءَ لاءِ اعتزاز احسن کي آڻي، ۽ سنڌ ۾ قائم علي شاهه جي جاءِ تي سائين مراد علي شاهه کي آڻي، پر سنڌين لاءِ “سنڌ جهڙي مائٽين تهڙي پيڪين”. هاڻ سياستدان جي آسري تي نسل جاهل ڪرڻ يا ڌاڙيل ۽ نشائي بنائڻ سان بغاوت ٿيڻ گهرجي، قوم پرستيءَ جي فلسفي سان صوفين جي امن جي پروگرام کي اڳيان آڻي ئي چوڻو پوندو ته “مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون” ورنه جنهن پروگرام تي اسان سڀني جو سفر جاري آهي اهو آهي آمريڪا، يهودي پروگرام سان داعيش هٿان مسلمان دنيا کي مسلمانن هٿان تباهه ڪرڻ.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *