مدي خارج رسمون ۽ تباهه ٿيندڙ زندگيون: علي وقاص سنديلو

قديم دور کان وٺي مرد، عورت کي قرباني ۽ مفاد طور استعمال ڪندو رهيو آهي، هڪ پاسي اڄ جي ترقي يافته ملڪن ۾ عورتن کي آزادي مليل آهي، عورتن کي سماجي آزادي کيس مڃتا، پيار جو احساس ڏيارڻ سان گڏ سندن معاشي، سياسي، سماجي مسئلن جي حل لاءِ رٿائون جوڙيون وينديون آهن، عورتن جي تحفظ لاءِ قانون جوڙيا ويندا آهن، سماج ۾ عورتن جي عزت، برابري، تحفظ ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءَ جاڳرتا پيدا ڪئي ويندي آهي، عورتون پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جون حقدار آهن، پنهنجي خاندان جي اهم فيصلن ۾ عورتن جي راءِ کي به شامل ڪيو وڃي ٿو، عورتن جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي ٿي ، اسلام توڙي عالمي قانون عورتن کي برابري جا حق ڏنا آهن ته ٻئي پاسي پاڪستان جي معاشري ۾ عورت جي مرضي جي ڪابه گنجائش ناهي، عورت جي خودمختياري کي ڪابه حيثيت نٿي مڃي وڃي.

سنڌ جي عورت کي صدين کان شعوري طور غلام بڻايو ويو آهي، عورتن کي مدي خارج رسمن جي ور چاڙهيو ويو آهي، اڄ جي ترقي يافته دور ۾ سنڌي عورتون پٺ تي پيل نظر اچي رهيون آهن، عورتون پراڻين ريتن رسمن ۽ پابندين مان آزاد نه ٿي سگهيون آهن، اسان جي سنڌي سماج ۾ سنڌي عورتن لاءِ ڪهڙي تبديلي آئي آهي ؟؟ سنڌ ۾عورتن جي پڙهڻ جي شرح 25 سيڪڙو آهي ۽ 75 سيڪڙو عورتون پڙهڻ کان محروم آهن. 25 سيڪڙو پڙهيل عورتن کي به اها آزادي ناهي ته هو پنهنجي مرضي جي تعليم ۽ هنر جي چونڊ ڪري سگهن يا پنهنجي وڏن پاران مڙهيل فيصلن خلاف ڳالهائي سگهن،  اسان جي سڀني شعبن تعليم، صحت، ثقافت، ڪاروبار جو 100 سيڪڙو ئي مردن جي هٿن ۾ آهي،  سٺي زندگي گذارڻ لاءِ، ٻارن کي تعليم جي زيور سان ليس ڪرڻ ۽ ان جي بهترين تربيت سان گڏ گهر جي معاشي مسئلن جي حل لاءِ انتهائي ضروري آهي ته ڇوڪرين جي تعليم تي توجهه ڏني وڃي، جيڪڏهن عورت پڙهيل لکيل با شعور هوندي ته هو پنهنجي ايندڙ نسل جي پالنا بهتر نموني ڪري سگهندي ۽ معاشري کي بهتر انسان ڏئي سگهندي پر هتي ائين ٿيندو آهي ته ڇوڪرين کي پڙهائڻ بجاءِ کين گهريلو ڪمن ڪارن ۽ پوءِ گهٽ عمر ۾ ئي شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌو ويندو آهي جنهن بعد ڇوڪري جي سموري زندگي عذاب ۾ تبديل ٿي ويندي آهي. گهٽ عمر جي شادي ڇوڪرين کان ان جا سمورا حق، رانديون، صحت، تعليم، محفوظ زندگي ۽ پنهنجي مرضي سان جيئڻ جو حق کسي ٿي ان جي صحت برباد ٿي وڃي ٿي ۽ اهو سڀ رڳو غلط روايتن جي ڪري ٿي رهيو آهي، افسوس جي ڳالهه اها آهي ته ڌيئرن سان ظلم ۽ ستم ۾ سندن والدين برابر جا شريڪ هوندا آهن جو ڌيئرن جي نه ٻڌندي سندس زندگي جا اهم فيصلا اهي پاڻ ڪندا رهندا آهن ۽ ڌيءُ کي ذهني ۽ جسماني تشدد ذريعي خاموش رکيو وڃي ٿو، ڌيئرن کي پئسن عيوض ڪنهن  به پوڙهي کي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا، پئسا وٺي ڪنهن به موالي کي وڪرو ڪري ڇڏين ٿا، ٻنيءَ جو سودو ڪري به عورتن کي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، پيءُ يا پٽن جي ڏوهن جو ڪفارو به عورت ادا ڪري ٿي.

اڄ به عورت جو سماجي قتل ٿئي ٿو، عورت کي قيدين جيان چار ديواري جي اندر رکيو وڃي ٿو، عورت جي ڪنهن به قسم جي فيصلي تي توجهه نٿي ڏني وڃي، ان جي شادي ان جي مرضي مطابق نه ڪرائي ان جي راءِ نٿي ورتي وڃي ۽ سندس خواهشن ۽ خوابن کي جيئري ئي دفن ڪيو وڃي ٿو، سندس صلاحيتون ٻاهر اچڻ کان پهريان ئي ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ قابليت کي نظرانداز ڪيو وڃي ٿو، مٿن جسماني توڙي ذهني تشدد ڪيو وڃي ٿو، انهن جي زندگين جا فيصلا اهي پاڻ نه پر انهن جا مرد ڪن ٿا، سندن مستقبل ڪاري اونداهه طرف ڌڪيو وڃي ٿو، پٽن جي خوشي ڏسندي ڌيءُ کي مٽاسٽا ۾ ڏنو وڃي ٿو، ڀوتارن، وڏيرن، پيرن ۽ ملن جا فيصلا عورت تي مڙهيا وڃن ٿا، سندس خوابن کي ڪچليو وڃي ٿو، مٽاسٽا جهڙين مدي خارج رسمن سبب عورتن جي زندگين سان رانديڪن جيان کيڏيو وڃي ٿو، جيڪڏهن عورت دانهن ڪري ته ڪهاڙيون کڄي وڃن ٿيون ۽ جيڪڏهن دانهن نه ڪري ته سندس زندگي هڪ قيد مان نڪري ٻي قيد ۾ داخل ٿي وڃي ٿي ۽ سندس آواز هميشه لاءِ ٻيهر دٻجي وڃي ٿو ۽ هڪ ٻئي ظلم جو سلسلو جو شروع ٿي وڃي ٿو. سنڌي عورت مٿان مرد جي غلاميءَ جي ڪاري رات جو قهر اڃا تائين جيئن جو تيئن جاري آهي.

دوزخ جي دونهين ۾ ساهه پنندڙ سنڌي عورت ڄمڻ کان وٺي پنهنجي چاهتن جي قرباني ڏيندي رهي ٿي، جيتوڻيڪ اسلام عورت کي اعليٰ درجو ڏنو آهي، اسلام ۽ عالمي قانون موجب به عورت مرد برابر آهي، تنهن باوجود سنڌ جي عورتن جي دل، دماغ، جذبن، احساسن، خواهشن سميت صلاحيتن تي به ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين مردن جي حڪمراني رهي ٿي. عورتن کي مدي خارج رسمن جي ور چاڙهڻ بند ڪيو وڃي، تعليم ذريعي بهتر معاشرو جڙي سگهي ٿو، عورت کي تعليم جي آزادي ڏيارڻ لاءِ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن کي پوري طرح فعال بنائڻ جي ضرورت آهي، عورتن کي پنهنجي حقن بابت آگاهي لاءِ عورتن جي تعليم انتهائي ضروري آهي ۽ تعليم يافته عورتن کي اڳتي اچڻ جي ضرورت آهي،  قوم جي ترقي جو راز تعليم آهي، معاشري جي هر مرد کي گهرجي ته هو پنهنجي نياڻين کي تعليم ڏياري سندن ضرورتون پوريون ڪري، انهن سان برابري جو سلوڪ ڪري، کين پنهنجي زندگي جا اهم فيصلا ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، عورتن کي سندن قابليت ۽ ۽ صلاحيتن کي ظاهر ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، عورتن جي حقن جي لتاڙ بند ڪئي وڃي، حڪومت کي گهرجي ته عورتن جي حقن جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف قانونن تي عملدرآمد ڪرائي جيئن عورتن کي جيئڻ جو حق ملي سگهي.

sandiloav@gmail.com

 

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *