متان تنهنجو ئي توکي لڳي ؛اياز لطيف پليجو

انتهاپسندي جو ڪينسر جيڪو امريڪا، ضياءَ، مشرف ۽ جهادين جي مهرباني سان ملڪ جي رڳن ۾ وانا، وزيرستان، سوات، باجوڙ سميت ٻين علائقن کان شروع ٿي پشاور، ڪوئيٽا، جهنگ، اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾  پکڙيو آهي. ان مرض جا ٺڪاڻا هاڻ سنڌ جي سپر هاءِ وي ۽ نيشنل هاءِ وي جي ٻنهي پاسن مضبوطيءَ سان ٻاڙي ٻاڙي تي بڻجي چڪا آهن ۽ اهي تمام تيزيءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن.

لطيف، سچل، سامي، روحل، چيزل، اياز، بخاري ۽ امر جليل جي سنڌ، ڪنهن به دور ۾ انتهاپسندي جي اثر ۾ نه رهي آهي. سنڌ ته صوفي مزاج، رواداري، امن ۽ ڀائپي جي روايتن جي امين رهي آهي، ان سنڌ جي شڪارپور ۾ دهشتگرديءَ جي ڀيانڪ واقعي سڀني سنڌ واسين کي لوڏي ڇڏيو آهي. سنڌ ڪرپشن، بک، بدحالي ۽ ٻين تباهين جو شڪار ته اڳ ۾ ئي هئي، پر انتهاپسندي سنڌ تي تمام وڏو حملو آهي. ملڪ جي اترين علائقن جي ماڻهن وانگر هاڻي سنڌ جي ماڻهن به چوڻ شروع ڪيو آهي ته ڪارونجهر کان ڪشمور تائين ڪٿي به ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. معصوم ٻار کان وٺي هر ماڻهو، درگاهه، عبادتگاهه، بازار، ٽرانسپورٽ دهشتگرديءَ جي نشاني تي آهن. ٻوڏ ۽ ڏڪار کان پوءِ سرڪار جي نااهلي ڪري خدمت ۽ خيرات جي نالي ۾ سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ انتهاپسنديءَ جو ٻج ڇٽي چڪا آهن.

شيخ اياز ۽ سامي جي سلوڪن جي شهر شڪارپور ۾  انتهاپسند دهشتگردن امام بارگاهه تي حملو ڪري معصوم ٻارن سميت 65 بيگناهه ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو. شڪارپور ناٽڪ منڊلين جو شهر هو. هي شهر سڄي سنڌ ۾ ناٽڪ منڊلين جو مرڪز رهيو آهي. ساميءَ جا جيڪي چار هزار سلوڪ ريسرچ ذريعي اڳيان آيا،  اهي هتي لکيا ويا. اڄڪلهه ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ سيلاني ۽ ٻين ماڻهن کي مفت ماني کارائڻ جا بندوبست ڪري وڏي ناماچاري ڪمائي آهي، پر پاڪستان کان اڳ سنڌ جي شاهوڪار شهر شڪارپور ۾  ادي داس تارا جي جيڪا هاسپيٽل هئي سا برصغير جي وڏي ۾ وڏي مفت علاج ڪندڙ هاسپيٽل هئي. مريضن کي دوا ۽ ماني ملندي هئي، مريضن سان گڏ ايندڙ تيماردارن کي به مفت ۾ ماني ملندي هئي. ان اسپتال ۾ پرڏيهه کان ڊاڪٽر آڻي علاج جا اعليٰ بندوبست هئا. برصغير جي ماڻهن جي اکين جو اعليٰ علاج هن اسپتال ۾ ٿيندو هو. هاڻي اکين جي علاج لاءِ پاڪستان جي ماڻهن کي سريلنڪا وڃڻو پوي ٿو، ڊونر سريلنڪا مان ڳولهڻا پون ٿا. ان زماني ۾ ٻاهران ماڻهو هتي ايندا هئا. سب ڪانٽينينٽ جو وڏو وڪيل رام ڄيٺ ملاڻي انڊيا جو وزير قانون شڪارپور جو هو. قوم، وطن، حسن، عشق پيار جي احساسن جي وڏي شاعر شيخ اياز جي جنم ڀومي شڪارپور آهي.

انسائيڪلو پيڊيا برٽينڪا ٻڌائي ٿي ته ورهاڱي کان اڳ هتي 70 گريجوئيٽ هوندا هئا ۽ باقي سڄي سنڌ به فقط 6 هوندا هئا. شڪارپور علم ۽ آگاهيءَ جو شهر رهيو آهي. ان شهر سان حشر ڏسي لڱ ڪانڊارجو وڃن ته سنڌ جيڪا امن، محبت، ڀائيچاري، مذهبي رواداريءَ جي ڌرتي آهي، ان کي انتهاپسندي ۽ بربادي جي ڪُن ۾  ڪيئن ڌڪيو پيو وڃي.

ملڪ ۾ هن تباهيءَ جو ٻج جنرل ضياءُ ڇٽيو، ان روس خلاف افغان مجاهد ٺاهيا، ان انتهاپسندي جي فصل کي پاڻي ليگ ۽ پيپلز پارٽي ڏنو. شهيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ جنرل نصيرالله بابر انهن افغان مجاهدين کي طالبان جو نالو ڏئي طاقتور بڻايو، جيڪي اڄ سڄي ملڪ سان گڏ امن، آشتي، رواداري واري سنڌ ۾ تباهيون پکيڙي رهيا آهن. 4 آمريڪي صدرن جو صلاحڪار رهندڙ بروس ريڊل پنهنجي ڪتاب ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته ”هڪ ڏينهن جنرل ضياءَ چيو ته  اسان کي حق آهي ته افغانستان ۾ اسان جي مرضي واري حڪومت هجي. اسان فرنٽ لائن جا خطرا کنيا آهن ۽ اسان هرگز اها اجازت نه ڏينداسين ته افغانستان پهرين واري صورتحال ۾ هجي، جتي ڀارت ۽ روس جو اثر رسوخ هجي ۽ اسان جي علائقن تي دعوى ڪن. افغانستان هڪ مڪمل اسلامي رياست هوندو، جيڪو اسلامي نشات ثانيه کي ٻيهر اجاگر ڪندو ۽ هڪ ڏينهن اسان روس جي اسلامي رياستن کي فتح ڪنداسين.“ ۽ پوءِ سڄي دنيا کي مسلمان ڪرڻ لاءِ انتهاپسندن ذريعي بمن ۽ دهشتگرديءَ جو سلسلو شروع ڪرايو ويو. افغانستان جي نالي ۾ هر ملڪ کان امداد ورتي وئي. اسرائيل کان خچر به ورتا ويا. آمريڪا ڊالرن جا مينهن وسائي ڇڏيا. وڏي تعداد ۾ هٿيار ڏنا. 1984ع تائين سي آءِ اي جنرل ضياءَ کي ساليانو 250 ملين ڊالر ڏيندي رهي. 1988ع تائين اها امداد 400 ملين ڊالرن تائين پهتي، چار ارب ڊالرن جو پيڪيج تيار ڪري ضياءُ الحق کي ڏنو ويو.

افغانستان ۾ ويڙهه جي ڪري 40 لک افغانين پاڪستان جو رخ رکيو. سڄي دنيا مان عرب، تاجڪ، ازبڪ گوريلن کي پاڪستان ۾ رهايو ويو. افغان شهر افغانين کان خالي ٿي ويا. فقط قنڌار جي آبادي اڍائي لکن کان گهٽ ٿي 25 هزارن تائين پهتي. افغاني پاڪستان جي شهرن ۾ ڦهلجي ويا. خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ قبائلي علائقا افغانين هٿان برباد ٿيندا رهيا. ڪلاشنڪوف، هيروئن ۽ ڊرگ ٽريفڪنگ ڪلچر بڻجي ويو. بروس ريڊل لکي ٿو ته ”جنرل ضياءَ جي دوستي امريڪي ڪانگريس مين چارلي ولسن سان ٿي. هو ان ڪميٽيءَ جو ميمبر هو، جيڪا سي آءَ اي کي خفيه آپريشن لاءِ پئسن جي منظوري ڏيندي هئي. چارلي ولسن 40 کان وڌيڪ پاڪستان جا دؤرا ڪيا. بروس ريڊل پنهنجي ڪتاب ۾ حيران ٿيندڙ انڪشاف ڪيو آهي ته ”جنرل ضياءَ چارلي ولسن کي ڳجهي نموني پاڪستان آرمي جي ’فيلڊ مارشل‘ جو درجو ڏنو هو.“ جنهن ڏينهن جنرل ضياءُ جو موت ٿيو، ان ڏينهن چارلي ولسن اوڇنگارون ڏئي رونو ۽ جنرل حميد گل کي هن چيو ته آئون اڄ يتيم ٿي ويو آهيان.

جنرل ضياءُ ته آمريڪي ڪانگريس مين کي يتيم ڪري ويو پر جنرل ضياءَ جيڪي امريڪي سي آئي اي جون پاليسيون، ڊالر ۽ هٿيار وٺي پاڪستان ۾ مڙهيون، انهن لکين پاڪستانين کي يتيم ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪوبه اهڙو ڏينهن خالي نٿو گذري، جنهن ڏينهن تي ملڪ جي ڪنهن حصي ۾ ڪا ماءُ، ڪا ڀيڻ، ڪا نياڻي، ڪو پيءُ، ڪو ڀاءُ يتيم نه ٿيندو هجي.

ان سڄي صورتحال ۾ اڄ جي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت جتي لاتعلق بڻيل آهن، اهو افسوسناڪ به آهي ۽ حيرت انگيز به. گذريل 7 سالن ۾ جيئن رنڪل، لتا ۽ آشا کان وٺي 13 سالن جي انجلي کي اغوا ڪيو ويو، جيئن ڪوٽ راڌا ڪشن ۾ شمع ۽ شهزاد کي جلائڻ کان پوءِ سنڌ ۾ مندرن ۽ ڪراچي ۾ چرچن تي حملا ٿيا. جيئن اهل تشيع، بورين ۽ آغا خانين کي سنڌ ۾ نشانو بڻايو ويو؛ ٿيڻ ته ائين کپندو هو ته ان صورتحال ۾ سنڌ حڪومت نه صرف سمورين امام بارگاهن، جماعت خانن، مندرن، مسجدن، چرچن ۽ درگاهن کي سيڪيورٽي ڏيندي، بلڪه اهڙا اپاءُ وٺندي ته خطري هيٺ آيل سمورن مظلومن کي تحفظ فراهم ڪندي، پر سيڪيورٽي ته پري رهي شڪارپور جا 40 سيڪڙو زخمي اسپتال ۾ ڪپهه، دوائون، ڊاڪٽر ۽ ايمبولينس نه هئڻ ڪري اجل جو شڪار ٿيا.

ان  ڀيانڪ صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ جي هر شهر ۾ سياسي ڪارڪنن، وڪيلن، واپارين، ليکڪن، صحافين ۽ پُرامن مذهبي ڪارڪنن تي مشتمل امن ڪميٽيون جوڙي دهشتگردن ۽ پرڏيهين جي نشاندهي ڪئي وڃي. ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ 9 اپريل، 12 مئي، 22 مئي، ڪارساز، نشتر پارڪ، بولٽن مارڪيٽ، شڪارپور، بلديه فيڪٽري جي سمورن دهشتگردن کي سزائون ڏنيون وڃن. مدرسن ۾ فقط دين جي، امن، محبت، رواداري، انسانيت واري پيغام کي پڙهايو وڃي ۽ نفرت وارو نصاب تبديل ڪيو وڃي. غير رجسٽرڊ مدرسا بند ڪيا وڃن. دهشتگرد، ڏاڙهي وارو هجي يا ڪلين شيو، جينس وارو يا شلوار وارو، مدرسي ۾ پڙهندڙ هجي يا ڪانوينٽ ۾ ان کي بي ريا سزا ملي. سنڌ ۽ ملڪ ۾ موجود سمورا پرڏيهي واپس روانا ڪيا وڃن ۽ نادرا ۽ پي ٽي اي کي فعال ڪيو وڃي. مذهبي نفرت ۽ اشتعال انگيز تقريرن، خطن، بيانن ۽ تجزين تي پابندي لڳائي وڃي. عالمي طاقتن جي ايجنٽ NGO`s ۽ جاسوسن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *